Jump to content

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/03

From Wikisource
329082ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام — 03. بيت سوال - جواب سسئيءَ جا1964لطف الله بدوي

سوال:

تـَـڙ تـَـڙ تڪ مَ تور، ۽ ڪيچ ڪڄاڙي کي وڃين؟
نڪي هاڙهي هوت ويوءِ، نڪي حـَـب، هنگورو،
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، ڀوري! منجهه ڀنڀور،
ناحق ڏيهه مَ ڏور، اَٿـئي دل ۾ ديرو دوست جو.

جواب:

عاشقن ائين، ڪين سـَـري ري سڄڻين[1]،
موٽڻ جا ”مراد“ چئي، تون ڪئن ٿو ڏَسَ ڏِئين،
پيالو پريت جو، جي هٿئون هوت پئين،
ته جانڪو ڏينهن جئين، تان ڪوڪون ڪرين قاف ۾.

سوال:

قاف ڪڄاڙي ڪاڻ، ٿي ڪوڪون ڪرين قرب[2] لئه،
جن پرين لئه پنڌ ڪرين، سي تان توهي[3] ساڻ،
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، اوڳي منڌ اَڄاڻ،
پيهي نهارج پاڻ، اَٿـئي دل ۾ ديرو دوست جو.

جواب:

چي دوست پنهنجي دل ۾، سڄڻ ڏٺو جـَـن،
ويهڻ تـِـنن کي وهـُـه ٿيو، نڪي سـُـک سمهن،
موٽن ڪئن ”مراد“ سي، محب جـِـنن جي مـَـن،
هڪ تات نه اٿـِـي تن، ٻيو اُڪنڊين آڏو ورين.

سوال:

اُڪنڊين آڏو ورين؟ سنئون ڏنوسون ڏَس،
محبتن ”مراد“ چئي، شل گهوري لڳي مَ ڪـَـسُ،
دلبر اٿـِـي دل ۾، رڙهي تنهن کي رسُ،
ته جڳ پڻ چيئي[4] جـَـسُ، هوت به گڏجئي هـُـتهين.

جواب:

جـَـسُ تنين کي لـِـکيو، جي جودون جهد ڪن.
گهـِـڙي لڌائون گهـَـٽ ۾، سندو پير پرينِ،
وَهه پيا وحدت جي، ٻيون ڏنائون ٻن،
تن سک نه سالڪن، ويا هي- هي ڪندا حق ڏي.

سوال:

هي - هي هـِـنئين ۾ ڪجي، تون ٻاهر بات مَ بـَـڪُ،
”الانسان سـِـري وَ اَناسـِـره“ ، ساري پڙهه سبق،
”نحن اَقرب اِليه مـِـن حـَـبلِ الوَريد“ ، واري پس ورق،
ته هاري! توکي حق، هوت به گڏجي هـُـتهين.

جواب:

جي هـُـتهين هوت ٿيوم، تان ڀي ڏاڍي ڪنهن ڏُک مڙي،
”الست بربڪم“ ، ”قالوا“ ڪن پيوم،
”ڪـُـل شيءِ قدير“ ، سڻي سک ويوم،
تهان پوءِ ٿيوم، پسڻ پارُ پرينءَ جو.

سوال:

جي پسين پار پرين جو، تان رڙهج مٿي راهه،
دلبر اَٿي دل ۾، ڪاڏي ڪنديئـَـن ڪاهه،
”ڪل شيءِ محيط“ سڻج هيءَ صلاح،
ساجن شامل ساهه، اَٿي محب ”مراد“ چئي.

جواب:

ساجن تؤن سؤ وار، سر صدقو ڪريان ساههَ سان،
تن ۾ اٿم تنهن جي، اٺئي پهر پچار،
جي پاڻ نه هلين پـِـر ڏي، ته وينديـَـن هڏ مَ وار،
توڙي حيلا ڪرين هزار، تان ڀي پير پوئاهون نه کڻان.

سوال:

پڌر کڻ مَ پير، هل هـِـنئين سين هوت ڏي،
تو هـِـي منجهه ”مراد“ چئي، سپيريان جو سير،
سي سڀ سڄڻ تنهنجا، جي ڏجهڻ ڀانيئي ڏير،
وچون لاهي وير، هل ته پسين هوت کي.

جواب:

جن پروڙيو پاڻ ۾، وريو تن وصال،
ويا تنين کان وسري، ڪايا، مايا ڪال،
محو ٿيا محبوب سان، ڪـُـڇن قيل نه قال،
سي ڪـِـئـَـڙا نينهن نهال، محبتي ”مراد“ چئي.

سوال:

وڃي وهاڻي، تو سمهندي صبح[5] ٿيو،
”مـُـوتـُـوا قبل انت مـُـوتـُـوا“ ، ڄاتئي نه ڄاڻي،
پاڻ نه ماريئي پر لئه، ٿي واتون واکاڻي،
حيف وڃايئي هوت ريءَ، جوڀن جواڻي،
هاڙهياڻي هاڻي، پرينءَ منجهه پروڙ ڪي.

جواب:

آءٌ چئي چونديس ڪيترو، ڳالهه مڙيائي هڪ،
جنهن کي سچي سڪ، سا پسندي پرينءَ کي.


  1. سڄڻان (ب).
  2. ڪوڪون ڪرين ڪانڌ لئه (ب).
  3. توهين (خ).
  4. رهيئي (ب).
  5. صبوح (ب).