ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/15
(الف) الله العالمين، ساراهيان سـُـبحان،
جنهن قادر ”ڪـُـنَ فـَـيـَـڪـُـونَ“ سان، جوڙيو سڀ جهان،
خلافت خلق جي، ڪيائين آدم تي احسان،
تنهن ۾ وڌو روح رحمان، ”مـِـن رُوحـِـي“ ، ”مراد“ چئي.
(ب) بدعات ڇڏ تون، خودي خام خيال،
سچو ٿي صاحب سان، اَٿئي وقت وصال،
وَنءُ وهي وحدت ۾، جتي جوت جمال،
”دَع نـَـفسـُـڪَ وَتـَـعالُ“ ، ته پـَـسين محب ”مراد“ چئي.
(ت) توبهه ڪر تن کون، ڏينس ترڪ تمام،
پردو ڪـَـڍُ پرينءَ کون، ننگ ناموس ۽ نام،
”مـِـن عـَـرفَ نـَـفسہ“ ، ٻيو ڪـُـڇج ڪين ڪلام،
جو آهي اِسلام، محمدي ”مراد“ چئي.
(ث) ثابت ڪر سچ کي، ڪـُـوڙُ نه ايندءِ ڪم،
ڪايا، مايا، مال ڌن، دام نه هوندءِ دم،
تـِـرُ نه نيندين تنهن مؤن، جو جوڙي ڪيڙءِ جـَـم،
پوءِ غافل کائيندين غم، نه ته ساجهر سمجهه ”مراد“ چئي.
(ج) جدائي ڇڏ تون، وٺ پرين جو پير،
هٿ نه ايندءِ ايهڙي، پوءِ ورونهن وير،
صبح سين مَ سمهه تون، ٿي هيڪاندو هير،
سـُـري وڃ سوير، تو منجهه حضور ”مراد“ چئي.
(ح) حياتيءَ ڏينهڙا، تون پرينءَ گڏ گذار،
ماري من ”مراد“ چئي، وحدت ڏي وِکَ وار،
دلبرُ اَٿي دل ۾، دائم ڪر ديدار،
کڻي نيڻ نهار، آهن سڀ جاءِ سپرين.
(خ) خمر مؤن عشق جي، جنين چکي چـَـس،
ويا سڀيئي وسري، روح تنين جي رَس،
مـِـٺايا ”مراد“ چئي، محمودي، مجلس،
عام لنگهيائون لس، محو ٿيا محبوب سان.
(د) دلاسو دل کي، ڏنو پاڻ پرين،
وائي ساڻ وصال جي، جيءُ جياريو جن،
”نـَـحن اَقرَب اِليه“ ، آءٌ قرباني تن،
ٻيو سڀ ڏيئي ٻن، آءُ تان ڪريون ”مراد“ مشاهدو.
(ذ) ذڪر ڪر ذات جو، ٻيا وهم سڀ وسار،
راتو ڏينهان روح ۾، پرتئون ڪج پچار،
”فـَـاذڪـُـرُوني اَذڪـُـر ڪـُـم“ ، سڄڻ لهندو سار،
جي اهڙا سيڻ ستار، تن کي مور مَ ڇڏ ”مراد“ چئي.
(ر) رياضت رب جي، آهي فرض فنا،
اٿي موت مشاهدو، عاشق ٿئين ته آ،
”مـُـوتـُـوا، قـَـبلَ اَنتمـُـوتـُـوا“ ، آڻج اَمر بجا،
پوءِ هر دم ذوق بقا، ويٺو ماڻ ”مراد“ چئي.
(ز) زڪوات ڪڍيج تون، ڪري نفس نفي،
اَٿي وقت وصال جو، اچي عاشق ٿي،
سڀ گڻ لائق سپرين، ڪندو توهه تـُـسي،
پوءِ جانڪـِـي تون جي، ڪونهي موت ”مراد“ چئي.
(س) سيني ۾ تنهنجي، دل بيت المعمـُـور،
”ڪل شيءِ محيط“ ، آهي نسورو نـُـور،
ويٺو پڙهه پريت سان، هر دم حج حضور،
تون ڏور ”مراد“ مَ ڏُور، اَٿـِـي ساهئون اوڏا سپرين.
(ش) شراب وٺيج تون، صاف هٿئون ساقـِـي،
پي طهورا تـِـڪ ڏئي، مؤن من مشتاقـِـي،
نئين عمر ”مراد“ چئي، بخشيندءِ باقـِـي،
مرشد ملاقـِـي، ڪندءِ پهرئين جام ڀرڻ سين.
(ص) صبر جو رک تون، روزو اندر روحَ،
هوا، حرص، ”مراد“ چئي، کـِـڏ کڻي وجهه کـُـوهـَـه،
اَٺئي پهر پرينءَ سان، ويٺو ڪر ورُوهـَـه،
پوءِ هردم سنجهه صبوحُ، عيدون ڪج عجيب سين.
(ض) ضرور ”مراد“ ڪج، وحدت سين واپار،
منجهون حوض حضور جي، ويٺو وضو سار،
منهن محراب پرينءَ جو، نـِـت نمازَ گذار،
تهان پوءِ ٻيهار، توتي ڪونهي حرف حساب جو.
(ط) طلب ڪر تـَـڪيو، وحدت ۾ ٿي ويهـُـه،
ريءَ حقيقت حق جي، ٻيا سڀ مڪر ميهـُـه،
”لـَـم يـَـلـِـد“ ، ”مراد“ چئي، پسج پنهنجو ڏيهـُـه،
سندءِ سو ساڻيهـُـه، جت ناهي ٻيو ”نانهن“ ري.
(ظ) ظاهر ٻيو ذات ريءَ، قطرو آهي ڪين،
سڀ حقيقت حق جي، ٻولي ٻولـج ٻي نه،
”هـُـو الاَول، هـُـوَ اَلاخر“ ، سچي ساک سندين،
سو دنيا سو دين، جي تون پـُـرجهين مام ”مراد“ چئي.
(ع) عدم مان سپريم، جان واصل ٿيا وجود،
ته مـَـلڪن اَمر مڃيو، سڀني ڪيو سـُـجود،
پـَـسي منهن ”مراد“ چئي، ماڻيائون مقصود،
جي هئا ماڳ اُنهيءَ موجود، وڏا طالع تن جا.
(غ) غين ڀانئج غير، هي عين اُهوئي آهه،
نقطا جي نفيءَ جا، سي ”لا“ سوڌا ئي لاهه،
ثابت ڪر اثبات کي، روح سڃاڻج راهه،
ڏِس مَ ڏيا باهه، هي سڀ سـُـهـِـائي سج جي.
(ف) فنا في الله ٿي، پهرين ماڻج پاڻ،
پري ڀانءِ مَ پـَـر کي، ساجن تو هـِـي ساڻ،
”فـَـاينـَـما تـُـولـُـوا“ ، ”مراد“ چئي، ثابت ڪر سڃاڻ،
مـُـول مڙين مهراڻ، نه ته لهرين ليکو ناهه ڪو.
(ق) قلوب المؤمنين، آهي عرش الله،
مٿي تخت ”مراد“ چئي، پاڻ ويٺو بادشاهـَـه،
وڃي پهتو پـِـرَ کي، روح سڃاڻي راهـَـه،
پر هي سانڍ برابر ساهـَـه، ڳالهه پريان جي ڳـُـجهه جي.
(ڪ) ڪـَـڙو هڻ قلب کي، لاهه ڪثافت ڪـَـسُ،
اوجر ڏيئي آرسي، منهن پريان جو پـَـسُ،
”والظاهر و الباطن“ ، ٻيو سڀ ڏورون ڏَسُ،
هي عام ”مراد“ مَ پـَـس، جو ٻي ڪانهي لـِـکَ لطيف ري.
(ل) لطف ڪيو سڄڻا، ٻاجهون ٻاجهايا،
نماڻيءَ جي نجهري، اچي پرينءَ پير پايا،
سـَـوَن ورهين جا ڏکڙا، لحظي ۾ لاهيا،
سي شل موٽي مَ آيا، جي ويا وڇوڙي ڏينهڙا.
(م) مڙوئي سپرين، آءٌ ڪهڙو ڪريان بيان،
عقل اُت اوڏو نه ٿئي، ذڪر ناهي زبان،
”اَلاِنسان سـِـري“ ، سڀوئي سبحان،
جامع ڪـُـل جهان، آهه حقيقت حق جي.
(ن) نهايت نانهن ڪا، چوان ڪڄاڙو آن،
بي نمود ”مراد“ چئي، جنهن جو جسم نه جان،
سو پرجهڻ کان پـَـري ٿيو، لاهيو لامڪان،
هت ماڳ نه آهي مان، ريءَ هدايت حق جي.
(و) وصال پرين جو، ڪوڙين مان ڪي ڪن،
وايون تن وساريون، واتون ڪين ڪڇن،
وڃي وحدت ۾ پيا، محب جنين جي من،
سي سونهان ڪين مـُـنجهن، جن جو مهدي محب ”مراد“ چئي.
(هه) هدايت رب جي، ٿيءُ رهبر سان رهبر،
پـَـسي ڪين پرينءَ ري، ”ما زاغة البصـَـرُ“ ،
يار سڃاتو يار کي، ساڻ يقين نظر،
جئن سو شـِـير شڪر، تئن پرين مـِـٺا ٿيا پاڻ ۾.
(لا) لقاءُ پرين جو، پلپل ۾ پيو پـَـسُ،
جاڏي ڪاڏي سپرين، خالي ڪونهي خـَـسُ،
”عـَـرَفت رَبي رَبي“ ، راهه تنهين کي رَسُ،
تون پاڻ ”مراد“ مَ پس، جو آهي نـُـور نسوهرو.
( ء) ”الـَـست بـِـرَبڪـُـم“ ، جڏهن سجدو روح ڪيو،
سڃاتائين سپرين، وحدت منجهه ويو،
بنا محب ”مراد“ چئي، پـَـسي ڪين ٻيو،
وڃي تـِـتِ پيو، جت نـُـور نهايت ناهه ڪا.
(ي) يقين ڪريج تون، ٻيو ناهه ذرو ريءَ ذات،
اڄ ”مراد“ مشاهدو، ڏاتر ڏني ڏات،
اَٿي ڏينهن الست جو، ويهي وڃاءِ نه رات،
ڪلمو جنين وات، هوندا سي ايمان سين.