Jump to content

گل شڪر/ڳ

From Wikisource
328938گل شڪر — ڳ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۴۳۶ - ڳوٺ سئين، سا وهانوَ سئين.
سئين اکر جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو ڪم سڄي ڳوٺ جي ماڻهن سان ٿئي، سو وهانو جهڙو ڄاڻجي، يعني گهڻن سان گڏ ڏکي جي سکي جڙي اچي ته مٺي ڪري ڀوڳجي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:
مرگ انبوه جشني دارد. گهڻن سان گڏ مرڻ هڪڙو جُڃ آهي.

۴۳۷ - ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس.
هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جو ڪم ميٺ محبت سان ڇٽي سگهي، تنهن لاءِ تکو ۽ ڪؤڙو ڇو ڳالهائجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
چو کارت به نرمي برايد ز کس،
ضرورت نباشد به گرمي و بس. جڏهن ڪُنئرائيءَ سان ڪنهن مان ڪم ٿي سگهي، ڏاڍائيءَ جي گهرج نه آهي، ٻيو ڇا.
اهڙيء ڳالهه نمبر ۵۰۷ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.

۴۳۸ - ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽَڪي سندا موٺَ.
موٺ هڪڙي سادي جنس اَن جي آهي، جا گهڻو ڪري گهوڙا کائين. پهاڪي جي پيڙهه هيءَ آهي، جو هڪڙو ماڻهو ڪنهن کيپ تي ٿي ويو، تنهن کي هڪڙي مائٽ پاڻ لاءِ سوکڙي پاکڙي آڻڻ جو چيو، پر پيسو ڪو نه ڏنائينس. ٻئي مائٽ ٽڪو هٿ ۾ ڏئي چيس ته هن ٽڪي جا موٺ آڻج. جڏهن هو وري آيو، تڏهن پڇيس، ته جنهن رڳو وات سان چيو هوس تنهن کي سوکڙين جي نه ملڻ جون سچيون ڪوڙيون ڳالهيون ڪري ٻڌايائين؛ ته ٽڪي واري کي موٺ ڪڍي ڏنائين. تڏهن هڪڙي سالڪ هي پهاڪو چيو، يعني جو ڪم ناڻي ڏني ڇٽي، سو ڳالهين سان ڪاٿي ڇٽندو. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:
زرکار کند، مرد لاف زند. ناڻو ڪم ڪري، مڙس ٻٽاڪ هڻي.

۴۳۹ - ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي.
اکري معنيٰ هيءَ آهي، جو ڳڙ ڳوٿريءَ جي سونپ ۾ رهي ٿو، وڻيس کائي توڙي بچائي؛ پر ڳوٿري نِساهي آهي، سان کيندي ڪڄاڙو؟ تنهنڪري پهاڪي واري جو مطلب هي ٿو ڄاڻجي، جو توڪل ڪري پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپ، ته جيڪي وڻيس سو ڪري، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
خداوند عالم بکارش شفيق،
کسي را که باشد توڪل رفيق. ڌڻي اَن جي ڪم ۾ توه ڪري،
جنهن سان توڪل ساٿي.