ياد جانان/01
مرحوم رئيس المھاجرين لاڙڪاڻي جي ويجهو هڪ ڳوٺ ڌامراهن ۾ سال 1304 هجري ۾ ڄائو. سندس والدُ بزرگ حاجي ڪريم بخش خان پنھنجي شھر جو معزز زميندار ۽ دولتمند ماڻهو هو ۽ قومي لياقت ڪري به هو، سنڌ جي قديم باشندن ۽ سابق الاسلام مُسلمانن جي خاندان مان هو. حاجي ڪريم بخش مرحوم پنھنجي جُوان بخت نونهال فرزند کي ابتدائي تعليم پنھنجي انهيءَ ڳوٺ ڌامراهن ۾ فارسي زبان جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ قومي خانگي مدرسه ۾ ويهاريو، جڏهن فارسي جي مروج نصاب کي ختم ڪيائين ته وري انهيءَ شهر جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ ستت ئي هو لاڙڪاڻه مدرسة الاسلام ۾ انگريزي تعليم لاءِ وڃي داخل ٿيو. لاڙڪاڻه مدرسھ ۾ فقط 5 درجا انگريزي جا درس ۾ داخل هئا جي براءِ نام پڙهايا ويندا هئا، جن جي پڙهڻ مان عموماً شآگردن جي زندگي تلف ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نتيجو ڪونه نڪرندو هو، مگر اسان جي جوان بخت رئيس جي طبيعت عام شاگردن کان آراڌي هئي جنھن لاڙڪاڻه مدرسھ جي بيڪار تعليم ۾ پڻ ڪار جھڙي ڪاميابي حاصل ڪري، وڃي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ شامل ٿيو.
هن جي شاگرديءَ واري زماني جي هردلعزيزي ۽ ملڻساري هن جي آينده ترقي ۽ غير معمولي شُھرت جو سچو شاهدُ ۽ پڪو دليل هئي، هو اسڪول جي زماني ۾ نھايت ساده مزاج ۽ صُلح ڪل هو. اگرچه ظاهري حالت ڪري هو چڱي دولتمند گهراڻي جو ٻار هو مگر قُدرت ان جي طبع کي اهڙو ته رلڻو ملڻو پيدا ڪيو هو جو جنھن ڪري هن ۾ زميندارن جي ٻارن واري ڪنھن وڏائي يا هٺ ۽ هوڏ جو نشان ئي ڪونه هو. سندس اهڙن پيارن لڇڻن مان سمجهدارن سمجهو ٿي ته هو اڳتي هلي دُنيا ۾ خاطر خواهه ناموري حاصل ڪندو.
بالائی سرش زہو شمندی،
می تافت ستارہ بلندی۔
ڪراچيءَ ۾ ميٽريڪيوليشن جي امتحان ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ هُو پنھنجي خيال سان ڪليڪٽر کان پاس وٺي في الحال خرچ راهه ٻه هزار رُوپيا هٿ ڪري ولايت ڏانھن قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو جو تقريباً هو سال 1910ع ۾ انگلينڊ ڏانھن بئرسٽري جي امتحان لاءِ سنڌ مان روانو ٿي ويو. اُن کانپوءِ ولايت جي سفر ۽ اتي رهڻ ۽ تعليم جي خرچن جو سمورو بار سندس والد بزرگ جي ذمه هيو. جيئن ته برابر پنجن سالن جي طول طويل سفر ۽ وطن جي جُدائي کانپوءِ هو بئرسٽري جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي سال 1915ع جي شروعات ۾ پنھنجي وطن عزيز ڏانھن خيريت سان موٽي اچي احبابن ۽ عزيزن جي دلين کي پنھنجي ديدار فرحت آثار سان مفرح ۽ مسرور ڪيائين.
ولايت جي مسافرت ۽ اُتي رهڻ وارن ڏينھنِ ۾ هن جوان بخت رئيس سان ڇا ٿي گذريو ۽ ڪھڙيءَ طرح ان عابد ڪش مـُلڪ ۾ گذاريائين، اُن جو هت بيان ڪرڻ نهايت فضول ۽ اجايو آهي، مگر جڏهن هو اُن زاهد فريب ۽ توبھ شڪن وطن مان واپس آيو ته اُن جي تمدني يا مذهبي زندگيءَ تي ايترو بورو اثر ڪونه پيل ڏسڻ ۾ آيو، جيترو عام انسان جي نوجوان لَنڊَني حاجين يعني بئرسٽرن تي پيل هُوندو آهي. هي بلڪل سچُ آهي ته لنڊن جھڙي شھر ۾ جتي اسلامي نقطه نظر سان حلال حرام جو ڪو فرق ڪونه آهي. شراب جھڙي امالخبائث (پليت شين جي ماءُ) کي اتي شير مادر وانگر واپرايو وڃي ٿو. عياشي ته عام زندگيءَ جو هڪ عزيز ترين جُزو آهي، پوءِ اهڙي شھر ۾ پاڪ بازُ ٿي گذارن بلڪل ڪٺن ڪم آهي مگر حد درجي انسانيت ۾ رهي اُتي زندگي گذارڻ اُن سفر کان پوءِ ماڻهوءَ جو ماڻهو سلامت موٽي اچڻ هڪ معجزو يا ڪرامت جھڙي ڳالهه آهي. اسان جي رئيس مرحوم جي اها ڪرامت هُئي يا سندس نيڪ بخت والد جي دُعا جو اثر هو جو جڏهن هو ولايت مان پنھنجي وطن ڏانھن واپس آيو ته ا نسان جو انسان بلڪه مسلمان انسان هو.
پھريان ڪجهه وقت قانوني ڪم جي تجربي ۽ آزمودي وڌائڻ لاءِ ڪراچيءَ م رهيو ۽ ان کانپوءِ ستت ئي لاڙڪاڻي ۾ اچي مستقل طرح وڪالت جي پيشي کي جاري ڪيائين. لاڙڪاڻه ۾ رهڻ کانپوءِ ٿوري عرصه اندر سندس والد بُزرگ هن جھان فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنھنڪري زمينداري ۽ خانگي معاملات جو سمورو بار هن جي مٿي تي اچي ويو. ساري ئي اندروني ۽ بيروني ڪم ڪار جو سنڀاليندڙ اڪيلي سر پاڻ رهيو. پنھنجن ڪڙمين ۽ هارين نارين جي دل ۾ هن جي نھايت گهڻي عزت ۽ پيار هو. سندس والد جي حياتيءَ ۾ ئي جڏهن هو زمينات جي ڌنڌي کان فارغ هو ته به سندن کيتي ڪندڙ هن کي بلڪل پيار سان ڏسندا هئا، ڇو ته هن هڪ وقت ڪيترن نادار مسڪين هارين کي جي سندس والد جا مقروض هئا، قرض بخشي هنن کي پَـيۡٺِ جي مرض کان آزاد ڪري ڇڏيو هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ هن لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي رهڻ ۽ وڪالت جي آفيس لاءِ هڪ دُو منزله بنگله جو بنياد وجهرايو جو اهو بنگلو اڳتي هلي خلافت ڪميٽي ۽ هجرت ڪميٽيءَ جي دفترن لاءِ وقف ٿيو ۽ اڄ تائين اُن جي اُچي اُچي عمارت پنھنجي قابل حسرت وُجود سان هن شھيدِ ملت ۽ مخير مرد جي يادگيري کي تازو ڪري رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ وڪالت وارن ڏينھن ۾ هن وٽ روزانه سوين ماڻهو سندس آفيس ۾ موجود رهندا هئا ۽ رات ڏينھن هن جي دَر تي مخلوقات جو انبوهه لڳو پيو هوندو هو، عجب ته هي آهي جوا گرچه هو شھر ۾ ٿي رهيو ۽ اُن سان گڏ وري انگريزي دان به هو مگر اُن هوندي به هن جي مھمان نوازي عام هئي ۽ پنھنجي اصيلن ۽ ٻين مھمانن لاءِ هن جو دسترخوان عام طرح وڇايل هوندو هو.
ہر کی چشمہ بود شیرین مردم و مرغ مورگرد آیند۔
ڪثرت ڪم ڪار جي ڪري هن انهيءَ زمانه ۾ 2 مسلمان وڪيل پگهار تي ڀائيوار رکيا هئا جي اُن جي غير حاضري يا ٻين حالتن ۾ سندس هدايت موجب ڪيس هلائيندا هئا. خلافت جو سوال اڃان مُلڪ جي پيش ٿيل ڪونه هو، اُن وقت ۾ سرڪار جي خوشامد ۽ چاپلوسي يا هندو مسلم جي وچـ۾ ڏُڦيڙ وجهڻ مُسلمانن جي قومي خدمت سمجهي وئي ٿي، ان هُوندي به رئيس مرحوم چاپلوسانه زندگي ۽ قومي ۽ مُلڪي هندو مسلمانن ۾ تفرقھ اندازيءَ کان پرهيز ڪندو رهندو هو جنھن جي ثابتي هن مان ٿي سگهي ٿي ته سال 1917ع ۾ جڏهن مسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي تحريڪ سان مُسلم ليگ جي ڪراچيءَ ۾ شاخ کولي وئي ته ان قومي پوليٽيڪل جماعت جي ممبريءَ ۾ سنڌ مان جن چند زنده دل مسلمانن پنھنجا نالا ڏنا هئا اُنهن ۾ اسانجو نوجوان رئيس مرحوم به هو، حالانڪه اُن زماني ۾ مُسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا مقاصد ۽ مطلب بلڪل هڪجھڙا هئا، جنھن موجب هندو مسلم جو سوال قوميت يا هندستاني هجڻ جي حيثيت ڪري موجب بلڪل کنيل هو. مسلم ليگ جي ممبريءَ کان پوءِ رئيس مرحوم جي قومي زندگيءَ جو دور شروع ٿئي ٿو جنھن کانپوءِ آخر هُو تمام ٿورڙي عرصه ۾ فنا في القوم جي حد کي وڃي پھتو. مارچ سال 1918ع ۾ اسانجي دوست شيخ عبدالعزيز صاحب سنڌ ۾ هڪ عربي انگريزي اسڪول جي قيام لاءِ سکر ۾ تعليمي ڪانفرنس سڏائي جنھن ۾ پياري رئيس مرحوم نهايت فراخ دليءَ سان حصو ورتو ۽ ان تعليمي جلسه جي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوريءَ طرح ڪوشش ورتائين. انهيءَ موقعي تي سنڌ جي عُلمائن کي جمعية علماء سنڌ جي قائم ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي، جنھن جو وقتي صدر آقائي جناب پير سيّد حاجي امام الدين شاهه صاحب راشدي ٺلاهي چونڊيو ويو هو، اسانجي رئيس مرحوم خاص هن تقريب ۽ خوشيءَ ۾ ته اسان جي سنڌ جو هڪ پير صاحب عُلمائن جي جماعت جو صدر ٿيو آهي. رٿيل عربي انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ٻن شاگردن لاءِ اسڪالرشپ منظور فرمائي پنھنجي فراخ حوصلي جو ثبوت ڏنو، افسوس جو خلافت ۽ پنجاب جي حادثه جي سوال اٿڻ کانپوءِ اهي سڀ رٿون خواب جي قصه وانگر نظر اچڻ لڳيون.
اي با آرزوئی کہ خاک شُدہ ۔
انهيءَ ڪانفرنس کانپوءِ ستت ئي سنڌ م ڪن ڪامورن هڪ مُلان فيض الڪريم جي معرفت تُرڪي خلافت جي برخلاف هڪ مردود رسالو پڌرو ڪري اچي سنڌ ۾ فتنو اُٿاريو. ڪيترن علمائن ۽ پيرن کان زور زبردستي ڪري ۽ نيش نوش ڏيکاري اُن رسالڙي تي دستخط ورتا ويا، خاص ڪري ضلع لاڙڪاڻه ۾ ان ڪم جي متعلق قسم جا ظلم روا رکيائون،مولوي ويچارا عام طرح غافل هئا، هنن کي ان ڪارروائي جي بُنياد ۽ اصل جي ڪا خبر ڪانه هئي، جنھن ڪري هُو ڪن خوشامدڙين زميندارن جي دڙڪي ۽ سندسن نشانه حملن جو شڪار ٿي پيا، انهيءَ مخصوص رساله جو گوڙ اڃا مُلڪ ۾ هليو پئي ته ترڪي شرائط صلح جي ناجائز تجويز ۽ تُرڪي سلطنت جي ورهاڱي جو سوال اٿيو جنھن بابت شروعات م لکنئو ۾ هڪ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس سڏائي اُن جي متعلق صداء احتجاج بُلند ڪيو ويو ۽ اُتي ائين به پاس ٿيو ته ساري هندوستان جي ننڍن وڏن شھرن ۾ 17 آڪٽوبر 1919ع ترڪي جي بقاء سلطنت لاءِ دعا گُهري وڃي، جنھن کي پھريون يوم الخلافت سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ يوم الخلافت جو اعلان نهايت تنگ وقت ۾ ٿيو، سنڌ ۾ هن کان اڳ خلافت جي لاڳو ظاهر ظھور ڪم ڪونه ٿيو هو، ازانسواءِ اُن ردي رسالن جي ڪري جو ڪامورن ۽ سندن زميندارن ڇاڙتن ڳجها ۽ ظاهر ظُلم ڪيا ۽ ضلع لاڙڪاڻي جي عُلمائن ۽ پيرن کي تڪليفون پھچايون هيون، تنھنڪري ماڻهن جي دلين۾ هڪ قسم جو خوف ۽ هراس به ويٺل هو. اهڙين حالتن هوندي لاڙڪاڻه ۾ يوم الخلافت جو مَلهائڻ ڪو سڻائو ڪم ڪونه هو. مگر جيئن وقت ويجهو پوندو ويو تيئن اسان جو نوجوان رئيس حضرت پير تراب علي شاهه راشدي جي مدد سان يوم الخلافت جي ڪامياب بڻائڻ جو ڪم نهايت سرجوشي ۽ سرگرميءَ سان شروع ڪري ڏنو. شهر لاڙڪاڻه ۽ اُن جي آس پاس جا ماڻهو اُن ڏينھن جي ملهائڻ لاءِ تياري ڏيکارڻ ٿيا. شهر جي ڪن وطن فروش خوشامدين نوڪر شاهي عمله کي خوش ڪرڻ لاءِ منافقانه مخالفت ڪرڻ لڳا مگر هنن جي مخالفت وڌيڪ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجندي وئي. 17-آڪٽوبر واري ڏينھن رئيس مرحوم جي بنگله جي سامھُون عيد گاهه ۾ نهايت ڌامڌوم سان جلسه دُعا منعقد ٿيو. جنھن ۾ شھر کانسواءِ ضلع لاڙڪاڻي جا سوين ماڻهو اچي شريڪ ٿيا هئا، اُنهيءَ ڏينھن خوشامدڙين جي ڪن ڇاڙتن هڪ ڪوڙو هُل وٺي هُلايو جنھنڪري جلسه واريءَ جاءِ تي پوليس تحقيق لاءِ آئي ۽ رئيس مرحوم کي ڪليڪٽر گهرايو پر ڳالهه ۾ ته ڪجهه به نه هو، جلسه نھايت ڪاميابيءَ سان ٿي گذريو ۽ مخالفن کي حسرت جي ڳوڙهن کي ناڪاميابيءَ جي دامن سان اگهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل ٿيو.
نومبر 1919ع تي دهلي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو پھريون اجلاس ترڪي شرائط صُلح تي اظھارِ خيالات لاءِ سڏايو ويو. جنھن ۾ اسان جي سنڌ ديس مان تمام گهڻي تعداد ۾ مسلمان هلي شامل ٿيا، جن مان مولانا تاج محمود صاحب امروٽي، پير سيد تراب علي شاهه صاحب ۽ رئيس مرحوم ۽ شيخ عبدالعزيز ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون قابل ذڪر آهن. رئيس مرحوم جي تحريڪ سان آل انڊيا خلافت ڪانفرنس دهليءَ جي خطبه صدارت ۾ سنڌ جي ظُلمن جو ذڪر درج ڪرايو ويو جي هڪ مُلا مجھول جي رساله جي متعلق ڪامورن ڪيا هئا ۽ اهڙي طرح اُنهن ظلمن جي متعلق هڪ تجويز به پاس ڪرائي وئي هئي اُنهيءَ ڪانفرنس جي موقعي تي هي به ٺھراءُ پاس ڪيو ويوته ايندڙ صُلح جشن ۾ جو ڊسمبر 1919ع جي 13 کان وٺي 16 تائين رٿيل هو ڪوبه مُسلمان بھرو ڪونه وٺي. اهڙيءَ طرح جمعية علماء هند به ان صلح جشن ۾ نه شريڪ ٿيڻ جي شرعي دليلن سان هڪ فتوى ڏني، جنھن جي تعميل لاءِ خاص سنڌ وارن اتي دهليءَ ۾ ئي جنھن مڪان ۾ هو ٽڪيل هئا مسٽر عبدالجبار وڪيل جي زير صدارت ان ڳالهه تي غور ۽ ويچار ڪرڻ لاءِ هڪ جلسو منعقد ڪيو جنھن ۾ هي خاڪسار هن ورقن جو گڏ ڪندڙ به شريڪ هو. انهيءَ ميٽنگ جي فيصله موجب سنڌ جا ضلعا اُنهن ضلعن جي نمائندن کي ورهائي ڏنا ويا ته هو صُلح جشن جي برخلاف وڃي ڪم ڪن. جيئن ته ضلع لاڙڪاڻه رئيس مرحوم جي ذمه ٿيو جو دهلي کان موٽي اچڻ بعد پنھنجي زندگي جي رفيق شفيق پير تراب علي شاهه ۽ يار غار پير سيد علي انور شاهه راشديءَ جي رفاقت سان صُلح جشن جي برخلاف ماتم جشن جون تياريون ڪرڻ لڳا، هزارن جي تعداد ۾ اشتھار تقسيم ڪيا ويا ۽ ماڻهن کي جلسه ڪري به سمجهايو ويو، آخر جشن واري ڏينھن ڪارن جهنڊن سان هڪ زبردست ماتامي سرگشت نڪتو ۽ لاڙڪاڻه ۾ اهڙي هڙتال ٿي وئي جو ڄڻ راڪاس گهمي ويو آهي.