Jump to content

گل شڪر/ڄ

From Wikisource
328916گل شڪر — ڄ1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۲۲۰ - ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.
ڄڱر يعني ڄاڱوري ٻير؛ جنهن جي ڪاٺي ڏاڍي ۽ ملهه واري آهي. ڄار جنهن جو ڦر پيرون، جنهن جي ڪاٺي هيڻي ۽ ٿوري ملهه واري ٿئي؛ يعني هنن ٻنهي ذاتين جون ڪاٺيون هڪ اگهه وڪامن. مطلب هي آهي جو هي پهاڪو ڪُنياوَ واري راڄ جو نشان ٿو ڏيکاري، جنهن ۾ اشراف ۽ ڪميڻي جو هڪ جيترو مانُ. جهڙو هن ڪتاب جي نمبر ۱۵ واري پهاڪي ۾ لکيو ويو آهي.

۲۲۱ - ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لائي.
موري جيتوڻيڪ ته پاڻ چرڪي هضم ٿئي، پر ٻئي کاڌل کاڄ کي سگهو پچائي ۽ بک لائي. ان پهاڪي مان مطلب هي ٿو نڪري، جو بعضي ماڻهو پنهنجي اڄاڻائي کان فائدي لاءِ اهو ڪم ڪن، جنهن مان مورڳو گهاٽي ٿئي، تنهنڪري سياڻي کي کپي ته جو ڪم ڪري، تنهنجو آڳو پيڇو ڳڻي ڪري.

۲۲۲ - ڄٽ جي ڄمار، اڍائي کٿا.
اڍائي کٿا، هي گهٻي جهڙو اکر آهي؛ پر معنيٰ سنديس هيءَ، جو ڄٽ يعني مورک هڪڙو کٿو چوڙي پورو ڪندو ۽ ٻيو پڻ چوڙيندو، ٽيون جاسين اڌوراڻو ڪندو، تاسين ڄمار پوري ٿينديس، پر مطلب هي آهي جو انسان کي دنيا ۾ اچي وڏو ڪم هي ڪرڻو آهي، جو ڌڻيءَ کي ياد ڪري ساڻس واصل ٿئي، يا پڙهيل ناليرو، يا ڪاريگر پڌرو، يا سياڻو مشهور يا سخي، يا سورهه ٿي نالو پڌرو ڪري. پر جڏهين اهڙن ڪمن کان پري رهيو، تڏهن سمجهبو جو ڄمار اجائي وڃايائين ۽ اجايو ڄائو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:
جنني جني، ته هرجن جني، ڪان داتا، ڪان سور،
تينون جني نا جني، ته اور جنن سڀ ڪوڙ. ماءُ ڄڻي ته ڀڳت ڄڻي، يا سخي، يا سورهه ڄڻي،
جي اهي ٽي نه ڄڻي؛ ته ٻيو ڄڻڻ ڪوڙو آهي.

۲۲۳ - ڄاڻي وڇونءَ جون منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.
بعضي اياڻا ماڻهو پاڻ کي سياڻو ڄاڻي پنهنجي سياڻپ ۽ وت کان وڏي ڪم ۾ هٿ وجهن. جنهن کي سنوارڻ بدران کارين؛ يا پاڻ کي گهاٽو وجهن. اهڙن کي هي پهاڪو ڇينڀ ٿو ڪري. ان لاءِ هنديءَ واري چيو آهي:
ڊاري هاٿ سانپ مين، نه جاني منتر بيڇن ڪو؛
ائيسو موڍ مت ڪهو؛ ڪهان سک پاءِ هي. وجهي سپ ۾ هٿ، منڊ وڇون جو پڻ نه ڄاڻي،
اهڙو اڄاڻ ڪٿان سک پائيندو؟

۲۲۴ - ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.
ڄڀ جو ترڪڻ يعني اجايو ڳالهائڻ، پير سان ترڪيل ماڻهو ٿورو گهڻو ڌڪ کائيندو، جو ٿوريءَ گهڻيءَ ٻڪيءَ ڦڪي سان ڇٽي پوندو. ۽ زبان مان اجائي اکر نڪرڻ مان وڏو ڊپ آهي، جو اُهو ڳالهو وري وات ۾ نه پوندو. مطلب جو هي پهاڪو زبان جي قناعت جو تاڪيد ٿو ڪري، ته سمجھ سارو ڳالهاءِ، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:
صرافِ سخن باش، سخن پيش مگو؛
تا از تو نپرسند تو از خويش مگو؛
گوش تو دو دادند، زبان تو يکي؛
بهر آنکه دو بشو، زيکي بيش مگو. ڳالهو جو صرفو ڪر، ڳالهو اڳي نه ڳالهائي؛
جاسين توکان نه پڇن، تاسين پاڻان نه ڳالهائي،
توکي ڌڻيءَ ڪن ٻه ڏنا ۽ ڄڀ هڪڙي،
هن لاءِ جو ٻڌ ٻه، ڳالهاءِ هڪڙي کان واڌو نه.

۲۲۵ - ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات.
ڄٽ يعني جنگلي يا اڄاڻ. ملوڪ يعني اشراف يا وڏوماڻهو. هي پهاڪو اصل ڪنهن ميري ڪم جي باب ۾ آيو آهي سو بيان ڪرڻ صلاح نٿو اچي؛ مون کي منجهانس مطلب ڪڍڻو آهي، پوءِ پهاڪو ميرو هوندو ته ڇا ڪندو؟ جهڙو سياڻا چوندا آهن، جو سون گپ ۾ هئي ته به کڻي وٺجي. سو مطلب هي آهي جو بي ڌرم ماڻهوءَ جي سنگت ۾ جيڪڏهن سڄي ڄمار وڃائبي، ته به پرائبو ڪين؛ ۽ ڌرميءَ جي هڪ گهڙيءَ جي صحبت پل گهڻو ڦل ڏيندي، جهڙي لوهه کي پارس جي سنگت.