Jump to content

گل شڪر/الف

From Wikisource
328905گل شڪر — الف1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۱ - اُڻندو اُها، جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.
هي پهاڪو ظاهري واٽ ۾ ڪوريءَ جي اختياري ڏيکاري ٿو، جو جڏهن تاڃي اڳيانس پکڙيل آهي، ۽ پيٽي لاءِ نَڙو هٿ ۾ اٿس. تڏهن ڪپڙو گهاٽو اُڻي توڙي ڇڊو؛ ته مرضي سنديس. پر حقيقت جي واٽ ۾ مطلب هيءُ اٿس جو ڌڻي سڀ ڪم لاءِ سگهارو آهي. نه ڪنهن جي صلاح وَهيڻو، نه ڪنهن جو دلبو کائي. نه ڪنهن جو مٿس زور هلي، نه ڪنهن جي واهر گُهري. جيڪي وڻيس سو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

قادرا قدرت تو داري، هرچه خواهي آن کني،
مُرده را جاني به بخشي، زنده را بيجان کني،
شاهه را تاجي ستاني، آرزو ئي نان کني،
هر گدائي را که خواهي، آن زمان سلطان کني. اي ڌڻي! سگهارو آهين، جيڪي وڻيئي سو ڪرين،
مئي کي جيارين، جيئري کي مارين،
راجا کان ڇٽ کسي ان کي مانيءَ جو محتاج ڪرين،
جنهن پينار کي وڻيئي تنهن کي ان مهل راجا ڪرين.

۲ - اَبَ جو ڏنو ڪهڙي ڪم، جاسين رَبُ نه ڏيئي.
ابَ يعني پيءُ، رَبُ يعني ڌڻي. ڪي ماڻهو آرسي، پيءُ کي وهيون ڏسي، پاڻ دولت ڪمائڻ لاءِ پورهيو نه ڪن. ڀائين جو اها پيءُ واري دولت ورثي ۾ هٿ ايندي، سا بس آهي. ائين نٿا ڄاڻن ته ابي اُها ڪٿان آندي. هي پهاڪي وارو انهن کي ڇينڀ ڪري چوي ٿو، ته پيءُ جي دولت جو به آسرو نه ڪر ۽ پنهنجي ڪمائيءَ تي ڀاڙ. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:
ميراثِ پدر خواهي علمِ پدر آموز،
که اين مالِ پدر خرچ توان کرد به ده روز. جي پيءُ جو ورثو گهرجيئي ته پيءُ وارو علم سک،
جو هي پيءُ جو مال ڏهن ڏهاڙن ۾ خرچجي ويندءِ.

۳ - اندر اڇو نه ڪري، ڌُئي ٿو ڌاڳا.
ڌاڳا هن ملڪ جي فقيرن جو ويس آهي، جو مٿي تي ويڙهن، يا ڳچيءَ ۾ پائين، يعني جو ماڻهو پنهنجو اندر ڪوڙ ۽ ڪُپَت، دولاب ۽ ٺڳيءَ کان، ۽ ٻين بڇڙن لڇڻن کان پاڪ نه رکندو، ۽ رڳا ڌاڳا ڌُئندو، تنهن کي ڪيئن پاڪ ڄاڻبو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
بر زبان الله در دل گاؤ و خر؛
اين چنين تسبيح کي دارد اثر. ڄڀ تي الله جو نالو، دل ۾ ڏاند ۽ گڏههُ،
اهڙي تسبيح ڪهڙو ڳُڻ ڪندي.

۴ - اندر ٻِڏ ٻَهُون، ٻاهر آٽڻ اَنّ جو.
ٻِڏ، لاڙ ملڪ ۾ هڪڙي گاهه جي پاڙ آهي. جنهن جي ڏڪار ۾ ماڻهو اٽو ڪري ماني پچائي کائن؛ ٻَهُون معنيٰ گهڻي. آٽڻ سڪو اٽو، جو ڪڻڪ جي اٽي جي چاڻي کي ماني پچائڻ وير لائيندا آهن. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي: جو ٻِڏَ جي اٽي جي چاڻيءَ کي ڪڻڪ جي اٽي جو آٽڻ مکبو ته به اندريون سَوادُ ٻِڏَ جو ڪين مٽيندو. تهڙيءَ ريت ڪُلڇڻو ماڻهو پڻ جيڪڏهن ويس چڱو پهريندو، ته به سنديس عادت ڪين ڦرندي: اهڙو لباسي مثل ٻڏ آهي:
از برُون چُون گور ظالم پُر حُلل،
اندرون قهر خُداي عزّ و جل. ٻاهران ظالم جي قبر وانگي ڪپڙن سان ڍڪيل،
اندر ڌڻي تعاليٰ جو قهر.

۵ - انڌي وڃي ملتان لڌو.
ملتان جي هن ملڪ کان ٻه سا (۲۰۰) کن ڪوهه پنڌ آهي، تنهن ۾ انڌو ڪيئن پهتو؛ يعني پُڇندو ڏَسُ ٻڌندو ويو. پر مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو مرشد يا استاد کان پڇي ڏَسُ وٺندو، سو پنهنجي ڳوليل کي پهچندو؛ جهڙو گرو نانڪ شاهه جو وچن آهي:
سڻ سڻ انڌي پاون راهه. ٻُڌي ٻُڌي انڌو به واٽ لهي.

۶ - اهو ڪر، جو مينهن وسندي ڪم اچيئي.
مينهن وسندي، جو مطلب آهي ته گهرج مهل، يعني هلندي چلندي ۾ اهڙو خرچ ڪر، جو چاقائيءَ ناچاقائيءَ ۾ بک نه مرين. تنهن جو ارٿ هي آهي ته: ڪي کاءُ، ڪي بچاءِ. تنهن تي هڪڙي وڏي اشراف سردار جي زبانؤن هڪڙو ٽوٽڪو ٻڌو اٿم، ته ماڻهن جا لڇڻ ٽن طرحن جا آهن: هڪڙا نوراني، سي اُهي، جي پنهنجي ڪمائيءَ مان اڌ کان ٿورو خرچ ڪن، ۽ گهڻو بچائين؛ ٻيا انساني، جي اڌ کائين، اڌ بچائين؛ ٽيا حيواني، جي اڌ کان گهڻو کپائين، ٿورو رکن.

۷ - اُستاد جي مار سنوار آهي.
استاد جو ماريندو، سو رڳو سيکارڻ لاءِ، تنهن کان پاسو ڪرڻ نه کپي؛ سو ڇو ته فائدي واري دوا گهڻو تڻو ڪَؤڙي ٿيندي آهي. فارسي واري پڻ چيو آهي:
بادشاهي پسر بمڪتب داد،
لوح سيمينش در ڪنار نهاد،
بر سر لوح او نوشت به زر:
“جور استاد بہ ز مهر پدر”. راجا هڪڙو پُٽُ اسڪول ۾ ڏنو،
فرحي روپي ڪڇ ۾ ڏنائينس،
ان جي فرحيءَ تي سون سان لکيائين:
“استاد جو ظلم، پيءُ جي مهربانيءَ کان چڱو”.

۸ - اَنَ پَلي ذات ڀَلي.
پَلي اَنّ رکڻ جي شيءِ آهي، جا ٻهراڙيءَ جا ماڻهو گهرن جي اڳيان جوڙي منجهس اَن رکن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جنهن جي گهر ۾ اَن سان ڀريل پَلي آهي، تنهن کي وَهيون ڄاڻبو، ۽ وَهيون اڻ پُڇو مان وارو آهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
زردار را به مجلس در تنگ جا دِهند؛
بي زر اگرچه دور ولي دور تر ڪُنند. دنيادار کي مجلس سوڙهيءَ ۾ به جاءِ ڏين؛
نرڌن توڙي پري هئي ته هيڪاري پري ڪنس.

۹ - اَڻُ گهُريو ماءُ به پٽ کي ببو نه ڏئي.
هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڳالهائي بنا رڳيءَ ماٺ مان ڪو ڪم نه ڇٽي؛ تنهن لاءِ هندي پڻ شاهدي ٿو ڏئي:
مونتي ڪون سڀَوٽي *رهي،
بن بولي کُلي گهر ڪو نه ڪوارو. ماٺ مان ڪير مطلب کي پهتو،
ڳالهائي بنا پنهنجي گهر جو در به نه پٽجي.
 * سڀوٽي معنيٰ مطلب کي پهتل.

۱۰ - اڄاڻ کي مِصِري تهڙي ڦٽڪي.
جيتوڙي ڦٽڪيءَ جو رنگ پڻ مصريءَ جهڙو آهي، پر سَوادَ ڪري ٻنهي جي وچ ۾ وڏو ڦير آهي. اَڄاڻ ماڻهو سندن سواد کي نه سمجهي، ٻنهي کي هڪجهڙو ڄاڻندو آهي، اهڙو مثل هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
اَن جانت ڪُون پارداس * مصري ڦٽڪي ايڪ. اڄاڻ کي مِصِري تهڙي ڦٽڪي
 * پارداس، شاعر جو نالو.

۱۱ - اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽَري.
پهاڪي جو مطلب هي آهي: جو اڻ پُڄنديءَ وارو پاڻيهي به غريبيءَ سان هلندو، پر پڄنديءَ وارو جڏهن غريب ٿي هلي، تڏهن چڱو مڙس سڏجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
تواضع ز گردن فرازان نڪو ست،
گداگر تواضع ڪند خوي است. نياز وڏن ماڻهن کي چڱو آهي،
پينار جيڪڏهن نياز ڪندو ته اها هن جي عادت آهي.

۱۲ - اَهاري، وهنواري، ٽيون گهوٽ مُهاري، لڄا ڪري ته هاري
اهارُ يعني کائڻ، وهنوار يعني ڏيتي ليتي. مهارو؛ گهوٽ پرڻيل جي پهرئين رات جي سمهڻ جي جاءِ.
مطلب هي آهي، جو سياڻا چوندا آهن ته لڄ چڱي آهي، پر ان ٽن ڪمن ۾ لڄ ڪرڻ مرڳو گهاٽو آهي. تهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڌڻي جو ڳولو پڻ سنسار جا حجاب نه ڀڃندو ته ڌڻيءَ کي واصل نه ٿيندو.

۱۳ - آهِر کٽي اوبِڻي، رن وڃائي رَنبو.
آهِرُ جهنگلي ماڻهو، اوبڻي هڪڙي لوهه جي هلڪي شي دڪو ٻه تور آهي، جنهن تي زالو سٽ اوبين. رنبو، هڪڙو لوهه جو ڏو نِج آهي، جنهن سان گاهه کوٽجي. مطلب آهي ته جيڪڏهن مڙس ٿورو ڪمائيندو، ۽ سنديس زال گهڻو وڃائيندي، يا خرچ ڪندي، ته اهُو گهر ڪٿان وسندو. اهڙي ڳالهه نمبر ۴۷۲ واري پهاڪي ۾ پڻ آهي.

۱۴ - انڌي اڳيان آهِري، ڪَرَ تئو ٽنگيو آهه.
انڌي ماڻهوءَ جي اڳيان آرسي اهڙي آهي، جهڙو اڄاڻ جي اڳيان ڪتاب، سو ڪو ته نه انڌي کي آرسيءَ جو قدر، نه اڄاڻ کي ڪتاب جو مانُ. ان لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
مورک ڪُون پوٿي دئي باچِن ڪُون گُن گاٿَ؛
جيسي نرمل آرسي ديئي انڌ ڪي هاٿ. اڄاڻ کي ڳڻن جي ڳالهن پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيڻ اهڙو آهي،
جهڙي صفا آرسي انڌي جي هٿ ۾ ڏجي.

۱۵ - اَنڌ ڌُنڌُ نگري، چَرٻَٽُ راجا؛ ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا
ڀاڄي يعني سائو ساڳ جو سستي وکري آهي، کاڄا هڪڙو مهانگو ميوو آهي، سي ٻئي شيون هڪڙي اگهه وڪامڻ بي ويچاري ڳالهه آهي؛ تهڙيءَ ريت جنهن راڄ ۾ ڪُنياؤ هلي، تاتي لچ ۽ چڱي مڙس جو ڦير ڪو نه رهي. جهڙو هنديءَ واري به چيو آهي:
ڀلي بري جهان ايڪسي تهان نه بسئي جاءِ؛
جيون انياء پُر ۾ بڪي کَڙُ ڳُڙُ ايڪي ڀاءِ. جاتي چڱو مٺو هڪجهڙا تاتي وڃي نه رهجي:
جهڙو ڪنياء واري شهر ۾ کَڙُ ۽ ڳُڙُ هڪ اگهه وڪامن.

۱۶ - اوهو سون به گهوريو، جو ڪن ڇني.
هن ملڪ جون عورتون سونهن لاءِ ڪنن ۾ سون جا ڳهه پائينديون آهن، پر ڪنهن مهل ان مڻين جي بار سان سونهن بدران ڪن پچي يا ڇڄي پوندا اٿن. اهڙي زيان واري سون پائڻ جي هي پهاڪو گلا ڪري ٿو. يعني جو ڪم فائدي واسطي ڪجي، تنهن مان مورڳو گهاٽو پوي، سو ڪَمُ گهوريو. هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
ڪريئِي سُکَ ڪُون، هوءِ دُک، يه ڪھ ڪون سيان؟
وه سوني ڪُون جارھيي جا سُون ٽوٽي ڪانُ. ڪجي سک لاءِ ٿئي ڏک، اها ڪهڙي سياڻپ آهي؟
جنهن سونُ مان ڪن ڇڄن، تنهن کي ساڙي ڇڏجي.

۱۷ - اَڪن کان آما گُهري، ٻَٻُرن کان ٻير.
اَڪُ هڪڙو جهنگلي بڇڙو وڻ آهي، ۽ ٻَٻر هڪڙو ڪنڊن وارو وڻ آهي؛ تن مان آمان يعني انب، ۽ ٻير ڪٿان ملندا؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ڪم بڇڙا ڪري ڦل چڱو گهرندو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيندو! ان تي هنديءَ واري چيو آهي:
ڪري برائي سک چَاهي ڪيسي پاوي ڪوءِ.
روپي پيڙ بَبول ڪو انب ڪهان تي هوءِ؟ بڇڙائي ڪري سک گهرندو، سو ڪٿان لهندو،
ٻٻر جي وڻ پوکڻ مان، انب ڪٿان ٿيندو؟

۱۸ - اٽي ۾ لوڻ.
هن پهاڪي جي جوڙڻ واري جو مطلب هي آهي جو جيڪڏهن ڪنهن خير جي ڪم ڪرڻ لاءِ سچ سان ٿورو ڪوڙ گڏجي ته حرڪت نه آهي؛ جهڙو اٽي ۾ ٿورو لوڻ، شيخ سعديءَ چيو آهي:
دروغ مصلحت آميز بہ از راستي فتنه انگيز. صلح گڏيل ڪوڙ جهيڙي جاڳائڻ واري سچ کان چڱو.

جيتوڙي ته ڪي ڪم شعر جوڙڻ جا ۽ ٻيا اهڙا آهن، جن ۾ ڪوڙ جي گهرج رهي ٿي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو، جو اهڙين صورتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ موڪل ڏني هوندائون، نه ته آءٌ ڀانيان ٿو ته جڏهن گهڻو ڪوڙ بڇڙو آهي، تڏهن ٿورو ڪوڙ پڻ چڱو نه آهي.

۱۹ - آهر جي وڏائي، ڪُني پاٽ اُتي آئي.
آهر يعني جهنگلي ماڻهو، ڪُنو، پاٽ، ٺڪر جا باسڻ، جن ۾ غريب ماڻهو رنڌين ۽ کائن. مطلب هي آهي، جي جهنگلي غريب ماڻهوءَ کي ايترا وسلا گهر ۾ ٿيا ته به پاڻ کي هوند وارو ڄاڻندو؛ تهڙيءَ ريت ٽرڙي ماڻهوءَ کي ٿورڙي دولت هٿ لڳي ته پاڻ کي وڏو ماڻهو چوائيندو.

۲۰ - آمون، ڏهه گامون.
آمون يعني انب. هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو ڪري، مگر آرائين جو اصطلاح آهي، جو وڻ انب جو هڪڙو ٻئي کي ويجهو پوکجي ته وڏي هوندي سوڙهه جي سبب ڦر ٿورو ڪري؛ تنهن ڪري پري پري يعني ڏهن ڏهن وکن تي پوکڻ چڱو آهي.

۲۱ - انڌو کڏ تي چڙهي هنگي، چي؛ مون کي ڪو نه ٿو ڏسي.
ڀلا جيڪو کڏ تي چڙهي اگهاڙو ٿيندو، تنهن کي ڪيئن نه گهڻا ماڻهو ڏسندا! تنهن وانگي ڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کي لڪائين، پر لڪڻ بدران پڌري ٿي پوي. اهڙن ماڻهن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

۲۲ - اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.
اُٺ هڪڙو ڊگهو ۽ بيڊؤلو وهٽ آهي، سو جڏهن چاڙهيءَ لاهيءَ تان چڙهي لهي، تڏهن سوار کي اهنجو لڳي؛ تنهنڪري پهاڪي واري گلا ڪئي آهي. مطلب هي آهي جو لوٺئي ماڻهوءَ جي دوستي توڙي دشمني ته اُٺ جي چاڙهيءَ لاهيءَ وانگي دکدائڪي آهي.

۲۳ - انڌن جي وهانءِ، منڊا نچن، ٽنڊا پاين ڦيريون.
انڌن جو وهانءُ، منڊن جو نچڻ، ٽنڊن جون ڦيريون، هي سڀ ڳالهيون اڻ ٺهندڙ آهن. تنهن وانگي جاتي گهڻا لچ يا اڄاڻ، يا ولها گڏ ٿي پنهنجي لل يا عقل هوند کان وڏو ڪم رٿن، ته ڪٿان پوري پوي. اهڙن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي.

۲۴ - اُڻائي به ويئي تڻائي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه.
هي پهاڪو اصل هن طرح آيو آهي، جو آفيميءَ هڪڙي کي واٽ جي ڀرسان پيشاب ڪندي پنڪي لڳي ويئي. اوچتو ماڻهو اتان لنگهيو، تنهن سندس مٿي تان پڳڙي لاهي، ڪپهه جي پوڻي مٿس رکي. ذري کان پوءِ جڏهن پنڪي کليس، تڏهن پڳڙيءَ بدران پوڻي ڏسي، تپرس کائي هي پهاڪو چيائين: يعني ڪپهه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽُ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو پورهيو سڀ ويو؛ وري ڪپهه ٿي پيئي. جهڙو ڪي هڪڙو سرڪاري نوڪر ٿوري پگهار وارو چڱي نوڪري ڪري وڏي درجي کي پهچي، پر ڪنهن غفلت يا قصور جي سبب وري اڳوڻي ننڍي درجي واري پگهار تي وڃي.

۲۵ - اُٺ جي وات ۾ زيرو.
زيرو تمام سنهڙا داڻا آهي، ۽ اٺ جو وات وڏو، جو ٿلها گاهه چري؛ تنهن ۾ جي زيرو پوي ته جيڪر چٻڻ ۾ به نه اچيس. تهڙيءَ ريت، جو ماڻهو سير ان جو کايارو هوندو، تنهن کي دڪي اَنّ مان ڪهڙو ڍَو ٿيندو؟

۲۶ - اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
گهنڊڻي جو آواز تمام ننڍو آهي، ۽ اُٺ وڏو سگهو وهٽ آهي، سو جيڪڏهين ڪو ماڻهو اُٺ کي ڊيڄارڻ لاءِ پٺيان هڪڙي گهنڊڻي وڄائيندو، ته اُٺ کي ڇا ڪندو؟ تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:
هڪڙي ڇوڪر اُٺ تي چڙهي اُٺ جي ڊيڄارڻ لاءِ تاڙيون وڄايون، تڏهن اُٺ چيس، جو مون تي نغارا وڄن ته به نه ڊڄان، تنهنجي تاڙي ڇا ڊيڄارينديم؟ تهڙيءَ ريت هڪڙو نڀاڳو ماڻهو پنهنجي مطلب ڇٽائڻ لاءِ ڪنهن بختاور کي دڙڪائيندو، ته بختاور جو ڪهڙو ڀنجهرُ ڀُرندو.

۲۷ - انڌن آندو ٻلن چٽيو.
انڌو ماڻهو ڌُونري يا گيهه جهڙي يا اهڙي ٻي ڪا شيءِ گهر ۾ آڻي اگهاڙي رکندو، ته جائي ٻلي چٽي ويندي، تڏهن ڄاڻبو، جو ناڻو اجايو ويو. تهڙي ريت هڪڙو ٽرڙو ماڻهو گهڻو ناڻو ڪمائي، پڇاڙيءَ جي ڳڻتي نه ڪري، ٿوري ويرم ۾ اجايو خرچي وهندو، ته پوءِ گُهرج مهل ڏکيو ٿيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
ابلهي ڪه او روز روشن شمع ڪافوري نهد،
زود بيني ڪه اش بشب روغن نباشد در چراغ. جو اياڻو ڏينهن ڏٺي ۾ ڪافوري شمع ٻاريندو،
سگهو ڏسندينس، جو رات جو ڏئي ۾ تيل نه هوندس.

۲۸ - انڌي جي جوءِ جو واهي الله.
واهي الله، جنهن جو الله واهي هئي، تنهن کي ڪهڙو جوکو آهي؛ پر سنڌ ۾ هي اصطلاح آهي جو هڪڙو ٻئي کان گهري، اڳلو چويس جو الله ڏينديئي، ته ڄاڻبو جو ڪين ڏيندس. يا هڪڙو چوي جو فلاڻي جي گهر ۾ الله جو نالو آهي، ته ڄاڻبو جو ڪي ڪين آهي. تهڙيءَ ريت هن “واهي الله” جي لفظ جي معنيٰ هيءَ ڄاڻڻ گهرجي، جو واهي ڪو نه. پر مطلب هي آهي، جو جيڪو ماڻهو پنهنجي ذمي جي ڪم تي ڌيان نه ڪندو، ته جائي ڪم بگڙندو. تڏهن هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿيندو.

۲۹ - اُڀرندي تاءُ جنهن نه ڪيو، سو الهندي ڇا ڪندو؟
سج جڏهن اُڀرڻ ويل سوجهرو نه ڪندو، تڏهن لهڻ مهل ڇا ڪندو؟ تهڙيءَ ريت جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ للايِتو نه هوندو، سو وڏپڻ ۾ ڇا ٻوٽو ٻاريندو. اهڙي ڳالهه ۱۲۸ واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.

۳۰ - اڌ ڇڏي سڄيءَ پٺيان ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
هيءُ پهاڪو قناعت ڪرڻ لاءِ تاڪيد ٿو ڪري. هن ريت، جو ڌڻيءَ جي ڏني تي قناعت ڪري گذران ڪرڻ سياڻپ جو ڪم آهي. ڇا کان، ته جو لالچ ڪري ٿورو ڇڏي گهڻي پٺيان ڊوڙندو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيندو؟ ويتر اڳوڻي کي جوکو ٿيندس.

۳۱ - اڱر ڄاڻن لهرُ ڄاڻي.
جڏهن اڱر لوهار جي هٿ آهن، تڏهن ساڙڻ يا بچائڻ لاءِ وَس وارو آهي؛ تهڙيءَ ريت هن انسان جا سڀ ڪم ڌڻيءَ جي اختيار ۾ آهن. جيئن وڻيس تيئن ڪري. پهاڪي واري جو مطلب هيءُ آهي، جو تون پڻ پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپ، يعني توڪل ڪر.

۳۲ - انڌا رکن روزا، تڏهن ڏينهن به ٿين وڏا.
اگرچ پهاڪي وارو چوي ٿو ته انڌن جي روزي رکڻ مهل ڏينهن وڏو ٿئي ٿو، پر اها ڳالهه ٿيڻ جي نه آهي، ان جو مطلب هيءُ آهي ته نڀاڳو ماڻهو جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو، سو جيڪڏهن سَوَلو هوندو ته به اَوَلو ٿي پوندو.

۳۳ - اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها زبان ڇانوَ ۾ وهاري.
ڇانوَ ۽ اُس، اشارو مان ۽ بي مانائيءَ جو آهي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جو ماڻهوادب سان، يا مٺو، يا سچ ڳالهائيندڙ هوندو، سو آڌرُ پائيندو؛ ۽ بي ادبيءَ سان، يا ڪؤڙو، يا ڪوڙ ڳالهائيندو، سو بي مانو ٿيندو. هاڻي ويچار ڪرڻ گهرجي ته ٻن طرحن جي ڳالهائڻ لاءِ زبان هڪڙي، پر هڪڙيءَ طرح جي ڳالهائڻ جو ڦل هڪڙو، ۽ ٻيءَ طرح جي ڳالهائڻ جو ٻيو ڦل. تڏهن پهاڪي واري جو خيال برابر آهي.

۳۴ - اڳي به اَنُ هو، پوءِ به ٿيو اَن. ڪانو ۽ پن، ويو وچون ئي نڪري.
ٻج جي پوک ۾ پوي، سو اَنُ آهي. جڏهن پوک پچي لُبي ۽ ڳاهجي وائرجي، تڏهن وري به اَنّ ٿي رهي؛ پوءِ ڪانا توڙي پن ويندا رهيا. تنهن وانگي پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو انسان جو وجود اصلي خاڪ آهي، سو مرڻ پڄاڻا وري ته خاڪ ٿي ويندو؛ پوءِ هن دنيا جا ڌنڌا ڪاٿي ڪم ايندا. فارسي واري جو چوڻ آهي:
اي برادر چون عاقبت خاڪ است،
خاڪ شو پيش ازان خاڪ شوي. اي ادا جڏهن نيٺ مٽي ٿيڻو آهين،
تڏهن مٽي ٿيڻ کان اڳي مٽي ٿي رهه.

۳۵ - اڌارو ڏجي تنهن کي، جنهن کان گُهرجي نه، اڌارو وٺجي تنهن کان، جو گُهري نه.
اڌارو ڏيئي نه گهُرڻ، يا اڌارو ڏيئي نه گهرندو، هي ٻئي عجب جهڙيون ڳالهيون آهن. پر مطلب هي آهي، جو اهڙيءَ پت واري ماڻهوءَ کي اُڌارو ڏجي، جو گُهرڻ ڌاران پهچائي ۽ وٺڻ مهل اهڙي ڍاول کان وٺجي، جو گُهرڻ مهل ڏک نه ڏئي ۽ پاڻ اونو رکي پهچائي. ڏسو اهڙي صورت ۾ پڻ ٻنهي ڌرين کي گهرڻ جو ضرور ڪٿان رهندو. پر نج مطلب هي آهي جو پهاڪي وارو سُپت جو تاڪيد ٿو ڪري.

۳۶ - اَن جو واپار هس مان ڇلو، ڇلي مان هس ڪري.
هس، ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳرو مڻيو آهي، ۽ ڇلو آڱر جي پائڻ جو هلڪو ڳهه آهي. پهاڪو اَن جي واپار جو حال ٿو ڏيکاري ته منجهس واڌو به گهڻو، گهاٽو به وڏو. جهڙو فارسي مثل آهي:
يا گنج برگيري، يا در تلاطم امواج بميري. يا خزانو لهين، يا لهرن جي ڌڪاون ۾ مرين.

سو ڪو، ته ان جو اگهه ڪڏهن ڏهه رپيا خرار جا، ڪڏهن سؤ رپين خرار جو پڻ ٻڌڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي. پوءِ جنهن واپار جي اگهه ۾ ايترو ڦير گهير ٿئي، تنهن لاءِ پهاڪي واري جو چوڻ سچو آهي.

۳۷ - آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن، سياري جي آڌي رات، شال نه ٿئي هنگڻ تات.
هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، مگر هي ٽيئي، مهلون ٽوري تي وڃڻ ڏاکڙو آهي؛ يعني ڪُمهلو ڪم سڀڪو دقت ڏيندڙ آهي.

۳۸ - اُٺ پوڙهو ٿيو، ته به مُٽڻ نه سکيو.
ٻيو سڀڪو جانور پيشاب اڳتي ڪري، رڳو اُٺ اُبتڙ اُن جي پوءِ ڏي مُٽي. تنهن لاءِ سياڻن هي پهاڪو چيو آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي، ته جو ماڻهو وڏتڻ تائين علم يا عقل نه سکي، سو پڻ هن پهاڪي جو مُهاڏو آهي. جهڙو فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:
گوسالهءِ ما پير شد و گاؤ نه شد. گابو اسان جو پوڙهو، پر ڏاند نه ٿيو.

۳۹ - اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائيندو، تنهن کي منهن ۾ پوندي.
هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر مطلب سندس هي آهي ته جيڪو پاڻان ڏاڍي سان وڙهندو، سو پاڻ کي مارائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
هرڪ با بزرگان سِتيزد، خون خود بريزد. جيڪو ڏاڍن سان وڙهي، سو رت پنهنجو هاري.
ان ڳالهه تي هندي پهاڪو پڻ آهي.
سُر سنڌي آڪاس ڪُون، ڦر ماٿي آوي. تير هڻي اُڀ ۾ ته وري مٿانس اچي.

۴۰ - اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.
ڀريون ڍوئيندا، يعني مزوري ڪندا. اها ڳالهه پڌري آهي ته پڙهيل ماڻهو نوڪريءَ يا واپار مان، يا ٻي ڪرت مان سو (۱۰۰) ۽ هزار (۱۰۰۰) ڪمائي سگهي، جنهن مان سکيو دم گذاري؛ ۽ اڻ پڙهيل کي مزوريءَ بنا ڪهڙي واهه؟ تنهن لاءِ هي پهاڪو علم پڙهڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو ته علم ڌاران مزدوري ڪرڻي پوندي. تنهن لاءِ فارسي وارو پڻ چوي ٿو:
مياموز جز علم گر عاقلي،
ڪ بي علم بودن بود غافلي. نه سک علم بنا جيڪڏهن سياڻو آهين،
ڇو ته علم ري هئڻ غفلت آهي.

۴۱ - اياڻو چوي سياڻو ويڃائي.
جڏهن اِياڻو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪري جا گمان جهڙي هئي، يا ويسہ جهڙي نه هئي، تڏهن سياڻي کي ويچار کان پوءِ وسهڻ گهرجي. سو ڪوه، ته جيڪڏهين اياڻو ٻٽاڪ هڻي چوندو، جو هاٿي ڪري پيو هو، تنهن کي ٻلي گِهِري ويئي، تنهن تي سياڻو وسهندو، ته سياڻپ ۾ ڦير اٿس، تنهن لاءِ هندي وارو به چوندو آهي:
نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري. اياڻو چوي سياڻو ويڃائي.

۴۲ - اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا، او چرن پٽ، ته او چرن ٻيلا.
اُٺ ۽ مينهون پاڻ ۾ هم جنس نه آهن، هن جي جوءِ چرڻ جي پٽ، ۽ هن جي جوءِ ٻيلو، تنهنڪري پاڻ ۾ سنگت نٿي ٺهين. مطلب هي آهي ته ناجنس جي صحبت ڪنهن کي به نٿي وڻي.

۴۳ - اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.
معنيٰ هن پهاڪي جي سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. مطلب هي آهي جو لچ ماڻهوءَ سان دوستيءَ مان زيان، ۽ دشمنيءَ مان به زيان؛ سياڻا چوندا آهن لچ جي صحبت ۽ ڪتو ڌارڻ هڪجهڙا آهن. هن ڪري، جو ڪتو خوش ٿئي ته ٻوٿ چٽي، جي ڏمرجي ته ڄنگهون ڦاڙي؛ جهڙو سمن شاعر هنديءَ ۾ چيو آهي:
سمن پريت سُوانَ ڪي دونون باتين دُکُ؛
کيجي ته ڪاٽي پاوڪُون، ريجهي ته چاٽي مُک. ڪتي جي دوستيءَ مان ٻن طرح ڏک آهي،
ڏمرجي پير ڦاڙي، ريجهي ته منهن چٽي.

۴۴ - اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي.
وٽ کٽيو کائڻ يعني تور ۾ گهٽ ڏيڻ. مطلب پهاڪي جو هي آهي ته واپار جي ڪم ۾ اگهه مهانگو يا سهانگو وڪڻڻ واپارين جو ڌرم آهي. پر ڪي دولابي واپاري اگهه سهانگو ٻولي وَٿُ کوٽي وٽ سان توري ڏين. اهڙن دولابين کي ٽوڪي ٿو.

۴۵ - انبان ٻور، ڪلالان لاها.
لاها يعني کٽيو، هن پهاڪي مان نرالو مطلب ڪو نه نڪري ٿو؛ مگر هيءَ ڳالهه پڌري آهي ته انب جي وڻ ۾ پهريائين ٻور گهڻو ڏسجي، پر نيٺ انب منجهس ڪي ٿورا رهن. تنهن وانگي ڪلال جي اُپت پڻ پهرين گهڻي ڏسجي، پر اوڌر سوڌر ۾ هارجي ويرجي ٿوري رهي.

۴۶ - اڳياڙي تڏهين سُرهي، جڏهن پڇاڙي سُرهي.
مطلب هي آهي ته، جڏهن ڪنهن سان دوستي رکجي، تڏهن گهرجي جو پڇاڙيءَ تائين نباهجي، ۽ جيڪڏهن اڳياڙيءَ ۾ دوستي رکي پڇاڙيءَ ۾ ڪُلال ٿبو، ته اڳياڙيءَ جي چڱ-مڙسي پڻ ويندي رهندي. اُٽلو بڇڙائي ٿي ڳڻبي. تنهن لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي:
پريت ڪري پاڇي ڦري پاپي ڪهيئي سوءِ،
 * ناڌا نيهن نه ڇوڙيئي جا هوڻي سا هوءِ. دوستي رکي پوءِ ڦري، سو پاپي چئجي،
ناڌا دوستي نه ڇڏجي، پوءِ جا ٿيڻي هئي سا ٿئي.
 * ناڌا، شاعر جو نالو.

۴۷ - انڌ وَٺُ، منڊِ وَٺُ، پر ننڍ وَٺُ.
انڌ يعني انڌو وهٽ، منڊ يعني منڊو وهٽ. هي پهاڪي وارو انڌي ۽ منڊي وهٽ کان پڻ پوڙهي وهٽ جي وڌيڪ گِلا ٿو ڪري. سو اها ڳالهه وسهڻ جهڙي آهي. اهڙو ذڪر پهاڪي نمبر ۲۲۶ واري ۾ پڻ آيو آهي. ۽ فارسي واري پڻ چيو آهي:
طرب نوجوان ز پير مجو،
که دگر نايد آب رفته به جو،
زرع را چون رسيد وقت درؤ،
نخرامد چنانڪ سبز نوء. جواڻ جي خوشي پوڙهي کان م ڳول،
جو گٺ مان ويل پاڻي نه موٽي.
پوک کي جڏهن لاباري جي مهل اچي،
تڏهن تازي سبزي گهاءِ ڪڏهن نه ٽلي.

۴۸ - اُکرن ۾ مٿا وجهن، سي مُهرن کان نه ڊڄن.
اُکري هڪ ڪاٺ يا ٺڪر جي پوري شي آهي، جنهن ۾ اَن ڇڙجي؛ مهري ڪاٺ جي ڊگهي شيءِ آهي، جنهن سان اُکريءَ وارو اَن ڪُٽجي. مطلب هي آهي، جو جيئن ڪو ماڻهو هرڻ جو شڪار ڪري، ۽ اس يا اڃ کان ڊڄي، يا مڇيءَ جي شڪار وارو ٻڏڻ کان ڊڄي، يا راجا جنگ کان ڊڄي، تيئن ڌڻيءَ جو ڳولو زماني جي ڏک ڏاکڙي کان ڊڄي، مطلوب کي ڪٿان پهچندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
فدائي ندارد ز مقصود چنگ،
اگر برسرش تيغ بارند و سنگ. عاشق پنهنجي گهربل کان هٿ نه ڪڍي،
توڙي مٿس تراريون ۽ پاهڻ ڪري وسن.

۴۹ - اُٺ پنهنجي مٽ ۾ ترڪي.
اُٺ جا پير اهڙا ترڪڻا آهن، جو گهڻا ڀيرا سندس مٽ ۾ سندس پير ترڪندا ڏسڻ ۾ آيا آهن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڪلڇڻو ماڻهو پنهنجي لڇڻ کان پاڻ بڇڙو ٿئي، تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
اگر زدستِ بلا بر فلڪ رود بدخو،
ز دستِ خوءِ بدِ خويش در بلا افتد. ڪلڇڻو بلا کان ڀڄي جي اڀ ۾ وڃي،
پنهنجي بڇڙن لڇڻن جي هٿان بلا ۾ پوي.

۵۰ - اٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي؟
اُٺ وڏو وهٽ آهي، تنهن کي ڪو چورائي پکي ۾ لڪائيندو ته ڪاٿي لڪندو. تنهن وانگي جا ڳالهه پڌري گهڻن ڪنن تي پيل هوندي، سا ڪئن ڪو لڪائي سگهندو؟ جهڙو فارسي واري چيو آهي:
نهان ڪَي ماند آن رازي، ڪز و سازند محفلها. اهو ڳجهه ڪٿان لڪي، جنهن جون مجلسون ڪن.

۵۱ - آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.
هن پهاڪي جي ظاهري معنيٰ هيءَ آهي، جو پرائي گهر ۾ ٿوري ڪم لاءِ اچي، گهر جو دعويٰ دار ٿي ويٺو. جهڙو فارسي وارو پڻ چوي ٿو:
آمد براءِ اخگر چون مطبخ نشست. آئي ٽانڊي کي بورچاڻي ٿي ويٺي.
پر مطلب هي آهي، جو هيءَ دنيا پرائو گهر آهي، تنهن ۾ ماڻهو رڳو عبادت لاءِ آيو آهي؛ اهو ڪم ڇڏي پاڻ کي گهر جو ڌڻي ڄاڻي ويٺو آهي. ۽ فريد صاحب جي هن سلوڪ کي نٿو سمجهي:
چار گنوايا هنڊڪي، چار گنوايا سُمهه،
ليکا ربُ مڱيسين، تون آيون ڪهڙي ڪم؟ چار پھر ڌنڌي ۾ وڃايئي، چار پهر ننڊ ۾ وڃايئي،
حساب ڌڻي گهرندءِ، آئين ڪهڙي ڪم؟

۵۲ - اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
لاڻو هڪڙو جهنگلي گاهه آهي جو اُٺ کي چڱو لڳي؛ ماڻو يعني ناز. هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪو نه ٿو نڪري، مگر جهڙيءَ طرح پهرين ٽن کي ٽي شيون چڱيون آهن، تهڙي ريت محبوب کي پڻ ناز چڱو آهي. خصوصاً فارسيءَ واري محبوب ۽ ناز کي ابجد جي ليکي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي:
محبوب اکر م ح ب و ب ڪل تعداد
ابجد/ انگ ۴۰ ۸ ۲ ۶ ۲ ۵۸
ناز اکر ن ۱ ز
ابجد/ انگ ۵۰ ۱ ۷ ۵۸

۵۳ - اڳين پاڻي، پوين چِڪَ.
ڪنهن تلاوَ ۾ پاڻي ٿورو هجي، ۽ اُتاهون ڌڻ يا لشڪر گهڻو اُڃايل لنگهي، ته جيڪي اڳي هوندا سي پاڻي پيئندا، جيڪي پوءِ هوندا اهي چِڪ چٽيندا. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو ڦڙتائيءَ جو سعيو ۽ آرس جي گلا ٿو ڪري. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
ڪه آفتهاست در تاخير طالب را زيان دارد. ته دير ۾ آفتون آهن، ڳوليندڙ کي ڇيهو آهي.

۵۴ - انڌو هاٿي لشڪر جو زيانُ.
لشڪر ۾ هاٿي هئڻ چڱو آهي، پر جي هاٿي انڌو هوندو ته واهر بدران سندس لتڙ ۾ لشڪر لتاڙجي مرندو. تهڙيءَ ريت ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪم سڌارڻ لاءِ ڏبو ۽ هو اڄاڻ هوندو ته سڌارڻ بدران بگاڙي ڇڏيندو.

۵۵ - آهُر جي آسري جهنگ نه چنائون.
آهر، ڍڳا يا اُٺ ۽ ٻيا پاليل وهٽ جهنگ ۾ چرڻ وڃن، تن جي رات جي چرڻ لاءِ سندن ڌڻي ڏارو، يا کڙ، ڪتر تيار ڪري رکن، تنهن کي آهُر چئجي. پر جهنگ ۾ گاهه چرڻ وهٽ جي وس آهي. ۽ آهر جوڙي رکڻ ڌڻيس جي وس. جڏهن ڪو آهر جي لالچ دل ۾ رکي جهنگ ۾ گاهه نه چرندو، ۽ بکائجي گهر ايندو، ۽ ڌڻيس به آهُر نه جوڙيو هوندو ته بک مرندو يا نه؟ تنهن وانگي جو ماڻهو پنهنجي وس وارو فائدي جو ڪم پرائي وس واري ڪم جي آسري تي سيڙائيندو، سو فائدو ڪٿان پائيندو؟

۵۶ - اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي.
اڳڙي پوڻ يعني ڳنڍ پوڻ، اُڀ ڦاٽڻ يا اُڀ ڦاٽي گي ڳنڍ وجهڻ نه ٿيڻ جي ڳالهه آهي. تڏهن پهاڪي جو مطلب هي سمجهڻ گُهرجي ته جنهن ڪم جو ٿيڻ يا جنهن ڪم ٿيڻ واري جو دفع ٿيڻ ناممڪن هئي، تنهن لاءِ ڳڻتي نه کائجي. تنهن لاءِ هڪڙو نقل ياد آيو آهي:
نقل
هڪڙي ماريءَ جهرڪي ڦاسائي ان کي ڪُهڻ جو ارادو ڪيو، جهرڪيءَ چيس ته مون مان اڌ دڪو گوشت نڪرندو، تنهن مان ڪهڙو ڍَؤُ ٿيندءِ؟ آءٌ توکي ٽي نصيحتون چونديس، پر هڪڙي تنهنجي هٿ ۾ چونديس، ٻي جڏهن ڇڏيندين تڏهن وڻ تي ويهي چونديسانءِ، ۽ ٽين وڻ تان اڏامڻ مهل. ماريءَ اها ڳالهه مڃي. جهرڪيءَ چيس: جو جيڪا ڳالهه ٻُڌِ ۽ عقل جي قياس کان ٻاهر هئي ته نه وِسهِج. تڏهن ماريءَ ڇڏي ڏنس. جهرڪيءَ وڻ تي ويهي چيس ته جو ڪم هٿان نڪري وڃي ۽ وري هٿ اچڻ جو نه هجي ته ان لاءِ ارمان نه کائج؛ ايترو چئي جهرڪي روئڻ لڳي ۽ ماريءَ جي حال تي ارمان کائي چيائين ته منهنجي پيٽ ۾ ٻه دڪا تور هيرو آهي؛ جيڪڏهن هٿ اچيئي ها ته ڄمار لاءِ ڍَوَ هجي ئي ها. اها ڳالهه ٻڌي ماريءَ هٿ مهٽي ارمان کاڌو. تڏهن پکي اڏاڻو. تنهن کان باقي ٽين نصيحت پڇيائين، تنهن چيو جو ٻن ڳالهين توکي اثر ڪو نه ڪيو، هن ريت جو اڌ دڪي تور پکيءَ جي پيٽ ۾ ٻن دڪن تور وارو هيرو ڪٿان ماپندو؟ تنهن تي وسيھ ڪيئي، پر جي هجا ها ته به اڏاڻي کان پوءِ وري هٿ اچڻ جو نه هوس، تنهن لاءِ ارمان کاڌُءِ: تنهن ڪري تو جهڙي ماڻهوءَ کي باقي نصيحت چوڻ ڪار نه آهي.

۵۷ - انبن جون سڪون به ڪي انبڙين مان لهن.
انب هڪڙو پڪو ميوو آهي؛ تنهن جو سواد انبڙيءَ مان ڇا ايندو، جا کٽي ۽ ڪچي؟ جهڙوڪ، ڪڻڪ سڀ ڪڻڪ؛ پر جو سواد حلوي مان اچي سو سَتُن ۾ ڪٿي اچي؟ تنهن وانگي جنهن کي ڌڻيءَ جي عبادت مان چش آئي هوندي، تنهن کي دنيا جا ڌنڌا ڇا وڻندا؟

۵۸ - اُٺ چڙهئي به ڪڏهن نانگ کائي.
جو ماڻهو اُٺ تي چڙهيل هوندو تنهن کي ڪٿان نانگ ڏنگيندو؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ٻيا سڀ آسرا ڇڏي ڌڻيءَ جي آسري رهندو، تنهن کي دنيا جي ڌنڌن جو ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو سڌني ڀڳت جو وچن آهي:
شنگهه سرن ڪَتِ جائيئي جو جنپڪ گِراسي؟ شينهن جي سام ڇو وڃجي جاتي گدڙ کائي؟

۵۹ - آپ سکي ته جڳ سکي.
جو ماڻهو پاڻ سکي آهي تنهن جي ليکي سارو جهان سکي آهي. اهڙي وارداني نمبر ۲۱۸ واري پهاڪي ۾ گهڻي وچور سان آئي آهي.

۶۰ - اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ الله کي.
ڳڀ يعني پيٽ وارو ٻار، معنيٰ هيءَ آهي جو جنس جو اگهه سھانگو ٿيندو يا مهانگو، ۽ پيٽ وارو ٻار پٽ ڄمندو يا ڌيءَ، سا خدا کي ڪلّ. پر ان ڳالهه ۾ منهنجو چوڻ هي آهي، جو سڀ ڪم جو هاڻي کان پوءِ ٿيندو، تنهن جي سڌ ڌڻيءَ بنا ڪنهن کي ناهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
ڪسِ را وقوف نيست ڪه انجام ڪار چيست. ڪنهن کي خبر نه آهي ته اوڙڪ ڪم جو ڇا آهي.

۶۱ - انڌو ۽ اڻ سونهون هڪجهڙا.
هن پهاڪي جي مطلب ۾ ذرو به ڦير نه آهي؛ ڇا کان جو هن انسان جي اندر ۾ ذات پاڪ جو نور آهي. پر جڏهن اڻ سونهپ کان اُن کي نٿو ڄاڻي. تڏهن انڌو ڄاڻبس يا نه؟ تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي.
آنچه ما ڪرديم با خود هيچ نابينا نڪرد،
درميان خانه گم ڪرديم صاحب خانه را. جيڪي اسان پاڻ سان ڪيو، سو ڪنهن انڌي به نه ڪيو،
گهر جي اندر، گهر ڌڻي کي وڃايوسون.

۶۲ - اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٺ لهي.
ڪنواٽ يعني اُٺ ننڍو، نئون سکيل. يعني جيئن پڪو اُٺ بار کڻڻ ۾ ڪنواٺ کان واڌو آهي، تيئن پوڙهو ماڻهو سياڻو پڻ رِٿ پنهنجي ڪم ۾ جوان نئي سکيل کان وڌ ڄاڻبو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
آنچه در آئينه بيند جوان،
پير اندر خيشت بيند پيش زان. جيڪي جواڻ آرسيءَ ۾ ڏسي،
سو پوڙهو تنهن کان اڳي سر ۾ ڏسي.

۶۳ - اڃا مينهون جهنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ.
رڇ يعني باسڻ؛ جڏهن مينهون جهنگ مان چري اچن، تڏهن سڀڪو باسڻ ڌوئي کير ڏهي. ۽ اڳواٽ باسڻ ڌوئڻ اڳ ڪٿيو ڪم ڪرڻ آهي، سا ڳالهه سياڻن کي نه وڻي. تنهن لاءِ نمبر ۳۹۶ واري پهاڪي ۾ گهڻو ذڪر هليو آهي سو ڏسڻ گُهرجي.