Jump to content

گل شڪر/ڌڻيءَ جي ساراهه

From Wikisource
328904گل شڪر — ڌڻيءَ جي ساراهه1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

ساراهه ٿو ڪريان ڌڻيءَ جي، جنهن پنهنجي توهه سان هن ماڻهوءَ کي سڀن ساهه وارن ۾ وڏي مانَ وارو ڪيو آهي، ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڄڀ ۽ سمجهڻ لاءِ ڏاهپ بخشي، مٿس اشرف المخلوقات نالو رکيو اٿس؛ ۽ سندس کائڻ، پيئڻ، پهرڻ لاءِ طرح طرح جون وٿون جوڙيون اٿس. تڏهن هن کي پڻ جڳائي، جو پنهنجي ڏاهپ آهر ڄڀ سان هن جي ساراهه ڪري، ۽ پڄنديءَ سارو سنديس وڏائي چئي سڻائي.
اُن ٻاجهاري جو شڪرانو ٿو ڪريان، جو مون کي پڻ اُن ماڻهن ۾ اُپائي، ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي نالو رکي، حيدرآباد سنڌ ۾ رهاڪو فرمايو اٿس.
تنهن اُپائڻهار جي دِڳي سان ڪي ڏهاڙا مير صاحبن جي راڄ جا، ۽ گهڻا ڏهاڙا سرڪار جهانمدار انگريز صاحب بهادر جي سلطنت جا، ايمان ۽ مانَ سان نوڪري ڪري، تاريخ ۱۶ فيبروري ۱۸۶۴ع کان وٺي سو (۱۰۰) رپين مهيني پينشن ۾ آيو آهيان.
هڪڙيءَ مهل هڪڙي سردار سنڌي پهاڪن ٻڌڻ جي دل رکي، تڏهن سو (۱۰۰) ٻه سا (۲۰۰) پهاڪا لکائي پهچايامانس. پر ويچار ڪيم، جو پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ملڪ جا اصطلاحي اکر آيا آهن، جن مان ڪي اکر سنڌ جي سڀن ماڻهن کي پڻ سمجهڻ ۾ نه اچن، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان آهي، تڏهين ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جي پوءِ ٻولي ٿا سکن، سمجهاڻيءَ جي گهرج ڇو نه ٿيندي؟ تنهن خيال تي هن ريت جي ڪتاب جي رٿ ڪيم.
اڳي گهڻن سياڻن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جوڙيا آهن، پر آهي عمر جا جوان، ۽ عقل جا تکا، سي وڏن ڪاريگرن وانگي آهن! جهڙا وينجهر، جي موتي ونڌن، يا خاتوبند، جي ڪاٺ ۽ عاج جا اُچا اُچا ڪم ڪن، يا جَڙيا جي سون ۾ جواهر جي جڙت جوڙن، يا نقاش جي چڱيون صُورتون جوڙن، تن جي اڳيان آءٌ هڪڙو پوڙهو، اياڻو ڌوڙ ڌوئي جهڙو سادي ڪم وارو آهيان. هن ريت، جو ڌوڙ ڌوئي جو ڪم هي آهي، جو سونارن جي هٽن جو يا گهٽين جو ٻُهر گڏ ڪري، ڌوئي، منجهاس مال ڪڍي. تن وانگي مون پڻ گهڻن جا چيل سادا پهاڪا گڏ ڪري، پورهئي سان منجهائن مطلب ڪڍيو آهي. مگر پڙهندڙن جي مهربانيءَ ۾ هيءَ اُميد ٿو رکان، جو جيڪو منجهس ڀولو رولو ڏسن، تنهن جي ڏڏائيءَ ڏي نه نهاري، پنهنجو لائق سڃاڻي، اُن ڀل چڪ کي سنواري ڇڏن.
پهريائين ڀانيم، جو هڪڙي هڪڙي ذڪر بابت ڌار ڌار باب ڪري لکان؛ پر پهاڪا گهڻن ذڪرن بابت آهن، اِن طرح جيڪر گهڻا باب ٿي پون: سو ڪو، ته ڪي پهاڪا اهڙا آهن، جو جيڪر هڪڙي پهاڪي لاءِ ڌار نِجو باب ڪرڻو پوي؛ تنهن ڪري سنڌي الف بي جي تختيءَ تي نظر رکي، هڪ ٻئي پٺيان هڪڙي هڪڙي منڍ واري اکر جا پهاڪا لکان ٿو.
ڪن پهاڪن جي معنيٰ ۾ ڳالهه جي پورائيءَ لاءِ ٻين ٻولين جون شاهديون آيون آهن، تن ڪري ڊنس، ته متان صاحبن سنڌيءَ جي پيار وارن کي نه وڻن، يا ٻين ٻولين جو محاورو نه هجين، تنهن ڪري اُن کي پڻ اُتي جو اُتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪري ڇڏيان ٿو.