گل شڪر/گهه
۴۴۰ - گهڻن زالين گهر نه هلي، گهڻين ڏاندين هر نه هلي.
هر ۾ ٻن ڏاندن کان واڌو ٻڌجن ته نه هلي؛ تنهن وانگي هڪڙي مڙس جي گهر ۾ هڪڙيءَ کان واڌو جويون هئن، ته گهر مان ٻائيتال نه وڃيس. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:
هڪڙو مڙس ٻه جويون پرڻيو هو، تن مان هڪڙي ماڙيءَ تي ۽ ٻي هيٺ گهر ۾ رهندي هئي، ۽ پاڻ واري تي وٽن ويندو هو. هڪڙي ڏهاڙي اُهو مڙس وڇائتيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ ويو. رات جو چور هڪڙو سندس گهر ۾ آيو، ۽ هري هري ماڙيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو. هيٺئين گهر واريءَ زال پنهنجو مڙس ڄاڻي سمجهيو ته ماڙيءَ واريءَ زال وٽ ٿو وڃي؛ تنهن پهاڄپي جي تعصب کان ڊوڙي پيرن کان ورتس. پر ايتري ۾ چور جو مٿو ماڙي جي مٿئين در وٽ آيو. تنهن کي ماڙيءَ واريءَ پڻ پنهنجو مڙس ڄاڻي سمجهيو ته متان وري پٺتي وڃي، تنهن تَتَ وهندي ڊوڙي ڏاڙهيءَ مان ورتس. چور ويچاري ڊپ جي ماري ڪڇيو ڪين؛ ۽ سڄي رات سور سهي لنگهايائين. صبح جو چور کي جهلي چبوتري تي نيائون؛ اُتي چيائين ته سچ چوري ڪرڻ لاءِ ويو هوس، تنهن بدران جيڪا جٺ وڻيو سان ڪريو؛ پر ٻه جويون نه پرڻائجوم؛ ڇاڪاڻ ته ٻهِ جوئي جي پاران رات هيتري جٺ ٿي اٿم. حاصل هي ته جڏهن ٻن جوين واري جو حال اهو، تڏهن گهڻين جوين واري جي گهر مان ٽمجَهڻُ ڪٿان ويندو؟
۴۴۱ - گهٽو ڌاريم اُن کي هٿان چري ڪپاهه.
هڪڙو نوڪر پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ ڌارجي، ۽ هو جيڪو پاڻي ڀري سو ته ڇڏ، پر مورڳو جيڪي اڳي پاڻي گهر ۾ هئي سو به ڪي پيئي، ٻيو هاري ڇڏي، ته اُهو نوڪر ڄڻ هن پهاڪي وارو گهٽو ٿيو. هنديءَ واري پڻ هڪڙو اهڙو پهاڪو چيو آهي:
الي لئي سنگ ٽهل ڪون ڪرن لگي رس راس:
ميندي راکي اُون ڪون بيٺي چري ڪپاس. ساهيڙي ٽهل لاءِ رکيم، سا اُٽلو لاڏ ڪوڏ ڪري ٿي؛
رڍ ڌاريم اُنَ لاءِ، مورڳي ڪپھ ٿي کائي.
۴۴۲ - گهر جو پير چلهه جو مارنگ.
مارنگ، ڪنهن مهل ڀترن تي دانگي يا ڪُنو رکي هيٺانس باهه ٻاري کاڄ جوڙي وٺجي تنهن ڀتر جو نالو. مطلب جو پير گهر ۾ يا ويجهو هوندو سو هر هر ڏسبو، تنهن تي ويساهه اهڙو ڄمندو جهڙو چلهه جي مارنگ تي. تنهن وانگي مائٽ يا دوست پڻ، جو هر هر گڏبو، تنهن سان محبت ٿوري رهندي.
۴۴۳ - گهوڙا ۽ پَٽُ، مُلا ۽ ڀَتُ؛ هو ڪشيا تا رسيا، هو نيان تا چٽُ.
هي پهاڪو عام ماڻهو گهوڙن جي ڦڙتائيءَ لاءِ چوندا آهن، جو گهوڙا جنهن پنڌ لاءِ سنڀايا، سو پنڌ ڪر نبريو. پر قافيه جي پورائيءَ ڪاڻ مُلن جو نالو پڻ آيو آهي، جو مُلا ماڻهو جاتي ڀت کائڻ ويٺا، سو ڀت پڻ ڄاڻ نبريو.
۴۴۴ - گهوٽ ماءُ کان به اهنر ماءُ تڪڙي.
گهوٽ يعني پرڻجڻ وارو مڙس؛ اهنر، گهوٽ جو ڀيڻيويو يا ڀاڻيجو. هندن جي ريت آهي، جو وهانو مهل اهنر گهوٽ جو پوءِ لڳ ٿي هلي؛ پر وهانو جي ڪم ۾ جتي ڪي گهوٽ ماءُ جو پروجن هوندو اتي اهنر ماءُ جو ڇا؟ ۽ جي اهنر ماءُ واڌو ڦڙ ڦڙ ڪندي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿيندو. جهڙو نمبر ۱۶۲ واري پهاڪي ۾ بيان ٿيو آهي، هن جو مطلب پڻ اهڙو آهي.
۴۴۵ - گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي.
جي گهڻو ۽ چڱو کائبو، ته به اُن وات کي سواد ايندو، ٿوريءَ ويرم کان پوءِ بس. پر جيڪڏهن ڪو چڱو رونشو يا ڪو ڪم ڏسبو، ته گهڻا ڏهاڙا ياد رهندو؛ تڏهن کائڻ کان ڏسڻ چڱو ٿيو يا نه؟ پر مطلب هيءُ آهي، جو گهر ڪنڊ ۾ ويهي کائي آرسي نه ٿيءُ؛ ٻاهر نڪر، گهم ڦر، ڌڻيءَ جا رنگ ۽ اچرج ڏس. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
تا به دکان خانه در گروي،
هر گز اي خام آدمي نشوي.
بَرو اندر جهان تفرج کن؛
پيش زان روز کز جهان بروي. جاسين گهر جي هٽ ۾ ڳهه پيو آهين،
اي ڪچا ڪڏهن ماڻهو ڪين ٿيندين.
وڃ جهان ۾ ۽ گهوم ڪر؛
جهان مان وڃين تنهن ڏهاڙي کان اڳي.
۴۴۶ - گهر ۾ کڏ هئي ته ٻُهر ٻاهر ڇو اُڇلجي.
سڀڪو ماڻهو ٻهاري پائي ٻُهر گهر کان ٻاهر اُڇلائي ٿو ڇڏي، پر جڏهن گهر ۾ ٻُهر رکڻ جي جاءِ هُئي، تڏهن ٻاهر ڇو اُڇلائجي؟ جيتوڙي هي پهاڪو ڪني ڪم جي وس ۾ آيو آهي، پر سندس سٺو مطلب هي آهي، جو هي ماڻهو ذات پاڪ ڌڻيءَ جي کي جو ٻاهر ٿو ڳولي، سا ڀل آهي. ڇا کان جو ڌڻيءَ جي جوت هن جي اندر آهي، تڏهن ٻاهر ڇو ٿو اَڌيڙا کائي. تنهن تي شاهه عبداللطيف پڻ فرمايو آهي:
نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.
۽ بابا نانڪ صاحب پڻ فرمايو آهي:
گهر ۾ ٺاڪر نه آوي، گل ۾ پاٿرلي لٽڪاوي. اندر ۾ ڌڻي نٿو ڏسجي، ڳچيءَ ۾ پاهڻ لڙڪائي ٿو.
۴۴۷ - گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو.
يعني گهر ۾ ويهي کائبو ته به گهر جو ناڻو، پر مطلب هي آهي، ته جاتي وڃبو، تاتي پنهنجو نصيب کائبو. تنهنڪري گهرجي، جو جيڪي ريهندو ڌڻي ڏي، تنهن تي سنجم ڪري گهڻي ٿيڻ لاءِ اجايو نه ڊوڙجي. جهڙو فارسي بيت آهي:
قناعت تونگر کند مرد را،
خبر ده حريص جهان گرد را. مڙس کي سنجم وهيون ڪري،
لوڀيءَ رول کي اها سڌ ٻڌاءِ.
۴۴۸ - گهوٽ ڪنوار راضي ته ڪوه ڪندو قاضي؟
جڏهن جوءِ مڙس جو، يا ڪن ٻين ماڻهن جو پاڻ ۾ جهڳڙو هئي، تڏهن نبيري لاءِ قاضيءَ وٽ وڃن، پر جي پاڻ ۾ ٺهيل هجن ته قاضي توڙي ٻئي ٽياڪڙ جي ڪهڙي گهرج؟ درويش لاءِ هي اشارو آهي، ته جڏهن ڌڻي پاڪ توتي راضي آهي، تڏهن تو کي ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي ڪاڻ؟ جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
چو راضي شد از بنده يزدان پاک،
گر اين ها نگردند راضي چه باک؟ جڏهن ٻانهي تي ڌڻي پاڪ راضي ٿيو،
جيڪڏهن هي راضي نه ٿيا ته ڇا ڊپ؟
۴۴۹ - گهڻي کٽئي کان مور ياد نه آهي.
هڪڙي ماڻهوءَ جي باغ کي ڦر گهڻو لڳي، سو ڦر جي گڏ ڪرڻ ۾ رڌو رهي، ۽ وڻن جي تات نه ڪري؛ يا هڪڙي ڍڳيءَ ۾ کير گهڻو هجي، هو کير جي سميٽڻ وچان ڳئون جي سنڀال نه ڪري؛ اهڙن لاءِ هي پهاڪو چوڻ ۾ ايندو آهي.
۴۵۰ - گهر ۾ غرقي به مس اٿس، دم هڻي ٿو ٺوڙهيءَ جو.
غرقي يعني ٻڏل اَنُ؛ ٺوڙهي، ڪڻڪ جي هڪڙيءَ اُچيءَ جنس جو نالو؛ يعني آهي سڃو، پر ڏيکاءُ شاهوڪاريءَ جو ٿو ڪري. پر درويش جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ مطلب هي آهي، جو جنهن جي اندر ۾ جوفو ۽ ٻيا دنيا جا ڌنڌا پيا هوندا ۽ ٻاهران فقيري بيک ۾ هوندو، تنهن جي فقيري ڪهڙي ڪم ايندي؟ جهڙو بابا نانڪ صاحب فرمايو آهي:
انتر اگن ٻاهر تن سواءِ،
گل پاٿر ڪيسي تري اٿاه. اندر ۾ باه، ٻاهران بت تي ڀڀوت،
ڳچيءَ ۾ پاهڻ، سمنڊ ڪئن ترندو.
۴۵۱ - گهڻ پيٽاري بکري، کائي ويئي جهار.
گهڻ پيٽاري يعني گهڻن جي ڀائيواري، بکري يعني پوک جي ٽُڪري؛ يعني جا پوک گهڻن هارين جي ڀائيواريءَ جي هوندي، تنهن کي سڀڪو ڄاڻندو جو ٻيو ڀائيوار سنڀاليندو؛ ايتري ۾ پوک جهار جي کاڄُ ٿيندي. تنهن وانگي هڪڙي ڏيهه ۾ گهڻا راجائون هجن، ته اُهو راڄ تڙي کڙي غنيم جي هٿ اچي.
۴۵۲ - گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري.
جڏهن هڪڙي اڏاوت جوڙڻي هئي، جا هڪڙو واڍو مهيني ۾ جوڙي سگهي، پر جي ڏهه واڍا مڙن، ته هٿ هٿ ڪري ٽن ڏهاڙن ۾ جوڙي ڇڏن؛ يا ڌرمائو ڪم جنهن ۾ هزار رپين جي گهرج هئي، سو هڪڙي کي ڏيڻ ڳرو ٿي پوي، پر جيڪڏهن سؤ (۱۰۰) ٻه سؤ (۲۰۰) ماڻهو گڏ ٿي ڦوڙي ڪري ڏين ته هروڀرو سولو لڳين. جهڙو هندي پهاڪو آهي:
پانچ سات ڪي لڪڙي ايڪ جني ڪا بوج. پنجن ستن جي لٺ، هڪڙي لاءِ ڀري.
۴۵۳ - گهڻن کنئي ڇپر کڄي.
هيءَ ڳالهه سچي آهي، جو جيڪڏهن گهڻا گڏ ٿي هڪڙي وڏي ڪم ۾ هٿ وجهن ته ڪري سگهن. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
هڪڙيءَ مند ۾ سرڪاري حڪم موجب نصير واهه جي کاٽي ٿي کڻايم؛ پر واهه ۾ لٽ گهڻو ۽ چڪڻ هو. جنهنڪري کاٽيءَ جو ڪم پورو ٿيڻ اهنجو هو؛ پر ڌڻيءَ جي ٻاجهه سان ستاويهه سؤ (۲۷۰۰) کامڙيا گڏ ٿي ويا، جو ٿورن ڏهاڙن ۾ گهڻو ڪم اُڪلائي وڌائون ۽ اميد هئي ته رهندو کهندو ڪم پڻ وهندڙي ئي نبري پوندو. ان وچ ۾ جناب خان بهادر آخوند حبيب الله صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر اُتي آيو، ۽ کاٽيءَ جو ڪم سڌريل ڏسي تپرس کائي چوڻ لڳو جو “گهڻا ڪر الله جا پٽ آهن، جيڪي ڪن سو ٿي سگهي.”