گل شڪر/هه
۵۴۲ - هر هر هورائي، وڃڻ در دوسن جي.
هورائي يعني هڪ ئي، وري وري، يا سگهو سگهو سڄڻ وٽ اچ وڃ ڪرڻ مان هلڪائي آهي؛ اهڙيءَ اچ وڃ مان نيٺ دوستي گهٽجي وڃي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
پريت گهٽي متر ڪي نِتُ جائي. مائٽ وٽ ڏهاڙي وڃڻ مان دوستي گهٽجي.
۵۴۳ – هاسي، ڪَرَه جي ماسي.
ماسي يعني ماءُ جي ڀيڻ يعني مائٽياڻي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو هاسي يعني مسخري يا ٺٺولي، جهيڙي جي پاڙ آهي. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:
المسخري مايهءِ فساد. ٺٺولي جهيڙي جي موڙي.
۵۴۴ - هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
ڪنهن ڪنهن مهل ۾ ماڻهوءَ جي هٿان قضا اهڙا ڪم ڪرائي، جنهن مان گهر کي به گهاٽو پويس، ۽ ماڻهو به مٿانئس کلن؛ جهڙو هڪڙو ماڻهو سهانگائيءَ ۾ هڪڙو واپار مهانگو وٺي، تنهن کي پاڙي وارا پڻ جهلين، پر نيٺ ان واپار ۾ گهاٽو پائي، ته هڙ جو ڇيئو پويس، ۽ پاڙي وارا به کِلنس. اهڙين ڳالهين لاءِ هيءُ پهاڪو آهي.
۵۴۵ - هڪڙو چوي ٻيو مڃي، تنهن جو پورهيو ڌڻي نه ڀڃي.
هن پهاڪي وارو هڪ ٻئي جي چئي مڃڻ جو ڳُڻ ڏيکاري ٿو، يعني چئي مڃڻ کان ڌڻي به خوش ٿو ٿئي. تنهن تي گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
آگيا مانِ جانِ سک پايو. چوڻ مڃي ڄاڻي سک پاتو.
۵۴۶ - هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي لنگهيندا.
هٿ هيئن يعني هٿ سنئون يعني ڏيڻ وارو، يعني جنهن جو هٿ پئسي ڏيڻ لاءِ سنئون هوندو، سو پتڻ جي پهرئين پور ۾ لنگهندو. پر مطلب هي آهي، ته جيڪو سخاوت ڪندو، تنهن جو سڀڪو ڪم اڳي ڇٽندو. جهڙو فارسي بيت آهي:
سخاوت همہ دردها را دوا ست. سخاوت مڙني سورن جي دوا آهي.
۵۴۷ - هنجهن سان حرص ڪري اُڏاڻي چِڙي، چڻو هوس چهنب ۾، سو به پِيُس ڪري.
هنجهه هڪڙو وڏو پکي، ۽ چِڙي يعني جهرڪي، ننڍڙو پکي آهي؛ سا جهرڪي جيڪڏهن هنجهه سان ريس ڪري اُڏامندي، ته ساڻس پهچندي ته ڪين، پر مورڳو ٿڪجي بڇڙي ٿيندي. تنهن وانگي هڪڙو ڏڏ ماڻهو ڪنهن سياڻي کي وڏو ڪم ڪندو ڏسي، ريس ڪري اهڙي ڪم ۾ هٿ وجهندو، ته جائي کاٻاربو. تنهن تي گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
هنس ترندا ديکڪي ٻگان به آيا چاو؛
ڏٻ موئي ٻگ ٻپري سر تلي اُوپر پاو. هنس کي ترندو ڏسي ٻگهن کي به دل ٿي؛
ويچارا ٻگهه ٻڏي موا، پير مٿي، مٿو هيٺ ٿين.
۽ فارسيءَ واري پڻ اهڙو مثل چيو آهي:
کلاغي تگ کبک راکوش کرد،
تگ خويشتن را فراموش کرد. ڪانءُ هڪڙو ڊيل جو ٽلڻ ٿي سکيو،
پر پنهنجي هلڻ کي به وساري ڇڏيائين.
۵۴۸ - هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي.
جو ڪم هنر وارو ماڻهو پنهنجي هنر سان ڪندو، تنهن ڪم ڪرڻ ۾ بي هنر پنهنجو مٿو وڃائي، ته به نه ڪندو؛ جهڙيءَ ريت هڪڙو تارو ماڻهو سيڻھ تي چڙهي درياءُ تري وڃي، جو اڻ تارو اُن وانگي سيڻھ ڦوڪي چڙهي درياءَ ۾ گهڙي، پر جي سيڻھ اُٿلي پوي، ته پار پهچڻ جي هٿڻ ٻڏي مري، مطلب جو اڻ ڄاتي ڪم ۾ هٿ وجهڻ، مورڳو جيءَ جو جوکو آهي.
۵۴۹ - هڙ ۾ تماڪ ته جهنگ مڙيوئي دائريو.
تماڪ پيئڻ وارا ماڻهو چلم ڇڪڻ لاءِ هروڀرو واٽ کان لڙي به دائرين ۾ وڃن، ڇا کان جو دائري ۾ تماڪ، چلم، ٽانڊو هڪيو رهندو آهي. پر جنهن کي تماڪ هڙ ۾ هوندو، تنهن کي دائرئي ڌاران به جاتي ڪاٿي چلم پيئڻ جو اٽڪاءُ نه ٿيندو. تنهن وانگي جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ناڻو ڳنڍ ۾ آهي، تنهن کي سڃ ۾ به وسنئو آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:
منعم به کوه و دشت بيابان غريب نيست،
هرجا که رفت خيمه زد و بارگاهه ساخت. ڌن وارو، ڏونگر ۽ پٽ رڻ ۾ مسافر نه آهي؛
جاتي وڃي، تنبو هڻي درٻار ڪري.
۵۵۰ - هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي.
هي پهاڪو پڻ اهڙو آهي، جهڙو نمبر ۲۹۸ وارو پهاڪو، جو هڙ سکڻيءَ وارو يعني ولهو ماڻهو هيڪاري ٽنڊ گهڻي ڪري.
۵۵۱ - هٿ جي ڪنگڻ لاءِ ڪهڙي آرسي.
ڪَن يا ڳچيءَ جي ڳهه ڏسڻ لاءِ آرسي ڏسڻ جي گهرج ٿئي؛ پر هٿ جي ڪنگڻ ڏسڻ لاءِ آرسي ڪو نه ڏسي. تنهن وانگي جا شيءِ يا جو ڪم اڳيان هڪيو هئي، تنهن لاءِ ٻئي کان ڇو پڇجي؟ تنهن لاءِ هي مثل ياد آيو اٿم؛
هڪڙي ماڻهوءَ، حجام کان مٿو ٿي ڪوڙايو؛ تنهن کان پڇيائين جو مٿي جا وار ڪارا آهن، يا اڇا؟ تنهن چيس، چي اڇا جي ڪارا، ته اڳيان ٿا پوني، ڏسي وٺ، پڇڻ جو ڪهڙو کپ؟
۵۵۲ - هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.
پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي؛ جو هُنن کي هِن جو ساڻ هلڻ به نه وڻي، هيءَ لاڏ ڪري، جو پنڌ ڪين ڪنديس، ڏاند تي چاڙهي هلوم. مطلب ڪنهن سان اڻ وڻندڙ انگل ڪرڻ پنهنجو مان وڃائڻ آهي. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو آهي:
هڪڙي هنڌ ٽن چئن ڄڻن گڏجي ويٺي کاڄ کاڌو؛ اوچتو هڪڙو ڌاريو ماڻهو لنگهي آيو، جنهن جو اچڻ نه وڻين. پر ملڪ جي ريت پٽاندر لنڊي صلاح ڪيائونس، “چي ادا، اچي کاءُ.” هن به هم تم ڪا نه ڪئي؛ ۽ هٿ ڌوئي وهڻ لڳو، پر جاءِ سوڙهي هئي، تنهنڪري پڇيائين جو ڪٿي وهان؟ تنهن کي چيائون جو چڙهي ويهه اسان جي ڄڀ تي، جا چوڻ کان نٿي رهي. ۽ نمبر ۲۶۲ واري پهاڪي ۾ پڻ اها ئي مراد آهي.
۵۵۳ - هو سَوڙَ پاند به نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.
هن پهاڪي جو مطلب پڻ نمبر ۲۵۶۲ ۽ نمبر ۵۵۲ وارن پهاڪن جهڙو آهي، جو هو هن کي گڏ به نٿا سمهارين، هيءَ ڀانئين ته وچ ۾ سمهان؛ يعني هيءَ به اڻ وڻندو لاڏ ڪري. اهڙي لاڏ ڪرڻ واري کي فارسيءَ وارو سمجهائي ٿو:
ناز بران کن که خريدار تست،
پپش کسي رَو که طلبگار تست. لاڏ اُن سان ڪر جو سهيئي؛
وڃ تنهن وٽ جو ڪوٺيئي.
۵۵۴ - هنڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.
هنڱ، هڪڙي باس واري مهانگي شيءِ آهي، جا گهڻو تڻو خراسان کان اچي، جنهن کي هندو ماڻهو، تن ۾ به گهڻو ڪري وشنو، اُچن اَچن تيوڻن ۽ ترڪارن ڀاڄن ۾ باس لاءِ وجهندا آهن. ٻاٽ يعني اَن ڏريل جنهن جي رٻ رنڌجي، گهورڻ يعني ٻُرڪڻ؛ پهاڪي جي معنيءَ هيءَ آهي جو هنڱ توڙي سستي هئي ته به رٻ جهڙي سادي کاڄ ۾ ڪو نه ٻرڪبي. تنهن وانگي جا وٿ اُچي ۽ گهڻي ملهه واري هئي، ۽ سستي ملي وڃي، ته به سادي ڪم ۾ نه آڻجي. جهڙو گيهه گهڻو سهانگو هئي، ته به سڀڪو ٻوڙ پلاوَ ۽ ٻين کاڄن ۾ وجهي، يا ڪنهن کي مکي؛ پر جُتي ساڻس ڪو نه مکي.
۵۵۵ - هارئي کان پيتو ڀلو آهي.
هي پهاڪو اصل کان هن طرح آيو آهي، جو هڪڙو ماڻهو شربت جي بتي کڻي ٿي ويو، اوچتو ڌڪو کاڌائين، جنهن ڪري بتيءَ کي چير پيو، ۽ شربت وهڻ لڳو. هيڏي هوڏي نهاريائين، ته ٻيو باسڻ ڪو نه ڏٺائين، جنهن ۾ شربت لاهي. تڏهن ويچار ڪيائين، جو گهر ويندي تائين سڀ وهي ويندو، تڏهن ماٺڙي ڪري پي هي پهاڪو چيائين؛ پر مطلب ڇا هي، جو ماڻهو ناڻو گڏ ڪري مري اجايو ڇڏي، سو کائي يا ڌڻيءَ جي نالي ڏيئي سجايو ڇو نه ڪري، ته ارمان دل ۾ نه رهيس. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
دو کس مردند و حسرت بردند،
يکي داشت نخورد دويم دانست نکرد. ٻه ڄڻا مئا ۽ ارمان کاڌائون،
هڪڙي رکيو نه کاڌو، ٻئي ڄاتو نه ڪيو.
۵۵۶ - هڻ ڌڻيءَ کي، ته سکي نُهَن.
نُهَن يعني پٽ جي جوءِ، پرائي ڌيءَ آهي، تنهن جو سڀڪو ليئو رکي، ۽ ڌيءَ جا پنهنجي ڄائي آهي، تنهن کي چڱائيءَ لاءِ دڙڪو کڙڪو ڪرڻ ۾ ويڪ نه آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو جيڪڏهن ڌيءَ ۽ نُهَن ٻنهي ۾ ڏِنگ هئي ته ان مان ڌيءَ کي دڙڪو ڏجي، ته نُهَن پاڻا ڄاڻي سمجهندي. پر مطلب هي آهي، ته جو ڪم رڳيءَ ميڇ سان ڇٽي، تنهن لاءِ ڄڀ به نه هلاءِ، ۽ جو ڄڀ جي ڳالهوَ سان نبري، تنهن لاءِ هٿ به نه چور.
۵۵۷ - هنجهه نه ميرو وت، جاسين جيئين ڏينهڙا، جيءُ نه جنجل گهت، سِر تا سَرَ ڪيترا.
هنجهه هڪڙو پاڻيءَ جو پکي آهي، جو تلاون ۾ رهي، تنهن کي مهاڏو ڪري هي پهاڪو چوي ٿو، ته جيڪڏهن سَرُ يعني تلاءُ سڪي ويو ته دل ۾ ڏک نه ڪر، ڇا کان جو سِرُ آهي، ته تلاءَ گهڻا. پر مطلب هي آهي؛ جو ڪرت مان اُپت ٿوري ڏسي ڳڻتي نه کاءُ، ڌڻيءَ جو آسرو رک. جو سڀ کي قُوت ٿو پهچائي. ان تي مولوي صاحب چيو آهي:
هان توکل کن، مرنجان پا و دست،
رزق تو بر تو ز تو عاشق تر است. اڙي ڌڻيءَ تي ڀاڙ، هٿ پير نه ڏکوءِ،
تنهنجو رزق توکان واڌو تنهنجو ڳولو آهي.
۵۵۸ - هَٺَ سهائيندو کائجي، لوڪ سهائيندو پهرجي.
هٺُ يعني طبع، يعني کائجي اهڙو ۽ اوترو، جو طبع کي وڻي ۽ سيبائي، ڇا کان جو واڌو کائڻ مان هڪڙو طبع کي وڻاءُ، ٻي ماڻهن جي گلا. جهڙي فارسي سٽ آهي:
که بسيار خَوار است بسيار خُوار. جو گهڻي کائڻ وارو گهڻو گلارو آهي.
۽ پهرجي اهڙو، جو گهڻن کي وڻي، سو ڪو ته، جو ماڻهو پنهنجي هوند کان واڌو ڪپڙا ڪري ٽنڊ ڪندو، سو به ماڻهن ۾ گلاهاب ٿيندو، ۽ گلا ناسور جي ڦٽ گهاءِ ڇٽڻ جي نه آهي. فارسيءَ واري چيو آهي:
به عذر توبه توان رُستن از عذاب خدا،
وليکه مي نتوان از زبان مردم رُست. توبہ ڪرڻ سان ڌڻيءَ جي ڏکن کان ڇٽي سگهبو؛
پر ماڻهن جي وات کان ڇٽي نه سگهبو.
۵۵۹ - هيڻي کي نه هڻي، سو هٿن ۾ لهي.
هٿن ۾ لهي، هي رواجي مَنهُن پاراتي وانگي آهي، جهڙو ڪو چوي، ته هي ڪم نه ڪري، سو اکين ۾ لهي، يعني انڌو ٿئي، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو هيڻي کي سڀڪو ماري، ڏاڍي کان سڀڪو ڊڄي، ۽ سنديس وٽپ ڪري. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
سڀي سهائڪ سَٻَل ڪوءِ نه نَٻَل سهاءِ،
پون جڳاوت آگ ڪون، ديپنہ ديت ٻجهاءِ. سڀ ڏاڍي جا همراهه، هيڻي جو ساٿي ڪو به نه،
واءَ باهه کي ٻارين، ڏيئي کي وسائين.
۵۶۰ - هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
جي ماڻهو اندر ۾ پاپن ۾ ڀريل، ۽ ٻاهران درويش جو ويس ڏيکارين، هي پهاڪي وارو اُنهن جا اهڃاڻ ڏئي ٿو.
۵۶۱ - هڻن ڪين حمير، کائن پاٽ پلاءَ جي.
حمير يعني سورهيه، جي مانجهي کائڻ وير پلاءُ کائن، ۽ ويڙهه مهل پٺ تي ڀڄن. هي پهاڪي وارو اُنهن جي ڳالهه ٿو ڪري. پر مطلب هي اٿس، ته هي ماڻهو ڌڻيءَ جو ڏنو کائي پي سندس ڀڄن مهل آرس ڪري، نٿو ڄاڻي ته هن دنيا ۾ ڇا لاءِ آيو آهيان؟ مولوي صاحب جي هن بيت کي نٿو سمجهي:
زندگي آمد برائي بندگي،
زندگي بي بندگي شرمندگي، جيوت ڀڄن لاءِ ملي آهي،
جيوت ري ڀڄن لڄ آهي.
۽ مورک ڄاڻي ٿو، جو جيوت رڳي کائڻ ڪاڻ آهي. تنهن کي فارسي بيت ڇينڀ ڪري سمجهائي ٿو.
نان از براءِ زيستن و ذکر کردن است،
تو معتقد که زيستن از بهر خوردن است. ماني جئڻ ۽ ڀڄن ڪرڻ لاءِ آهي،
تو وسهيو ته جئڻ کائڻ لاءِ آهي.
۵۶۲ - هنڌ ڏسي هاسي ڪجي.
هاسي يعني کل، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو مهل ڌاران گهٻو نه ڪجي؛ پر مطلب هي آهي، جو جيڪي ڳالهائڻو هئي، سو هنڌ ڏسي مهل سر ڳالهائجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
هران عاقل که با مجنون نشيند،
نبياد کردنش جز ذڪر ليلي. جو سياڻو مجنونءَ گڏ وهي،
ليليءَ جي ڳالهه ڌاران ٻيو نه ڳالهائي.
۵۶۳ - هڪڙو هٿ کير ۾، ٻيو هٿ نير ۾.
نير يعني پاڻي؛ پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو دنيا ۾ سک توڙي ڏک، هڪ ٻئي پٺيان لڳا ئي بيٺا آهن. جهڙي ريت ڏينهن پٺيان رات، يا گل سان ڪنڊو، ۽ ماکيءَ سان ڏنگ.
۵۶۴ - هرڻي اڳي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
هرڻي هڪڙو جهنگلي ٽاهَڙُ مرون آهي، تنهن کي گهنڊڻي ڳچيءَ ۾ ٻڌبي، ته هٿاهين واڌو ٽهندي ۽ نچندي. تنهن وانگي لچو ماڻهو اڳي ٽاٽر، تنهن کي ناڻو هٿ لڳو يا وَٽپ ملي، ته اڳي کان گهڻي ٽانءِ ڪندو. تنهنڪري اهڙو وَلهَو چڱو آهي. اهڙي لاءِ فارسي مثل آهي:
چه نيکو زده است اين مثل پير ده!
سِيتُور لکد زن گران بار بہ. ڳوٺاڻي ڪهڙو چڱو مثل ڏنو آهي!
لَتَر وهٽ تي ڳرو بار چڱو.
۵۶۵ - هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کڻي.
جي ماڻهو منهن تي دوستي ڏيکاري ٻئي جي گلا ڪري، اڳلي جو وچ ڪڍائي، پر پٺ اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٻئي هنڌ جهيڙو جاڳائن، تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. فارسيءَ واري اهڙي ماڻهوءَ لاءِ هي پهاڪو چيو آهي:
در برابر چوگو سفند سليم؛
در قفا همچو گرگ مردم در. مُنهن تي گهٽي وانگي ڪونئرا،
پر پٺ بگهڙ گهاءِ ماڻهو ڦڙيندڙ.
پر اهڙن جرمن کان، يا اهڙن جي سنگت کان سياڻي کي پاسو ڪرڻ کپي.
۵۶۶ - هيانو تتي کان کُڙي تتي چڱي.
گهڻي يا ٿوري پنڌ تي وڃي ڪو ڪم ڪرڻو هئي، جي مهل سر کڙي تپائي يعني پنڌ ڪري ڇٽائي اچجي ته چڱو، ۽ جي ويرم ٿي وڃي، اوتري ۾ ڪم رلي رنڊجي پوي، ته هيانءُ تپندو، يعني پڇتائبو. تنهن وانگي جي هلنديءَ چلنديءَ ۾ ڏاکڙو ڪري ڌڻيءَ کي ياد ڪبو ته چڱو؛ نه ته وڏتڻ ۾ چلڻ چڪي رهندا، تڏهن پڇتائڻو پوندو. تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:
رام نام ڀنڊار هي لوٽ سگهين تان لوٽ،
نت پيڇي پڇتائيگا پران جائيگا ڇوٽ. ڌڻيءَ جو نالو خزانو آهي، ڦرڻو اٿئي ته ڦر؛
نات پوءِ پڇتائيندي، ساهه نڪري ويندءِ.
۵۶۷ - هڪ سج، ٻه پاڇا.
هي پهاڪو دنيا جي ڪلالائي ڏيکاري ٿو، جو جهڙو سج جو پاڇو ڪڏهن وڻ جي هڪڙي پاسي، ڪڏهن ٻئي پاسي؛ تنهن وانگي دنيا به ڪڏهن ڪنهن وٽ، ڪڏهن ڪنهن وٽ. تنهنڪري درويش ساڻس وهنوار ۽ پيار نه رکن. فارسيءَ واري چيو آهي:
بر مرد هشيار دنيا خس است،
که هر مدتي جاءِ ديگر کس است. سياڻي مڙس اڳيان دنيا ڪک آهي،
جا سڀڪنهن مهل ٻئي ٻئي وٽ آهي.
تنهنڪري دولت جڏهن گڏ ٿئي، تڏهن سياڻي ماڻهوءَ کي اُن جي هوند تي هٺ ڪرڻ نه جڳائي.
۵۶۸ - هسڻو جوڳي، پڏڻي نار، گد ڪهي هي ٻيئي مار.
هسڻو يعني کلڻ وارو، يعني چرچائي، پڏڻي يعني ٻٽاڪڻ، يا کلندڙ يا اجايو هلندڙ، يا گهڻ ڳالهائي، نار يعني زال، گد هڪڙي شاعر جو نالو. مطلب پهاڪي جو هي آهي، ته جوڳي يعني ڌڻيءَ جي ڳولي کي دنيا جي رونشن ڏسڻ ۽ کلڻ ڪڏڻ سان ڪهڙو ڪم؟ تنهن وانگي اشراف زال کي پڻ اجائيءَ هلت ۽ کلڻ کان منع آهي. تنهن لاءِ فارسي بيت آيو آهي:
چو در روءِ بيگانه خنديد زن،
دگر مرد گو لاف مردي مزن. جڏهن ڌارئين جي اڳيان زال کليو،
تڏهن مڙسهنس کي مڙسيءَ جي ٻٽاڪ هڻڻ نه کپي.