Jump to content

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/13

From Wikisource

(1)
نانگا ڇڏ نه ننگ، ٿو لائين رکَ لڱن کي،
توکي چـُـوسَ چـُـوسڻَ جـِـي، رامَ نه لڳڙءِ رنگ،
مايا ساڻ ”مراد“ چئي، ڪـُـوڙو ڪيو[1] ڪـُـسنگ،
ڌوئـِـي ڌُوڙ نـِـسنگ، ويئي لڄا نڪري.

(2)
جوڳي تو نه جـُـڳاءِ، جو ٿو ڪـَـنَ چـِـيرائين ڪاپڙي،
سامي سانت صبر جي، مـَـن ۾ مـُـندرا پاءِ،
سـِـڪَ سـَـڱي ڪر سڄڻا، ويٺو وير وڄاءِ،
سيلهي سـِـيل، پريت پٿر، اندر الک جـَـڳاءِ،
لـِـڱين رک لقاءَ جي، لاهوتي تون لاءِ،
روح ۾ رام ريجهاءِ، ڇڏ ٻاهريان مڪر ”مراد“ چئي.

(3)
جت نانگا نينهن لائين، تت ”نانهن“ بنان ٻيو نانهين ڪي،
ڳـُـوڙها ڳالهيون ڳـُـجهه جون، ڪاٿي ناڳائين،
جي پـَـرجهڻ کان پري ٿيون، سي واتون نا وائين،
سي روح ۾ رام ريجهائين، جن جي مالها ماٺ ”مراد“ چئي.

(4)
گيان گنگا دل دوارڪا، ڪايا ڪاسي، جن،
سي پورب ۽ پڇم جا، ڇاکون پنڌ پڇن،
ماري من ”مراد“ چئي، ٿا ريءَ تـَـن تـَـيرٿ ڪن،
سي نـِـت نانگا ناٿ پسن، جن کي گڏيو گـُـر گرنار ۾.

(5)
تـَـرڪ ڏنائون تـَـنَ کي، ماد ڪيائون مـَـن،
سي بابو بديهي ٿيا، ويئڙا منجهه وطن،
لامڪان ”مراد“ چئي، ڪيا آسـَـڻ آڌوتن،
سي نـِـت نانگا ناٿ پـَـسن، جي واحد وحدت ۾ ٿيا.

(6)
جي رنگ رتا رام جي، تن ڪالهه ڇڏي ڪاسـِـي،
ويئي تن کون وسري، چـِـتـوَن چوراسي،
لنگهي پيا لاهوت کون، اوڌو ابناسي،
تن جوڳين جاٽون پـُـنيون، جي هئا پيءُ جا پياسي،
لامڪان ”مراد“ چئي، ٿيا وحدت جا واسي،
سي سنمک سناسي، وڃي نانگا گڏيا ناٿ کي.

(7)
سـُـک نه ڏئي سرتيون، ويراڳين ويراڳ،
لوچي لامڪان ۾، ملڪوتين ڪيو ماڳ،
جيئري مرڻ ”مراد“ چئي، لاهوتين جو لاڳ،
ڏيئي ڏِيل ڏُهاڳ، وڃي سامي سـُـهاڳي ٿيا.

(8)
سـُـکن جو سرتيون، سامين چـَـکيو ساءُ،
هردم هلن هـُـو ۾، چـِـت جـَـنين جي چاءُ
منجهه ئي منجهه ”مراد“ چئي، ڪيو لاهوتين لقاءُ،
تون پڻ تنين کاءُ، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.

(9)
سامي سي چئجن، جن کي سـِـڪ سرير ۾،
سي لاهوتي لال ٿيا، جي هـُـو ۾ هـُـو هلن،
ماري مـَـنُ ”مراد“ چئي، ٿا نانگا ناٿ پـَـسن،
تون پڻ وٽؤن تن، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.

(10)
جن لاٿا نـِـيـَـرَ ننگ جا، تن ڪـِـيهو ننگ نانگن،
لنگهي ڪيا لاهوت کون، آسڻ آڌوتن،
روح رتائون رام سان، ٻيون وڌائون ٻـَـن،
منجهه ئي منجهه ”مراد“ چئي، ٿا جوڳي جاٽون ڪن،
تون پڻ وٽؤن تن، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.

(11)
نانگي کي ناسوت، کڻي پير پـَـسايو پـِـرَ جو،
تنهن کاهوڙي کرو پيو، ڏَس منجهون ملڪوت،
سڃاتائين سپرين، جاءِ وڃي جبروت،
لنگهيو جن لاهوت، تان ٿيو هـُـو ۾ محو ”مراد“ چئي.

(12)
گهر چورن جي گهـَـلِ، ۽ ٻاهر سانگ ڪرين ساڌن جا،
مڪر جي ”مراد“ چئي، ڌوڙ مَ منهن کي مـَـل،
تـَـسيو ڏئي تـَـنَ کي، جهيڙي جهـَـٽي جهـَـل،
پاڻ پنهنجو پـَـل، ته ٿئين سنگت جوڳو سڄڻين.


  1. ڪيڙءِ (ب).