ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير روحل صوفي/04
(1)
ڪـَـچـِـي جي ڳنن جي، جنين چـَـري وَسَ،
سي پڪي پير نه ڏينديون، تن کي چارو ڏي چـَـسَ،
”روحل“ چوي تن جي، جيئري جايون ڪـَـسَ،
سي ليٽي پونديون لـَـسَ، تون مينهون پـَـسُ مَ مـَـتيون.
(2)
ڪـَـچو جي چارين، پيٽ چٽائي پانهنجي،
لالـچ لڳي لوڀ جي، وينديون نه وارين،
”روحل“ چوي ريج ۾، مينهون سڀ مارين،
هنجون سي هارين، ٿوري گهڻي ڏينهڙي.
(3)
جن چلڻ سان چاؤ، سي مينهون پـَـسُ مَ متيون،
ڳانيون جي ڳچيءَ جون، سي کتين جيئري جاؤ[1]،
جڏهن ورندي واهـُـندي واؤ، تڏهن جائون پوندن جان ۾.
(4)
مانجي جيرا جن جا، پـَـڪي ڪيڙا پاڪ،
چارو سو چـَـرنديون، جو موريو مينهن ماڪ،
”روحل“ چوي ريج کان، تن جي سـَـرهـِـي سـُـڄي ساک،
سي ٿڪي ڏين نه ٿاڪ، اندر اَڇا جن جا.
(5)
پـَـڪو جي چـَـرن، تن جون مينهون پـَـسُ مَ ميريون،
اوسر اچي نه اُن کي، توڻي گاهه ٻـُـرن،
”روحل“ ريج نه رنجيون، هـُـو جي ڦانڪين منجهه ڦرن،
سي هڏين ڪين مـُـڙن، ڏُکائيءَ جي ڏک سان.
(6)
ڪاڇو ٿا ڪـَـڇـِـين، طنابي تـِـکَ تاب مؤن،
آڻي لام منڍي ۾، ٿا سـَـؤ سـَـٺيون سارين،
”روحل“ رائر تن جا، نالا پـُـڪارين،
جا ڪـَـچي ٿا چاڙهين، سا پـَـڪي ٿيندي پڌري.
- ↑ (1) ڪانون جي ڪـَـچي جـُـون، کتيـُـن کـِـيري جاو. (غ).