ياد جانان/08
آءٌ هن جاءِ تي عرض ڪندس ته مھاجرن جي پرده ۾ جيڪا خلق افغانستان ۾ گڏ ٿي هئي سا چئن قسمن جي هئي هڪڙو ٽولو خاص شرير ۽ شيطان ماڻهن جو هو، ٻيو ٽولو انهن ماڻهن جو هو جن کي تماشبين چئجي، ڪابل ۾ نڪي بد پيشه عورتون هيون، نڪو هيو ڪو ناٽڪ ۽ ٻيو تماشو جنھن سان اهڙن ماڻهن جي رِهاڻ ٿئي. انهن کي افغانستان ۾هڪ ويراني نظر آئي، ٽيون ٽولو اُنهن آدمين جو هو جن کي ”ضعيف الايمان“ چئجي يعني ته جن کي ڪا ٿوري تڪليف آئي ته برداشت ڪري نه سگهيا، انهن ٽنهين قسمن جا ماڻهو واپس ٿيڻ لڳا. چوٿون ٽولو اهڙو به هو جن جو ايمان ڪامل هو، اهو اڃان سوڌو افغانستان ۾ موجود آهي.
هت ٻڌڻ ۾ آيو ته واپس آيلن ماڻهن گهڻيون ڳالهيون ڪيون آهن ته پٺاڻ ڪيترن مھاجرن جون زالون کڻي ويا آهن ۽ پاڻي به بھا (پئسن) سان ٿي مليو. مگر اهي سڀ ڪُوڙ آهن پاڻي ته اُتي تمام گهڻو آهي جو خريد ڪرڻ جو ضرور ڪونه آهي،هزارين مھاجر اتي آهن، جن سان اهڙي هلت ٿئي ها ته جيڪر سڀئي موٽي اچن ها. امير صاحب جيڪو اعلان ڪيو هو ته هرهڪ مھاجر کي زمين، جاءِ ۽ کاڌي لاءِ اٽو ڏنو ويندو، سو مھاجرن کي برابر پئي مليو. اسان جا سنڌي گهڻا جبل السراج ڏي ۽ ڪي ترڪستان ڏانھن ويا ۽ ڪابل ۾ به رهن ٿا جن لاءِ هر طرح جي بندوبست آهي. اهو سچ آهي ته افغانستان شاهوڪار ملڪ نه آهي اتي ايتري تعليم نه آهي، اتي ايترو سامان عيش راحت جو نه آهي، هو هڪ جابلو ملڪ آهي، اتي ماڻهو فقط ٻه ڳالهيون ڄاڻن هڪ جنگ ڪري ڄاڻن ٻيو تڪليف برداشت ڪري سگهن. اتي شرعي حُڪم جاري آهي. چورن جون ٻانهون ڪپي ڇڏيندا آهن. زانيءَ کي سنگسار ڪندا آهن. نماز جي پابندي چڱي طرح آهي. آب هوا هندستان کان بلڪل مختلف آهي، جي اهي ڳالهيون اهڙين مٿين ماڻهن کي بلڪل پسند نه آيون. ازانسواءِ انهن ماڻهن نوڪري قبول نه ڪئي، نه وري زمين آباد ڪرڻ قبول ڪئي. موٽي آيلن ماڻهن مان گهڻا اگرچه امير صاحب ۽ افغانستان گورنمينٽ جي شان ۾ ظاهر ظھور بدلفظ ڳالهائڻ لڳا ته به افغان گورنمينٽ ۽ افغانن انهن کي تنبيھه به ڪانه ڪئي، ڇاڪاڻ ته امير صاحب جو حُڪم هو ته مھاجرن سان ڪنھن به قسم جي سختي نه ڪرڻ گهرجي،جنھن صورت ۾ اڃا هزارها مھاجر افغانستان ۾ موجود آهن ۽ افغانستان سندن سڀ ضروريات پنھنجي وعدي کان مٿي پوريون نٿو ڪري سگهي، تنھن لاءِ انجمن مھاجرين فيصلو ڪيو ته هڪ وفد هندستان موڪليو وڃي جو ماڻهن کي سچي سچي واقعات مھاجرن به نسبت ۽ افغانستان جي حالت ته هو مھاجرن جي ڪيتري قدر خدمت ڪري سگهيو، سو ٻڌائي. مھاجرن لاءِ جيترو ٿي سگهي ته چنده گڏ ڪري انهيءَ وفد جا ميمبر اسان 2 ڄڻان هت حاضر آهيون، ۽ اسان جو مقصد آهي ته جيترو ٿي سگهي اوترو جلدي چندو ڪريون ۽ اوهان کي عرض ڪريون ته جيستائين انهن مھاجرن جو بندوبست ٿئي تيستائين اوهان کي گُهرجي ته ٻيا به خرچ مھاجر افغانستان ڏانھن نه موڪليو ۽ جيڪڏهن اوهان هندستان جا مُسلمان انهن مھاجرن لاءِ بندوبست ڪري نٿا سگهو ته مجبوراً ٻين مسلمانن کي مھاجرن جي امداد لاءِ اپيل ڪنداسون. افسوس آهي ته جيڪي ماڻهون واپس آيا آهن انهن بلڪل غلط فهميون پيدا ڪيون آهن ۽ اوهان سان غلط واقعات بيان ڪيا آهن، مگر فرض ڪريو ته ايتري تڪليف آهي، پر مھاجر جي اوڏانهين ويا هئا اهي تڪليفون سر تي سهي انهن جي برداشت ڪرڻ لاءِ سنبري ويا هئا. ايئن نه آهي ته هو مزا ماڻڻ يا تخت تي ويهڻ ويا هئا، ڪو سفر اهڙو نه آهي جنھن ۾ سختي نه آهي، جي موٽي آيا آهن تن اهو فرض ادا نه ڪيو ۽ نه وري اسان انهن کي مھاجر ڪوٺي سگهنداسين. تنھنڪري انهن جي واهيات ڳالهين تي اوهان ڪو خيال نه ڪندا بلڪه جن ماڻهن اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اسلام جي خاطر هو هر طرح تڪيلف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن انهن جي امداد اوهان تي فرض آهي ته هتي المقدور ڪوشش ڪري سندن ضروريات پوريون ڪريو (الله اڪبر) رئيس المھاجرين مرحوم جي تقرير کان پوءِ جناب حڪيم سيد احمد اختر صاحب فرمايو ته،”جيڪي رئيس المھاجرين نواب جان محمد فرمايو آهي اهو بلڪل صحيح ۽ سچ آهي. جيڪي ماڻهو اجائي گلا ڪن ٿا، اچي اسان سان بحث ڪن ته اسان جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
ان کانپوءِ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي جو انهيءَ جلسه جو صدر هو، انهيءَ ساري قصي جي تصديق ڪندي فرمايو ته ”جيڪي ماڻهو ڪوڙا افواهه ڦھلائين ٿا سي رڳو شرارت ۽ حسد سببان ايئن ڪن ٿا جن سان خدا تعالى پاڻ پنھنجو فيصلو ڪندو“، جلسه دُعا تي ختم ٿيو.