محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/04

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
320222محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم — 04. عثمان عيسائي1911لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

ٿورا ڏينهن گذريا ته عثمان بن حارث وطن جو ويري ٿي بيٺو دين عيسائي اختيار ڪيو هوائين ۽ مرضي هيس جو مڪي جي حڪومت جون واڳون يونانين کي کڻي سپرد ڪريان ۽ سچ پچ ان جي سربراهيءَ لاءِ ويهن ئي نهن جو زور لڳائي بيٺو پر محمد ﷺ اهڙو کڻي ڳوٺاين ۾ جوش جاڳايو جو سڀ ننڍا وڏا ملڪ جي بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ملڪ ڌارين جي ٻانهپ کان ڇٽي ويو