محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/26

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
320244محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم — 26. عائشه سان نڪاح1911لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

محمد صاحب ﷺ ڏٺو ته هتي مديني ۾ بلڪل سلامت ويٺا آهيون ۽ دين اسلام به زور پيو وٺي هاڻ ڪو پنهنجو به ته گهر ٻار ٺاهجي. بي بي سوده سان نڪاح برابروڌو هوائين ۽ ان سان صحبت به ڪندو هو. پرگهر ٻار جي فرحت ٻي آهي. هيڏانهن ابوبڪررضه کي به پنهنجيءَنياڻي جو خيال هو .تنهن کي جا پيئي لِک سو چيائينس”حضرت عائشه سان کڻي شادي ڪريو”حضرت محمد ﷺ عائشه سان مڱيو ته اڳيئي ويٺو هو بس کڻي هن وقت ساڻس شادي ڪيائين.