Jump to content

سائو پن يا ڪارو پنو/ديباچو

From Wikisource
320175سائو پن يا ڪارو پنو — ديباچو1965مرزا قليچ بيگ

ڪيترن دوستن گهڻن ڏينھن کان مونکي پي چيو آھي تہ پنھنجي حياتي جو احوال پاڻ لک. انھن کي آءُ چوندو پي آيو آھيان تہ جيئري ماڻھوءَ جو احوال لکڻ اجايو آھي ٻيو خبر ناھي تہ ھنجي پڇاڙي ڪيئن ٿئي ۽ ھنجا خيال ۽ قول ۽ فعل ساڳيا رھن يا نہ. انھيءَ صورت ۾ سوانح عمري اڻ پوري چئبي. انھيءَ ھوندي بہ منھنجي دوست مسٽر ڀيرومل مھرچند مھرباني ڪري منھنجي حياتيءَ جو احوال لکيو ۽ انھيءَ جي ڇاپائڻ جو بندوبست بہ ڪيائين. پر وري بہ مون منع ڪي ۽ صلاح ڏنيس تہ اھو رکي ڇڏي ۽ منھنجي مرڻ کان پوءِ جي مناسب سمجهي تہ ڇاپائي پڌرو ڪري، پر انھي کان پوءِ وري منھنجي جهوني ۽ معزز دوست ديوان ڏيارام گدومل مونکي لکيو تہ ٻين گهڻن ڪتابن لکڻ کان پوءِ پنھنجي حياتيءَ جو احوال پنھنجي ھٿن سان ضرور لک. انھي جا سبب ھي معلوم ٿيا تہ گهڻن نامور ماڻھن ايئن ڪيو آھي انھي ۾ ڪو عيب ڪونھي، بلڪہ انھي مان ڪي فائدا آھن. ھڪڙو تہ پنھنجو لکيل احوال سچو ۽ صحيح شمار ۾ ايندو، ٻيو تہ انھيءَ ۾ جدا جدا ڳالھين تي ماڻھوءَ کي پنھنجن خيالن ۽ راين ظاھر ڪرڻ جو وجهہ ملندو. ٽيون تہ اھڙي لکيل احوال جي سندس اولاد ۽ اولاد جي اولاد کي پوري خبر پوندي ۽ ھو سندس مثال تي ھلندا ۽ سندس اصولن تي تعميل ڪري سگهندا. انھي ڪري مون انھي جي لکڻ ۾ ھٿ وڌو. حقيقت ڪري آءُ ننڍي ھوندي کان ھڪڙي ڊائري يا روزنامو رکندو اچان جنهن ۾ مکيه مکيه ڳالهيون داخل ڪندو اچان. پر اها ڊائري خانگي سمجهڻ گهرجي ۽ گهر جي ڀاتين يا اولاد جي لاءِ آهي، نه ٻاهرين لاءِ. انهيءَ ساڳئي مطلب لاءِ هڪڙو ٻيو ڪتاب به لکيو اٿم، جنهن جو نالو ”يادگيريون“ آهي، ۽ جنهن ۾ اڳوڻيون ياد ڪيل ڳالهيون لکيون ويون آهن، جي هاڻي بدلجي ويون آهن ۽ ننڍن جوانن کي معلوم نه هونديون؛ پر هاڻي جڏهن آءٌ پنهنجو احوال پاڻ لکان ٿو، تڏهن لاچار مون کي انهيءَ پنهنجي ڊائريءَ مان احوال ڪڍڻو پيو آهي، ۽ نه فقط پنهنجي جند جو پر پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن ڀيڻن ۽ ٻئي ڪٽنب جو به احوال ڏيڻو پيو. اگرچ انهيءَ ۾ ڪي اهڙيون به ڳالهيون هيون جن جي لکڻ کان جيڪر گهڻين کي عار يا اعتراض اچي، پر تڏهن به سچي احوال لکڻ لاءِ ۽ پنهنجن سچن خيالن ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي، پوءِ ڀلي ته انهيءَ جي نسبت ۾ ٻين جي راءِ مخالف هجي يا اُهي کلن. ساڳئي وقت ۾ ڪي هڙيون به ڳالهيون لکڻيون پيون آهن، جي پنهنجي تعريف ۾ داخل آهن ۽ اها ٻٽاڪ شمار ۾ ايندي؛ پر ائين ڪرڻ لاءچار ٿيو آهي ۽ ساڳئي مطلب لاءِ هيٺ پنهنجي نسبت ۾ ٻين جي چڱي راءِ به ڏني ويئي آهي، سا به انهيءَ ۾ داخل آهي.

ڪوڙي کي ٿي نِت گهر جي سفارش جي چٺي،
پنهنجي سدا تعريف مٺُءَ کي مون ڏٺي:
موتي ٿو سڃاپي پنهنجي تجلي منجهان پاڻ-
شَڪر به ڪڏهن چئي ٿي ته آءٌ آهيان مِٺي!

ماڻهو هميشہ خدا کان پڇاڙيءَ جو خير گهرندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”الاهي عاقبت محمود گردان!“ انسان ساري عمر ڪهڙو به خوش ۽ آسودو گذاري، ته به جيسين سندس حياتيءَ جي پڇاڙي موچاري نه هوندي، تيسين اِنهيءَ کي خوش نصيب چئي نه سگهبو. ڪهڙي خبر ته مرڻ کان اڳي هن جي حالت ڦري ٻي ٿي پوي؟ ديندار ڦري بي دين ٿي سگهي ٿو، دانا ڦري نادان ٿي سگهي ٿو، مظلوم ڦري ظالم ٿي سگهي ٿو، ۽ نيڪ بخت ڦري بدبخت ٿي سگهي ٿو. يوناني حڪيم سولن ۽ ڪريسيس بادشاهه جو قديم مشهور قصو انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ جي ثابتي آهي؛ تنهن ڪري جيئري ماڻهوءَ جو احوال سندس مرڻ کان اڳي لکيل اڻپورو سمجهڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ته اهو پير فرتوت هجي ۽ باقي حياتي ٿوري هجيس. اهڙو لکيل احوال ماڻهوءَ جي ماضيءَ ۽ حال جو سمجهڻ گهرجي؛ سندس مستقبل جو حال ٻين لاءِ ڇڏيل آهي.

انهيءَ طرح مون هي پنهنجي سوانح عمري لکي آهي ۽ اميد آهي ته جنهن مطلب لاءِ لکي ويئي آهي سو پورو ٿيندو. منهنجي عمر، هينئر ستر ورهيه آهي. باقي حياتيءَ جي پڇاڙيءَ جو احوال ڪو گهڻو نه هوندو ۽ اهو آسانيءَ سان پنهنجي اولاد مان ڪو يا دوستن مان ڪو لکي سگهندو. هن احوال لکندي ضروري هنڌن تي پنهنجا ڪي شعر به ڏنا ويا آهن ته نثر جي ڦڪاڻ يا اَلوڻائيءَ سان گڏ نظم جي هراڻ ۽ شعر جي چاشني چکڻ ۾ اچي ۽ خلاصي باب ۾ پنهنجي شعر جا ڪي انتخاب به ڏيندس. جن بابت منهنجي احوال ۾ اشارا ڏنل آهن. انهن مان پڙهندڙن کي منهنجن عادتن ۽ راين ۽ خيالن جي ثابتي ۽ شاهدي به ملي سگهندي ۽ منهنجي شعر جي نموني جي به خبر پوندي ۽ هڪڙِ ئي باب ۾ شاعراني مضمون پڙهڻ ۽ انهيءَ مان لذت وٺڻ جو چڱو وجهه ملندو، جو منهنجا شعر جا ڪتاب گهڻا آهن.

جيڪا آءٌ لکان، ڪريان ڪا گفتار،
مَثَل آڻيان آءٌ شعر پنهنجي مان ٿو لاچار،
تا خلق نمونو شعر منهنجي جو ڏسي؛
چيو ٿن آهي ”يَڪ مُشت، نمونه خروار.“

انهيءَ کان پوءِ ٻئي باب ۾ وري منهنجيءَ نسبت ۾ يا منهنجن ڪمن ۽ تصنيفن جي نسبت ۾ ۽ منهنجيءَ نوڪريءَ جي نسبت ۾ يا خلق جي خدمت چاڪريءَ جي نسبت ۾ جيڪي سرڪاري عهديدارن ۽ ٻين صاحبن چيو آهي تنهن جا ڪي خط ۽ انتخاب ڏيندي، جن مان گهڻا انگريزي آهن، جن جا جنسي نقل [1] به ڏيندس ۽ انهن جي پٺيان مختصر سنڌي مطلب به ڏيندس. اهي ڄڻ ته مليل سرٽيفڪيٽ آهن، جي هينئر مون کي گهڻي ڪم جا ناهن پر شايد منهنجي نسبت ۾ سنڌ جا شاعرن، جدا جدا هنڌن تان جيڪي عربي، فارسي ۽ اردو سنڌيءَ ۾ شعر، وقت بوقت پئي چيا آهن، سي جدا هڪڙي فائيل ۾ گڏ رکيا ويا آهن، جي ٻين خطن ۽ انتخابن وانگي هتي ڏيئي نٿا سگهجن، اگرچه انهن جي شعر جي نزاڪت پڙهڻ جي لائق آهي. ضميمي ۾ پنهنجو شجرو ۽ پنهنجن ڪتابن جا نالا ڏيندس. اگرچ انهن جو ضرور ڪونهي.

هوئي جوهر ذاتيءَ جو جنهين کي بهرو-
ڏيکاري نشان اهڙو اُن جو چهرو.
ڇو شجرو ڊگهو بنائي پنهنجو ماڻهو!-
ڇو پنهنجي وڏن جي ڏئي هڏن تي پهرو؟

- قليچ بيگ

حيدرآباد، سنڌ
آگسٽ 1923ع


  1. ڏسو باب ٻارهين جي مُهڙ ۾ نوٽ (ناشر).