ياد جانان/04
مئي ۾ هجرت ڪميٽيءَ جو بنياد پيو ۽ جون جو پورو مھينو تياريءَ ۾ گذريو ۽ جولاءِ 1920ع مطابق 21 شوال 1338 هجري تي رئيس المھاجرين لاڙڪاڻه مان پنھنجي هزارين رفيقن مھاجرن سميت افغانستان ڏانھن روانو ٿيو.
الوداع مھاجرين سنڌ جو اهو ڏينھن هڪ اهڙو تاريخي شاندار ڏينھن ٿي گذريو آهي جنھن جي سچي ڪيفيت ۽ اصلي حقيقت عبارت آرائي يا قلم جي معرفت بيان ڪرڻ سخت ترين مُشڪل آهي. لاڙڪاڻه جي سرزمين يقيناً اهڙو خوشي ۽ غم، شادي ۽ ماتم جو هڪ ٻئي سان گڏيل ڏينھن ڪونه ڏٺو هوندو. مھاجرن جي جُدائي ۾ جي هڪ طرف ماتم جي صف هئي ته ٻئي طرف مذهبي محبت ۽ اسلامي غيرت جي قربان گاهه ۾ صدقي ٿيڻ جي شادي به هئي. غم ۽ شاديءَ جو هڪ جاءِ هڪ وقت ۾اهڙو نظارو دُنيا جي سامھون تمام ٿورو ٿي گذريو هوندو. انهيءَ ڏينھن سنڌ جي سڀ ڪنھن ضلع ۽ هر گوشه مان هزارن جي تعداد ماڻهو عزيزانِ ملت مھاجرن جي موڪلائڻ ۽ الوداع ڪرڻ لاءِ آيل هئا، ساري شھر لاڙڪاڻه ۾ هڪ عظيم الشان ميلو لڳو پيو هو،جن جو اندازو 50 هزار کان به يقيناً زياده هو. مھاجر اگرچه سڀ ڪنھن ضلع مان آيل هئا پر بھرحال جيڪب آباد جي مظلوم مسلمانن جو شمار سڀني کان زياده هو، جو هو مذهبي مظلوميت کان تنگ اچي ڪُفرستان جي ظلمت ڪده کان آزاد ٿيڻ لاءِ پنھنجي اباڻي مُلڪ کي الوداع ڪري رهيا هئا. آخر 11 بجه رات لاڙڪاڻه جي سرزمين کي مھاجرين جي اسپيشل ٽرين ڇڏيو ۽ اڳتي پنھنجي منزل مقصود ڏانھن رواني ٿي، سنڌ جي رُڪ، سکر ۽ روهڙيءَ جي اسٽيشن تي ڪيترا مسلمان مھاجرن جي الوداع جي مھمانيءَ لاءِ طعام به کڻي اچي بيٺا هئا. مھاجرن جي اسپيشل ٽرين پنجاب مان لنگهڻ واري هئي تنھن ڪري پنجاب جي مشھور ليڊر مولانا ظفر علي خان اخبار زميندار جي مالڪ پنجاب جي مسلمانن کي سنڌ جي مسلمانن لاءِ هڪ لک روپيه امداد ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنھن ڪري عام طرح چندو شروع ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح اسپيشل ٽرين جي پنجاب مان لنگهڻ جو پروگرام پڌرو ڪري عام ماڻهن کي درخواست ڪيائين ته هُو مھاجرن جي دل کولي مھماني جهلن. سنڌ جي وطن مان جڏهن مھاجرن جي ٽرين پنجاب ۾ پير رکيو ته پنجاب جي مختلف اسٽيشنن تي سنڌ جي مھاجرن جو جنھن نموني سان استقبال ٿيو ۽ مھمانيون ڏيڻ ۾ آيون ۽ اُهي پنجاب وارن جي مذهبي زندگي جي خصوصيات مان هن وري عام طرح ڪيترن اسٽيشن تي سنڌ جي مظالم ۽ هجرت جي فائدن تي رئيس المھاجرين ۽ ٻين مھاجرن جي تقريرن سان پنجاب جي رهاڪن ۾ هڪ روح ڦوڪي ڇڏيو. ڪئمپل پور جي اسٽيشن تي جو هزارها پنجاب جا ماڻهو موجود هئا، ان موقعه تي اسان جي شيرين آواز پير سيّد علي انور شاهه صاحب پنھنجي مٺي طرز ۽ دل وڻندڙ لھجي ۾ جڏهن نظم ؛
اُٹھ باندھ کمر کیوں ڈرتا ہے،
پھر دیکھ خُدا کیا کرتا ہے۔
پڙهي ته روڄ ۽ واويلا جو ايڏو آواز اُٿيو جو اُهو خطه زمين عشره محرم بڻجي ويو، ريلوي اسٽيشن جي بجاءِ ڄڻ لکنئو جو ڪو امام واڙو نظر پئي آيو. پنجاب وارن جي دلين تي سنڌ جي مھاجرن جي خلوص سچي ارادي ايڏو اثر ڪيو جو اُن ساري مُلڪ ۾ هجرت جي هلچل نھايت زور سان پکڙجڻ لڳي ۽ هزارين ماڻهو پنجاب کي ڇڏڻ لاءِ آماده ٿي بيٺا. پشاور ۾ سنڌ جي مھاجرن جي جنھن نموني سان آجيان ٿي ان جو مثال هن کان اڳ هندستان ۾ بلڪل ڪونه گذريو هوندو. انهيءَ قافله ۾ رئيس المھاجرين مرحوم جي سرڪردگي ۾ ساڍا ست سئو سنڌ مان مھاجر روانا ٿيا جن مان ضلعه لاڙڪاڻه جي مختلف تعلقن مان عورتن ۽ ننڍن ٻارن کانسواءِ 288 مرد هئا. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد جي مظلوم ضلع مان 113 مرد ۽ ضلع سکر مان 68 مرد ۽ ٻيا ماڻهو ٻين ضلعن جا هئا. انهيءَ قافله ۾ قريب هڪ سئو جي لڳ ڀڳ عورتون هيون ۽ اهڙيءَ طرح گهڻا ئي نابالغ ٻار هئا. انهن سڀني مھاجرن ۾ 138 بلوچ ۽ 25 سيد بُزرگ ۽ 33 مختلف هنرن جا ڄاڻندڙ جن ۾ لوهر وغيره هئا. ترڪ وطن جو ڪيائون، چند علماء ۽ ڪيترا انگريزدان به انهيءَ قافله سان همرڪاب ٿيا هئا. اهو قافله جمعه جي ڏينھن 16 جولاءِ 1920ع تي پشاور مان نڪري سومر ڏينھن 19 جولاءِ تي جلال آباد ۾ پھتو. رستي ۾ سنڌي مھاجرن جي سرحدي ماڻهن به نهايت عزت سان آجيان ڪئي ۽ دعوتون کارايون ۽ مھمانيون جهليون. جڏهن رئيس المھاجرين ڪابل ۾ داخل ٿيو ته پاڻ پھريان مولانا عبيد الله سنڌي شيخ المھاجرين جي مڪان تي پنھنجي اهليه سميت وڃي لٿا، باقي ٻين عام مھاجرن کي ته جبل السراج ڏانھن وڃڻ جو حڪم هو ۽ ڪي وري جلال آباد ۾ رهجي ويا هئا. سنڌي مھاجرن کي شروعات ۾ راخير تائين ڪنھن به قسم جي تڪليف ڪانه هئي ۽ گورنمينٽ افغانستان جي انجامن موجب انهن جي زندگيءَ جي لوازمات کي جاري رکيو ويو، مگر پوءِ هنن مان گهڻا موٽي آيا اُن جو تفصيلوار بيان رئيس المھاجرين جي هڪ هيٺ ڏيکاريل تقرير مان پڌرو ٿيندو جا عنقريب اچي ٿي.