قديم سنڌ/باب سورهون
”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ: ”ڌرم“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڌر“ معنيٰ ڌارن ڪرڻ يا جهلڻ. ڌرم هڪ جهلو يا ٽيڪ آهي، جنهن جي آڌار تي هيءُ سارو سنسار هلي ٿو. رگ ويد ۾ ”ڌرم“ لفظ جي معنيٰ آهي ”قائدو“. جيئن راجا جي ٺهرايل قاعدي پٽاندر حڪومت جو چرخو هلي ٿو، تيئن ايشور جي اِڇا موجب سنسار جو ٻيڙو ڌرم تي هلي ٿو، جيڪي ست آهي، سو ڌرم آهي. جيڪا نيتي آهي، سا ڌرم آهي. ائين ڌرم لفظ کي نهايت ڪشادي معنيٰ ملي آهي. انسان جا جيڪي به فرض آهن، سي سڀ ڌرم ۾ اچي وڃن ٿا. دان پڃ ڪرڻ ۽ ٻيا نيڪ اخلاق توڙي اهي ڪم جي آتما کي سنتوش ڏيندڙ آهن، سي سڀ ڌرم جي ڌاڳي ۾ پوتل آهن. انهيءَ ريت ڌرم جو نالو هن لوڪ توڙي پر لوڪ سان آهي. جيڪو ڌرم سنسار جي ڳالهين سان سٻنڌ رکي ٿو، سو ”پرورتي ڌرم“ سڏجي ٿو، ۽ جو موڪش (مڪتي يا نجات) سان لاڳاپو رکي ٿو، سو ”نِورتي ڌرم“ ڪوٺجي ٿو. ڌرم جي انهن ٻنهي پرڪارن جو وستار ويدن جي براهمڻن، اُپنشدن ۽ ٻي ڌرمي شاسترن ۾ آهي. سڀني شاسترن جو مول ويد آهن، تنهنڪري هندو ڌرم عام طرح ”ويدڪ ڌرم“ سڏجي ٿو.
ويد انادي آهن يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه. انهيءَ سبب هندو ڌرم ”سنائن ڌرم“ سڏبو آهي. سنائن معنيٰ ”آڳاٽو، اوائلي، دائمي يا هميشگي وارو“ تنهنڪري ”ناتن ڌرم“ معنيٰ اهو آڳاٽو ڌرم جو آد کان هليو اچي ۽ نت آهي(Existing in all eternity).*
ڌرم جو خيال ڪيئن پيدا ٿيو؟ ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته هندن توڙي ٻين قومن کي ڌرم جو خيال موت بابت ويچار ڪندي آيو، جيڪو ڄمي ٿو، سو اوس مري ٿو. دنيا ۾ رهي ماڻهو پاڻ پتوڙي، ڌن مال ڪٺا ڪري ٿو، پر آخر سڀ اتي ئي ڇڏي ٿو. مٽن مائٽن مان ڪوبه سنگتي ساٿي ڪونه ٿو ٿئي. مرڻ کانپوءِ ماڻهو اڪيلو ئي اڪيلو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ اهڙن خيالن ماڻهن ۾ قيامت ۽ پرلوڪ جا خيال پيدا ڪيا. وقتي مئل مائٽ سُپني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ انهن کي دکي يا سکي ڏسجي ٿو. اهڙين ڳالهين پوءِ جي دک سک جا خيال جاڳايا. ائين ڌرم جي خيال جو بنياد پيدا ٿيو، ۽ پوءِ هرهڪ قوم پنهنجي پنهنجي نموني ڌرم تي هلڻ جون واٽون ٺهرايون.
هندو ڌرم ۽ ان جو اوائلي ماڳ: هندو ڌرم ڪنهن جاري ڪيو، ۽ ان جي شروعات ڪڏهن ٿي، تنهن جي ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. جيئن عيساين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ حضرت عيسيٰ، اسلام جو بنياد وجهندڙ محمّد صلعم، پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ زردشت (زورئسٽر) ليکيا وڃن ٿا، تيئن هندو ڌرم ڪنهن به بني بشر جي نالي پٺيان ڪونه سڏجي ٿو. ”هندو ڌرم جو مول ”ست“ آهي، ۽ ستيه سروپ ايشور پاڻ ليکي ٿو. هندو ائين وسهن ٿا ته ”جڏهن جڏهن ڌرم جي هاڃي ٿئي ٿي، ۽ اڌرم زور وٺي ٿو، تڏهن تڏهن ڌرم جي رکيا ڪرڻ لاءِ ايشور پاڻ اوتار ڌاري اچي ٿو“. هندن ۾ سري رامچندر، سري ڪرشن ۽ ٻيا ڪيترا اوتار ٿيا آهن، جن کي هندو اڄ تائين پوڄين ٿا، ته به اهي هندو ڌرم جا باني نٿا ليکجن، ۽ نڪا انهن پاڻ ڪڏهن ڪا اهڙي دعويٰ ڪئي. هندو ڌرم کانئن گهڻو گهڻو اڳي هو، ۽ عام طرح ”سناتن“ (آڳاٽو) ڌرم سڏيو وڃي ٿو، جيئن مٿي اڳي چيو ويو آهي.
هندو ڌرم جو بنياد جن اصولن تي ٻڌل آهي، سي به ڪنهن هڪ ڄڻي جا جاري ڪيل ۽ ڦهلايل ڪينهن. اهو ويدڪ ڌرم آهي ۽ ويدن جون رچائون گهڻن رشين جون چيل آهن. جيئن جيئن کين الهام ٿي ٿيو، يا سرسوتيءَ ٿي ٻولايو، تيئن تيئن ٿي ٻوليائون. آڳاٽن رشين مان ڪي اول سنڌونديءَ جي ڪنٺي تي، ته ڪي سرسوتيءَ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنٺن تي رهندا هئا، تنهنڪري هندو ڌرم ۽ هندو سڀيتا جا اوائلي ماڳ سنڌ ۽ پنجاب آهن، جن مان به سنڌو نالو اهڙو برک هو، جو هندو ڌرم، هندو جاتي ۽ سڄو هندستان اڄ تائين ”سنڌو“ (هندو) نالي پٺيان سڏجن ٿا.
سنڌو ندي جهڙي پاڻ ڪشادي آهي، تهڙي ئي ڪشاده خيالي آڳاٽن رشين ۾ پيدا ڪيائين. ڪهڙو به هندو ڪهڙي به عقيدي تي هلي، ۽ ڪهڙي به نموني جي پوچا ڪري، ته ان لاءِ کيس کلي آزادي آهي. علحده عقيدن ۽ متن تي هلڻ ڪري ڀلي ته ڪو هندو ڪهڙي به پنٿ جو پاڻ کي سڏائي، ته به هو هندو آهي. ”پنٿ“ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اُچار ”سنڌيءَ ۾ ”پنڌ“ به آهي. جيڪي به پنٿ آهي“ آهن، سي سڀ سچي سائينءَ سان ملڻ لاءِ ”پنڌ“ يا واٽون آهن. جنهن کي جيڪا به واٽ وڻي سا ڀلي وٺي، جو سڀ واٽون آخر انهيءَ تائين پهچائين ٿيون، جو سڀني جو سرجڻهار آهي، ۽ جنهن سان آخر سڀني جو ڪم آهي. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ سري ڪرشڻ به ارجن کي ائين ئي چيو آهي.
هندو اها دعويٰ به ڪانه ٿا ڪن، ته رڳو سندن ڌرم منجهان ئي موک ملندو يا نجات حاصل ٿيندي. هن باري ۾ اُپنشدن ۾ چيل آهي ته ”جيئن گاين جا رنگ نرالا آهن، پر سڀ گايون ساڳيو ئي اڇو کير ڏين ٿيون، تيئن ڌرم (مذهب) جيتوڻيڪ نرالا آهن، ته به مقصد هڪڙو ئي اٿن.“ هن مان ظاهر آهي ته هندو ماڻهو سڀني ڌرمن يا مذهبن کي عزت جي نگاهن سان ڏسن ٿا، ۽ سندن مقصد هڪڙو ئي ۽ نهايت امول ڪري ليکجن ٿا.
هندن جا ديوتائون، آڳاٽا آريه لوڪ قدرت سان رهاڻ ڪرڻ جا ڪوڏيا هئا، ۽ قدرت جي هر هڪ ڳالهه تي ويچار ڪندي، قدرت مان قادر ساڻ ملڻ جي واٽ لوچي لڌائون. سندن اندرين اک کليل هئي. قدرت جي هرهڪ ڳالهه ڏي جيئن شاعراڻي نظر سان نهاريائين ٿي، تيئن سندن اندر ۾ اُمنگ ٿي اُٿيا، ۽ واحد جي وڏائيءَ ۽ واکاڻ ۾ ٿي ڇٽڪيا. سندن خيال جي سموري رفتار رگ ويد مان بنهه چٽيءَ ريت پرجهي پروڙي سگهجي ٿي، ۽ پوءِ سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته هندن جي ديوتائن جو تعداد ڪيئن وڌيو، ۽ ڪيئن آڳاٽن آرين ڪثرت مان وحدت لوچي لڌي.
اُڪاس ۽ پرٿوي – اَبو اَمان: آڳاٽن لوڪن پنهنجي مٿان هيڏو سارو آسمان ڏٺو، جو قدرت جو هڪ عجيب ڪارخانو آهي: ان ۾ ڏينهن جو سج ۽ رات جو چنڊ تارا چمڪن ٿا، جي حيرت جهڙي جهڳ سڳ لائين ٿا. ان جو نالو رکيائون ”آڪاش“، جنهن جي معنيٰ آهي آسمان يا اُڀ، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”جو چوڌاري چمڪي ٿو.“ * انهيءَ چمڪندڙ يا ٻهڪندڙ آسمان جي ديوتا کي سڏيائون. ”ديوُس پتر“ يعني ”ابو آڪاش.“ (Sthe Sky Father) ”ديوتا“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي چمڪندڙ يا جوت وارو (Shining being)، ۽ ڌاتو اٿس ”دوِ“ معنيٰ چمڪندڙ يا روشنائي ڪرڻ. پوءِ ”ديوتا“ لفظ کي وڌيڪ ڪشادي معنيٰ ملي، جنهنڪري پرٿوي (زمين)، پون (هوا) وغيره به ديوتائون سڏجڻ ۾ آيا.
آڳاٽن لوڪن پنهنجن پيرن هيٺان هيڏي ساري زمين ڏٺي، ته ان جو نالو رکيائون ”پرٿوي“، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا ويڪري آهي“ ان کي ”ڌرتي“ به سڏيائون، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”جا جهلي بيٺي آهي.“ ”ڌر“ معنيٰ ”جهلڻ“. اها پرٿوي يا ڌرتي، مرن ۽ ٻين جاندار توڙي بي جان شين کي ماءُ وانگر پنهنجي گود ۾ جهلي بيٺي آهي، ۽ سڀني ساهه وارن کي ائين کاڌو پهچائي ٿي، جيئن ماءُ پنهنجن ٻچن کي پهچائي. اهڙنخيالن وچان پرٿويءَ کي سڏيائون ”ڌرتي ماتا، ڌرتيءَ جي مٿان جنهن وقت سج اُڀريو بيٺو آهي، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا عمدو لقاءُ لڳائي بيٺا آهن، ۽ هرهڪ چمن ۾ چهچٽو لڳو پيو آهي، تنهن مهل ڌرتي ڄڻ ته ٻهڪي پيئي. چانڊوڪيءَ رات ۾ ڌرتيءَ جو ڄڻ ته روپ پلٽجي ويندو آهي، ۽ ندين ۽ تلائن جو پاڻي چانديءَ وانگر چمڪندو آهي، تنهنڪري ڌرتيءَ کي به ديوتا ڪوٺيائون.
ڌرتيءَ جي ڪنهن به هنڌ بيهي، پري پري نهارجي ٿو ته ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڌرتي ۽ آسمان هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا آهن، گويا سندن ئي ميلاپ سان هيءُ سارو جهان پيدا ٿيو آهي. آسمان مان برسات جون بوندون وسن ٿيون، ته ڌرتي جهٽي ٿي ۽ انهيءَ ريت اُتپتي ٿئي ٿي (اٿرو ويد، منڊل ٻارهون، 1، 12، 42). ائترييه براهمڻ؛ (4، 27) ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ جي وهانءَ جو ذڪر آهي. اهي سڀ شاعرانا خيال آهن. اهڙن خيالن وارن اَڪاس ۽ پرٿويءَ کي ساري جهان جو اَبو اَمان ڪري ڪوٺيائون (رگ ويد، منڊل پهريون، 155، 3، منڊل ٽيون، 3، 11، منڊل ستون، 53، 2). آڳاتن يوناني لوڪن به ائين شاعراڻي نموني آڪاس ۽ پرٿويءَ کي ساري جهان جو ابو امان ڪوٺيو آهي.
اَدتيه ۽ دئت: رگ ويد ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ کي ديوتائن جو به ابو امان ڪوٺيو اٿن. هن ڳالهه ۾ وري هڪ ٻيو خيال سمايل آهي، جو کولي ٻڌائجي ٿو. ڌرتيءَ کان وٺي آڪاس تائين، ۽ آڪاس کان مٿي جيڪي به آهي، تنهن جي ڪا به حد ڪانهي. انهيءَ سموريءَ وٿيءَ کي به ديويءَ جو روپ ڪري ڄاتائون، ۽ ان جو نالو رکيائون ”آدتي“ (Aditi) جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”نه ٻڌل يا حد نه ٿيل يعني آزاد يا ڇوٽ (وٿي) يا ”اننتتا“ يعني جنهن جي انت يا حد ڪانهي (لاحد(Infinity“. ”اَدتيءَ“ جي ٻي معنيٰ آهي ”جا وڍجڻ يا ناس ٿيڻ جي نه آهي“. تنهنڪري پروفيسر راٿ (Professor Roth) جي خيال موجب اها هميشگيءَ(Eternity) جو روپ آهي: آسمان جا ديوتائون (سج وغيره) انهيءَ هميشگيءَ جو اولاد آهن، ۽ سدائين بيٺا آهن، تنهنڪري اهي ”آدتيه“ يعني اَدتيءَ جا پٽ سڏيا ويا آهن. اَتدتيءَ کي ديو ماتا يعني ديوتائن جي ماءُ ڪوٺيو اٿن. اوائل ۾ رڳو ست اَدتيه ليکبا هئا، جن مان مکيه ورڻ ديوتا هو، جنهن جو ذڪر ڌار ڪبو. ديوتائون سدائين آمر آهن يعني مرڻ جا نه آهن، پر رگ ويد جي منڊل ڏهين (72، 8-9) ۾ ڄاڻايل آهي تهاَدتيءَ پنهنجو هڪپٽ مارتنڊ (سورج؛ امر ديوتائن جي دفعي مان ڪڍي ڇڏيو، جنهنڪري ڄمڻ ۽ مرڻ جو قاعدو هن سال لاڳو ٿيو. هيءَ رنگين زباني آهي. سج ڏهاڙي صبح جو ڄمي ٿو، ۽ رات جو مري وڃي ٿو، ٻئي ڏينهن صبح جو وري جنم وٺي ٿو، تنهنڪري آمر نه چئبو.
ويدن کان پوءِ براهمڻ واري زماني ۾ اَدتين جو تعداد وڌي ٻارهن ٿيو، اهي ورهيه جي ٻارهن مهينن جي سورج جا سروپ آهن. سنڌيءَ ۾ آدتيه جو آچار آهي ”آڏت“ ۽ معنيٰ اٿس ”سج“. ادتيه وار (آڏتوار يا آرتوار) معنيٰ اٿس سورج ديوتا جو ڏينهن (Sunday) . ”آدتيءَ“ جو ضد آهي ”دتي“ معنيٰ حد ٿيل ان ۾ پاتال لوڪ ليکيو اٿن. دتيءَ جي اولاد کي ”دئتيه“ يعني دتيءَ جا پٽ ڪوٺيو اٿن. دئتيه جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”دئت“ ۽ معنيٰ اٿس ڀوت يا راڪاس. ادتيءَ ۽ دتيءَ کي پوءِ مجسم (Personify) ڪري، انهن بابت ڪي ڪٿائون ٺاهيون اٿن، جن اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڄاڻايل آهن.
ورڻ ديوتا: آسمان ۾ جيڪي آدتيه آهن، تن جي مٿان ورڻ ديوتا آهي. ”ورڻ، لفظ جو ڌاتو بنياد آهي ”ور“ (Vri) معنيٰ مٿان وري وڃڻ يا ڍڪڻ. ڌرتيءَ کي مدٿان آسمان ڍڪي بيٺو آهي، تنهنڪري آسمان ”ورڻ“ آهي. آسمان ۽ سمنڊ اُفق وٽ هڪ ٻئي سان گڏيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ سڀ نديون سمنڊن ۾ وڃي پون ٿيون، تنهنڪري ”ورڻ“ سمنڊ توڙي ندين جو به ديوتا آهي، ۽ اهو پاڻيءَ کي مٿان ڍڪيو بيٺو آهي. انهيءَ ريت زمين توڙي آسمان سڀ ورڻ ديوتا جي حڪومت جي حد اندر اچي وڃن ٿا. رگ ويد ۾ ورڻ ديوتا بابت هيئن کيل آهي:
”هو آڪاس توڙي ڌرتيءَ جو جهلو آهي، ۽ سڀني لوڪن (دنيائن) ۾ حاڪم ٿي رهي ٿو (منڊل اٺون، 42، 1). سون جهڙي سج کي آسمان ۾ هو هلائي ۽ چمڪائي ٿو (منڊل ڇهون، 70، 1۽ ستون، 86، 1، 87، 6). هوا جا گهوگهٽ پيئي ڪري، سا هن جو سواس (ساهه) آهي (منڊل ستون، 87، 82). ندين جا پيٽ هن ٺاهيا آهن، ۽ سڀ نديون سندس حڪم پٽاندر وهن ٿيون ”منڊل پهريون، 24، 8، منڊل ٻيو، 28، 4 ۽ منڊل ستون، 87، 1). اهڙي عجيب اٽڪل رکي اٿس، جو سڀ نديون سمنڊ ۾ وڃي پون ٿيون، پر هن کي ڪڏهن به ڀري نٿيون سگهن (منڊل پنجون، 85، 6). هن جا ڪم مقرر ٿيل آهن، ۽ اهي آمر ڪو اورانگهي نٿو سگهي (منڊل ٽيون، 54، 18). سندس حڪم پٽاندر چنڊ پنهنجي چانڊوڻ ڪري ٿو، ڏينهن جو تارا غيبي طرح گم ٿي وڃن ٿا (منڊل پهريون، 24، 10). آڪاس ۾ پکي جيڪي واٽون وٺي اُڏامن ٿا، سمنڊ تي جهاز جن واٽن کان وڃن ٿا، ۽ هوا پرانهن پنڌن تي ڪهڙي واٽ وٺي لڳي ٿي، سي سڀ سڌيون کيس آهن. جيڪي ڳجها ڪم ٿين پيا، يا ٿيڻا آهن، سي سڀ هو ڏسي ٿو (منڊل پهريون، 25، 7). ڪوبه پراڻي يا ساهه وارو هن کانسواءِ اک به نٿو ڇنڀي سگهي، ۽ ماڻهن جي سچ توڙي ڪوڙ جو هو ساکي آهي (منڊل ستون، 28، 6) مطلب ته ورڻ ديوتا ساري جهان جي مٿان آهي، ۽ هر جا حاضر ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻڻهار آهي، ۽ قدرت جي سمورين ڳالهين جي مٿان سندس ضابطو آهي. اها خدائي طاقت جهان جو چرخو ريت سان هلائي ٿي، ۽ هرڪا ڳالهه سندس ڏوريءَ ۾ ٻڌل آهي، تنهنڪري سج، چنڊ وغيره به بلڪل باقاعدي ڪم ڪن ٿا، انهيءَ ”ريت“ (Cosmic order) کي ”ورڻ ديوتا“ سڏيو اٿن، ۽ چيو اٿن ته اخلاقي ڳالهين ۾ به ريت هلڻ گهرجي نه ته خطا کائبي“.
اِندر ديوتا ۽ ورتر دئت: رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڪنهن وقت ورڻ ديوتا جي اختياري گهٽجي ويئي، ۽ ان لاءِ سبب اڄ تائين قدرت ۾ ظاهر آهن. گرميءَ جو موسم ۾ جڏهن گُهٽ ۽ رجهڻ ٿئي ٿي، تڏهن ماڻهو ٺريءَ ٿڌيءَ هوا لاءِ واجهائين ٿا، ويتر جڏهن ڏسن ٿا ته آسمان ۾ ڪارا ڪڪر مڙيو اچن، پر مينهن جو ڦڙو به ڪونه ٿو وسي، تڏهن سڀاويڪ، طرح جَڪَ پيا کائين. سج، چنڊ، تارا وغيره جي آسمان ۾ آهن، سي سدائين سڀني جو ڀلو ڪن ٿا، تنهنڪري آڳاٽن آرين رنگين زبانيءَ ۾ ڄاڻايو ته آڪاس جا ديوتائون سڀني جي سڄيءَ ۾ آهن، ۽ ڪنهن جا به مٺگهرا ڪونه ٿا ٿين، پر آڪاس ۾ ڪي دئت به آهن، جن جي بد اثر ڪري مهامريون پون ٿيون، خوفناڪ طوفان لڳن ٿا، ۽ ٻوڏون ٿين ٿيون. اهي دئت برسات کي وسڻ کان به روڪين ٿا، جنهنڪري ٻنيون سڪن ٿيون، مال لاءِ پورو چارو پيدا ڪونه ٿو ٿئي، ۽ آڙنگ (گُهٽ) سبب ماڻهو ماندا ٿين ٿا. انهن دئتن جو سردار ”ورتر“ (ڍڪيندڙ) سڏيو ويو آهي، جنهن بابت چيو اٿن ته هو گهڻا ئي روپ ڌاري ٿهو. ان جو هڪ روپ ڪارا ڪڪر آهن، جي سورج ديوتا، چندرما ديوتا (چنڊ) ۽ گرهن ۽ تارن کي ڍڪين ٿا، ڄڻ ته اهڙي ڪنهن بندي خاني ۾ کين بند ڪن ٿا، جو ڪي ڏينهن ساندهه اهي ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿا اچن، جنهنڪري هاي ديوتائن جا دشمن ڪوٺيا ويا آهن. اهي سڀني ساهوارن جا به جاني دشمن آهن، جو اهي برسات کي وسڻ کان روڪين ٿا، جنهنڪري ماڻهو توڙي مرون بلڪ پکي پکڻ ۽ ٻيا ساهوارا سارنگ کي سنڀاريندي، ماندا ٿين ٿا. *
رگ ويد ۾ ورتردئت جو ٻيو نالو ”آهي“ يعني ”نانگ“ به ڄاڻايل آهي. انهيءَ مان عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته اهو اشارو وڄ ڏي آهي، جنهن جا ور وڪڙ نانگ وانگر آهن. وڄ کِنوين تنهن کانپوءِ به مينهن نه وسي، ته اها ڪوڙي وڄ چئبي ۽ اها به ورتردئت جو هڪ روپ ليکبي. اهڙن وقتن تي آڳاٽن لوڪن شايد ائين ڀانيو ته ورڻ ديوتا کي ايتري طاقت ڪانهي، جو ورتر دئت سان پڄي سگهي. انهيءَ سبب ورتر ۽ سندس دئتن سان جڌ ڪرڻ ۽ کين ماري مڃائڻ لاءِ ڪنهن وڌيڪ جبري ديوتا جي ضرورت سمجهيائون. ڀانئي ٿو ته ڪنهن وقت آسمان ۾ گجگوڙ ٿي وڄ کِنوڻ لڳي، ۽ مينهن ٽهه ٽهه ٽمڻ لڳو ته سمجهيائون ته هيءُ وڏو ديوتا آهي ۽ ورتر کان وڌيڪ جبرو آهي، جو پنهنجيءَ وجر(Thunder-bolt) سان دئتن جا آسمان ۾ اَڏيل قلعا (ڪارن ڪڪرن جا ڪوٽ) ٽوڙي ٿو ته مٺا مٺا مينهن وسن ٿا، جنهنڪري پٽَ پاهه جهلين ٿا، گسن مٿي گاهه ٿين ٿا، ته نه رڳو ماڻهو پر چرند پرند ۽ جيت جنتر به خوش ٿين ٿا. مينهن وسي رهي ٿو ۽ آسمان ۾ صاف صفائي ٿئي ٿي ته سج، چنڊ تارا نڪري ظاهر ٿين ٿا، ڄڻ ته قيد کان کين رهائي ملي ٿي. اهو ٻلوان ديوتا، جو ورتر توڙي سندس دئتن کي ماري مڃائي ٿو، تنهن جو نالو اول رکيائون ”ترته“ (Trita) يعني چوماسي جي ٽئين مهيني ۾ برسات وسائيندر، پوءِ ”پرجنيه“ يعني ڪڪر (وسندڙ ڪڪر) ۽ پوءِ ”اندر“ جنهن جي معنيٰ آهي ”طاقت وارو“ اِندر معنيٰ طاقت وارو ٿيڻ).
ورتر توڙي سندس دئت به ڪي سٿريون ڌريون ڪينهن. هڪواريءَ اهي اندر ديوتا جي هٿان قتل ٿيو وڃن، ته وري وري جنم وٺي، حرڪت بازي ڪري، برسات کي اچيو روڪين. ائين اندر ديوتا سان هو جڳا جڳ جنگ جوٽيندا اچن ٿا، پر اندر ديوتا ڀيري ڀيري سان کين ماري پورو ڪري ٿو. اندر ۽ ورتر جي لڙائيءَ جو ذڪر رگ ويد ۾ نهايت وڻندڙ نموني ٿيل آهي. ان جو انگريزي نظم ۾ ترجمو به عمدو ٿيل آهي، جنهن مان ٿوريون مصرعون هتي نموني لاءِ ڏجن ٿيون:-
Who is that, without alarm,
Defies the might of Indra's arms:
That stands and sees without dispay,
The approaching Maruts' dread arrya;
That doies not shun, in wild affright,
The terrors of the deadly fight?
Tis Vrittra, he whose magic powers,
From earth with held the genial showers"
Of mortal men the foe maligh,
And rival of the race-divine:
Whose demon hosts from age to age,
With Indra war unceasing wage:
Who times unnumbered, crushed and slain.
Is ever newly born again:
And everymore renews the and strife,
In which agin he forfeits life.
(J. Muir: Original Sanskrit Texts: Vol: V)
اِندر وڏو يا ورڻ؟ ورڻ ديوتا يا چمڪندڙ آسمان جو ديوتا، جو ساري جهان جي مٿان آهي، سو گهڻو ئي چڱو پر گجگوڙ ڪندڙ آسمان جو ديوتا (اندر ديوتا) جو برسات وسائي ٿو، سو ويڪ آهي. اڳاٽن آرين جي گذران جو مدار هڪڙو کيتيءَ تي ٻيو چوپائي مال تي هو، تنهنڪري برسات جي ديوتا (اندر) جي پوڄا جو رواج جاري ڪيائون. اڳي ورڻ ديوتا سان گڏ ”مِتر“ (سورج) جو نالو گڏ ُچاريندا هئا، پر پوءِ ورڻ ديوتا جي نالي سان گڏ اندر ديوتا (Jupiter Plurius) جو نالو گڏيائون (رگ ويد، منڊل پهريون، 17، ۽ منڊل ٽيون، 38).
اندر ديوتا جي پوڄا جو رواج جاري ٿيو، ته جيڪي اصل ورڻ ديوتا کي مڃيندا هئا، تن مان ڪن اعتراض اُٿاريو – مثلاً نيم (Nema) نالي هڪ رشيءَ چيو ته ”اندر ديوتا آهي ئي ڪونه. ڪنهن ڏٺو به آهي؟ ڇو اسين سندس اُستتي ڪريون؟“ (منڊل اٺون، 100، 3). انهيءَ تي اندر ديوتا درشن ڏيئي چيس ته ”اجهو، مان تو وٽ آيو آهيان، مون ڏي نهار“. ڀانئجي ٿو ته برسات وسائي پنهنجو مشاهدو ماڻايائينس. انهيءَ هوندي به اندر ديوتا جي برخلاف گهڻا هئا، ۽ انهيءَ مان وڏا تڪرار ٿيا هئا.
رگ ويد جي منڊل چوٿين (42) ۾ اندر ديوتا ۽ ورڻ ديوتا جي وچ ۾ هليل گفتگو ڄاڻايل آهي. اندر چوي ته آءٌ وڏو، يا ورڻ چوي ته آءُ وڏو. رفتي رفتي ورڻ رڳو پاڻيءَ جو ديوتا ليکجڻ ۾ آيو، ۽ عام طرح ماڻهو اندر کي برسات جو ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا. اهو رواج مهاڀارت جي زماني تائين سانده هلندو پئي آيو. انهيءَ زماني ۾ اندر پوڄا جي برخلاف سري ڪرشڻ پرچار ڪيو. جنهن ڳالهه جو شريمد ڀاڳوت جي ڏهين اِسڪنڌ ۾ ذڪر آهي. انهيءَ کانپوءِ به اندر جي پوڄا جو رواج هلندو آيو. عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي گوتم ٻڌ اندر جي پوڄا جي برخلاف آواز کڙو ڪيو. اندر ديوتا لاءِ ماڻهو ٻَليون چاڙهيندا هئا، سو رواج بند ڪرايائين. هن وقت انهن ۾ ٻَلين چاڙهڻ جو رواج ڪونهي، ته به سڄي هندستان جا هندو اندر کي برسات جو ديوتا ڪوٺين ٿا، ۽ ورڻ ديوتا کي پاڻيءَ جو ديوتا ڪري پوڄين ٿا. جيڪي هندو درياهه پنٿي آهن، سي سري اُڏيري لعل صاحب کي ورڻ ديوتا جو اوتار ڪري مڃين ٿا. اهي اَٽي جو وڏو پنوڙو ٺاهي، انهيءَ تي سينڌر، گل ڦل وغيره هڻي، ۽ چومکو ڏئو ٻاري .ٻهرانو“ يعني بحر جو نذرانو ڪڍندا آهن. ائين ورڻ ديوتا جي پوڄا اڄ تائين هلي اچي.
وايو، مروت ۽ ردر: ڌرتي ۽ آڪاس يا پولار (Ether) کان سواءِ ٻيا عناصر (تتو) هوا، باهه ۽ پاڻي آهن، جن کي ايتري طاقت آهي، جا ڪنهن به بني بشر کي ڪانهي، تنهنڪري آڳاٽا لوڪ انهن کي به ديوتائون ڪري پوڄيندا هئا. هوا کي ”وايؤ“ سڏيندا هئا، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”واؤ“، ۽ ڌاتو يا بنياد اٿس ”وا“ معنيٰ لڳڻ. وايو يا واءُ اهو آهي، جو لڳي ٿو. هوا يا واءُ کان سواءِ ڪوبه ساهوارو جيڪر جيئرو رهي ڪين سگهي، تنهنڪري ان جو ججهو قدر ڪري، ان کي ديوتائن جي دفعي ۾ ليکيائون.
برساتي موسم ۾ جيڪي ڇوها يا طوفان لڳن ٿا، تن کي آڳاٽن لوڪن نالو ڏنو ”مرَوُت“. اهي مينهن کي ڇوهه سان آڻين ٿا، تنهنڪري اهي اندر ديوتا جا مددگار سڏيا ويا آهن. انهن جي مدد سان اندر ديوتا ”ورتردئت“ کي ماري مڃائي ٿو، ته مينهن اوهيرا ڪري وسي ٿو. آسمان ۾ جيڪي لڳهه (ڪڪر) پاڻ ۾ لڳي، ڀوائتي گجگوڙ ڪن ٿا، تن کي آڳاٽن لوڪن نالو ڏنو ”رُدر“ (خوفناڪ)، جو سندين گجگوڙ ڪري ڪليون به ڪنبيو وڃن. اهي شو ڀڳوان جا روپ ليکيا ويا آهن. ”شو“ ۽ ”شنڪر“ لفظن جي معنيٰ آهي ”ۡڪلياڻ ڪندڙ“. هيبتناڪ گجگوڙ ٿيڻ ڪري شو ڀڳوان ”ردر“ (خوفناڪ) روپ وارو ليکجي ٿو، اهو ئي ساڳيو برسات وسائي جيون جا ڪلياڻ ڪري ٿو، تنهنڪري ”شو“ ۽ ”شنڪر“ سڏجي ٿو. ”شمڀو“ لفط جي به معنيٰ اهي، جنهن مان ڪلياڻ ٿين.
اگني ديوتا: باهه ٻارڻ جو هنر آڳاٽا آريه لوڪ انهيءَ قديم زماني ۾ سکيا، جنهن زماني ۾ يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا به ميرو پربت طرف ساڻن گڏ رهندا هئا. اهو هن ڪري چئجي ٿو جو سنسڪرت ۾ باهه کي اَگني“ چئبو آهي، ۽ اهو ئي ساڳيو لفظ لاٽن ٻوليءَ ۾ آهي ۽ اُپار اٿس ”اِگنس“ (Ignis). رگ ويد ۾ اندر ديوتا کانپوءِ اگن ديوتا جي جيتري اُستتي آهي، تيتري ڪنهن به ٻئي ديوتا جي ڪانهي. انهن اُستتين مان آڳاٽن آرين جون شاعراڻيون خوبيون ڀليءَ ڀت ظاهر ٿين ٿيون. رگ ويد جي منڊل پهرئين (103، 1) ۾ چيل آهي ته ”اي اگني، تنهنجو تت جيتوڻيڪ کڻي هڪڙو ئي هوندو، ته به تنهنجا روپ ٽي آهن. هن پرٿويءَ تي تون باهه تي ڀڙڪا ڏين ٿي، وچ اڪاس ۾ تون بجلي ٿي چمڪاٽ ڪرين ٿي ۽ مٿاهين آڪاس ۾ تون سونو سج ٿي ٻهڪين ٿي. تنهنجو جنم اصل آڪاس ۾ ٿيو هو، پر ويدن جا جيڪي ڄاڻو هئا، تن هنر هلائي، توکي پرٿويءَ تي آندو، ڄڻ ته آڪاس جي اَثر بجليءَ ماڻهن جي چلهين اچي ٿِر پاتو. آڳاٽن رشين ڪاٺي ڪاٺيءَ سان گهي باهه پيدا ڪئي، گويا ٻن ڪاٺين جو پنهنجن هٿن سان هٿيالو ٻڌائي کين پرڻايائون، جن مان ٻهڪندڙ اگني پيدا ٿي، پر آڪاس ۽ پرٿوي، مان سچ ٿو چوان ته اهو ٻار جو اڻ سڀاويڪ طرح پيدا ٿئي ٿو، سو پنهنجي ماءُ پيءُ (ٻن ڪاٺين) کي جلائي ڇڏي ٿو. ائين ماءُ جا سگهو ئي پساهه پورا ٿيو وڃن، ۽ جيئن ٻچي کي نپائڻ گهرجي، تيئن نپائي نٿي سگهي، پر هيءُ عجيب ٻالڪ (اگن ديوتا) پوءِ به پيو تڳي... دونهين جي جهنڊن واري اگني، تون ٽڙڪاٽ ڪرين ٿي، تنهنجا وار شعاع ڪن ٿا… گهر گهر ۾ تون مهمان ٿي اچين ٿي ته هرڪو تنهنجو آدرسڪار ڪري ٿو… پر اي ديوتا، جڏهن تون ڪوپ ٿي، ڀيانڪ شعاع ڪرين ٿي، ۽ سڀڪجهه ناس ڪرڻ جي طاقت جا تو ۾ آهي سا ظاهر ڪرين ٿي، تڏهن سڀ ساهوارا توکان ائين ڀڄن ٿا، جيئن غالب پوندڙ غنيم جي پٺيان پوڻ سبب (ڪمزور ڌر جو) لشڪر ڀڄي وڃي ٿو. تون جنهن کي لڳين تنهن کي ڀسم ڪري مٽيءَ سان ملايو ڇڏين. وڏن وڏن ٻيلن جي ته ائين صفائي ڪيو ڇڏين، جيئن حجام پاڪيءَ سان ڏاڙهين جي صفائي ڪيو ڇڏي. باهه جي مچ کي هوا ڏئين ٿي ته سمنڊ جي لهرين وانگر آواز ڪري ٿي، پکي ڊڄي ڀڄي وڃن ٿا، ۽ جڏهن مچ پورو ٿي وڃي ٿو، تڏهن سڄي واٽ تي رڳي ڪارهن نظر اچي ٿي. پر اي مها اگني، تون سدائين اهو ڀيانڪ روپ نٿي ڌارين. تون جهيڻي ٿي اسان جي چلهين ۾ ٽمڪين ٿي، ۽ اسين سنڀال سان توکي تاتيون ٿا ته اسان جا گهر ٻهڪن پيا. جيڪي ماڻهو اَٿڪ ٿي پورهيو ڪن ٿا، تن کي تون پڪل طعام پهچائين ٿي، ته هو خوش ٿين ٿا. تنهنجو کاڌو سُڪل بُنڊَ ۽ مکڻ آهن، جي توکي وڻن ٿا. مون وٽ نڪا آهي گانءِ نڪو ڪٺو ڪيل مکڻ، نڪو ڪو ڪاٺين ڪرڻ لاءِ ڪهاڙو اٿم؛ پر اي ديالو ديوتا، مون تو لاءِ هي ٿوريون سڪل ڪاٺيون آنديون آهن. ٻيون ڪاٺيون مون وٽ ڪينهن، تنهنڪري منهنجي هيءَ غريباڻي ڀيٽا قبول ڪر“. هن سموري مضمون جو انگريزي نظم ۾ ترجمو ٿيل آهي، جنهن مان ٿوريون مصراعون نموني لاءِ هتي ڏجن ٿيون.
Great Agni, though thine essence be but one,
They forms are three: as fire thou blazest here,
As lightning flashest in the atmosphere,
In heaven thou flamest as the golden sun.
It was in heaven thou hadst they primal birth, By art of sages skilled in sacred lore
Thou was drawn down to human hearths of yore,
And thou abid'st a denizen of earth.
Sprung from the mystic fair by priestly hands*
In wedlock joined, forth flashes, Agni bright,
But, O ye Heavens and Earth, I tell you right,
The unnatural child devours the parent brands,
And yet this orphanded god himself survives
Although his hapless mother soon expires,
And cannot nurse the babe, as babe requires,
Great Agni, wondrous infant, grows and thrives,
Dr. J. Muir: Original Sanskrit Taxts Vol. V.p. 221.
جيڪو ڀيرو رڌبو پچائبو، سو ڀيرو باهه ضرور کپندي – ڀيري ڀيري ڪاٺي ڪاٺيءَ سان گهي باهه پيدا ڪرڻ بدران سولي سهنجي واٽ هيءَ آهي ته باهه ۾ بنڊي وجهي ڇڏجي ته باهه دکندي رهي. آڳاٽا لوڪ گيهه ۽ مکڻ به باهه ۾ وجهندا هئا ته چـڱو ڀنڀٽ ٻري يگيه ۽ هون هوم جي شروعات ائين ٿي. اگنيءَ ۾ آهوتي (گيهه وغيره) وجهجي ٿي، ته باهه ڀڙڪا ڏيئي عرشين وڃي لڳي ٿي. هن تان به آڳاٽن رشين کي ڪو شاعراڻو خيال آيو، جو ويدن ۾ اَگن ديوتا بابت ڄاڻايل آهي ته اهو هڪ تکو قاصد آهي، جو جهٽ عرش تائين پهچي ٿو. يگيه جي اگنيءَ ۾ جيڪي وجهجي ٿو، تنهن جو تت آڪاس ۾ رهندڙ ديوتائن کي پهچائي ٿو، ۽ کين پاڻ سان وٺي پرٿويءَ تي انهن پوڄارين وٽ آڻي ٿو، جي يگيه جي اگني دکائين ٿا. انهن ديوتائن جي آسيس ۽ ڪرپا سان پوڄاري وڌن ويجهن ٿا ۽ ڀريا ڀاڳيا ٿين ٿا.
ڪنهن پراڻيءَ جو اگنيءَ سنسڪار ڪجي ٿو، ۽ لڪڙا ڏجن ٿا ته به باهه عرشين وڃي لڳي ٿي. اوڏيءَ مهل ڄڻ ته ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ اگني هڪ پُل مثل ٿي بيهي ٿي، جنهن تان پراڻيءَ جي آتما لنگهي سرڳ ۾ وڃي واسو ڪري ٿي. اهي هئا اگنيءَ بابت آڳاٽن آرين جا خيال.
سورج ديوتا: رگ ويد ۾ سورج ديوتا جي به ججهي ساراهه ٿيل آهي، ۽ ان جا گهڻي ئي نالا ڄاڻايل آهن. ”سورج“ يا ”سج“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سُوريه“، ۽ ڌاتو اٿس ”سو“ معنيٰ پيدا ٿيڻ. سڀ پيدائش سج جي روشنائي تي ٿئي ٿي، تنهنڪري هو سڀني جو ”مِتر“ (مٽ يا مائٽ) آهي. ورڻ ديوتا جو وڏو لاڳاپو تارن ڀريءَ رات سان آهي، پر ڏينهن جو ديوتا سورج آهي، تنهنڪري رگ ويد ۾ ورڻ ديوتا جي نالي سان گڏ ”متر“ نالي گهڻا گهمرا ڪم آيل آهي، جنهن جي ڪٿي معنيٰ آهي ”سج“ ته ڪٿي معنيٰ اٿس اها طاقت جا سج کي پورن وقتن تي اُڀرائي جهان جي مٿان روشنائي ڪرائي ٿي. *
سج جي روشنائيءَ تي ساوڪ سبزي ٿئي ٿي، تنهنڪري سج کي ”پُوشڻ“ به چوندا هئا. جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”اُڀرائيندڙ“. آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن مال چارڻ ويندا هئا، تڏهن پوشڻ ديوتا (سورج ديوتا) کي پنهنجو هڪ عمدو رهبر ڪري سمجهندا هئا. سج جي روشنائي تي چڱا چراگاهه ڳولي لهجن ٿا، جتي مال گاهه کائي متارو ٿئي ٿو، تنهنڪري پوشڻ ديوتا کي ”پشوپا“ يعني پسن يا وهٽن جو پاليندڙ به ڪوٺيو اٿن. جهنگ جا مرون چوپائي مال يا خود مالدار تي ڪاهي ايندا ته سج جي روشنائيءَ تي پريان ئي سڌ پئجي ويندي. انهن سڀني سببن ڪري آڳاٽا لوڪ چوندا هئا ته ”واٽن تي جيڪي بگهڙ ۽ ٻيا خوف خطرا آهن، تن کي اهو ديوتا ٽاري ٿو، (منڊل پهريون 42، 1-3). ”اي پوشڻ ديوتا، تون اسان لاءِ واٽ سڻائي ڪج، ۽ مال جي چاري لاءِ اسان کي چڱيءَ جُوءِ ڏي وٺي هلج“ (منڊل پهريون 42، 7-8). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سج جي ڳڻن جون ڳالهيون ڳڻي ائين چيو اٿن.
سورج ديوتا اخلاق يا نيتيءَ جي راهه ۾ پنهنجو چڱو رهبر سمجهيائون ٿي. رگ ويد ۾ چيل آهي ته آڪاس ۾ جيڪي ديوتائون آهن، تن جي اَک سورج ديوتا آهي. دنيا ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، تنهن سڀ جو هو ساکي آهي، ڪهڙا به ڪم لڪائي ڪنداسين، ته به هو ڏسي ٿو، تنهنڪري سدائين چيتي هلجي، جو اهو شايد مٿان بيٺو آهي. ائين سورج جي روشنائيءَ آڳاٽن آرين ۾ روحاني خيال پيدا ڪيا. رگ ويد جي منڊل چوٿين (14، 2)، منڊل ستين (63، 1) ۽ منڊل ڏهين (158، 1-4) ۾ سورج جو ٻيو نالو ”سوتر“ (Savitr) ڄاڻايل آهي. ڏينهن جو سج روشنائي ڪري ٿو، ۽ سانجهيءَ جو لهي وڃي ٿو، پر رات پوڻ کانپوءِ به هو مٿي آڪاس ۾ هليو اچي (منڊل پهريون، 35، 2، ۽ منڊل چوٿون، 38، 3-4). رات جو سڀني ساهه وارن کي هو ننڊ بخشي ٿو، ۽ صبح جو کين سجاڳ ڪري ٿو (منڊل چوٿون، 53، 3) ۽ منڊل ستون، 45، 1). انهيءَ سورج جي تيزي ”ساوتري“ آهي، ۽ ان جو ٻيو نالو ”گاتيري“ آهي. مطلب ته گاتيري منتر اُچارجي ٿو، ته اگيان جي اوندهه ٽري، ۽ اسان جي ڌي کلي ته جوتي سروپ پرماتما سان ائين ملي هڪ ٿي وڃون، جيئن جوت سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿي. قدرت مان قادر سان ملڻ جي واٽ اجها ائين پئي لوچي لڌائون.
هندو ماڻهو وشنو ڀڳوان کي جوتي سروپ پرماتما جو اوتار سڏين ٿا. سري رامچندر ۽ سري ڪرشڻ وشنو ڀڳوان جو اوتار ليکيا وڃن ٿا. اهي اتهاسن واري زماني ۾ ٿي گذريا آهن. پر کانئن گهڻو اڳي رگ ويد ۾ وشنوءَ بابت جيڪي چيل آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته اصل ۾ سورج جي هڪ روپ جو نالو وشنو هو. اڄ تائين هندو ماڻهو سورج ديوتا کي هٿ جوڙي نمسڪار ڪندا آهن، ته اهو جوتي سروپ پرماتما جو روپ اسان جي اندر ۾ جوت جاڳائي ۽ اگيان جي اندهه ٽاري.
رگ ويد ۾ وشنو بابت چيل آهي ته هو ٽي قدم يا وکون کڻي ٿو. هڪڙيءَ وک سان سڄي ڌرتي، ٻي وک سان وچ آڪاس ۽ ٽينءَ وک سان مٿاهون آڪاس (وشنو لوڪ) والاري ٿو. انهيءَ مٿاهين آڪاس ۾ هو ماڻهن کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، پر ديوتائن کي ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو ڄڻ ته آڪاس ۾ اک کتل آهي (رگ ويد، منڊل پهريون، 154، 5). اتي (وشنو لوڪ ۾) ديوتائون آنند ۾ رهن ٿا (منڊل اٺون، 29، 7). ياسڪ مني جي جوڙيل ”نرڪت“ (12، 19) ۾ ڄاڻايل آهي ته انهن ٽن وکن جو مطلب آهي –سورج جو اُڀرڻ، مٿي چڙهڻ ۽ لهڻ. ڪن يوروپي عالمن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته سورج ديوتا جو هڪ روپ وشنو ڀڳوان آهي، جو وڏيون وکون کڻي سڄو جهان والاري ٿو.
اُشا ديوي: آڳاٽن لوڪن قدرت جي هڪ نظاري جو نهايت عمدو ذڪر ڪيو آهي. سج اُڀرڻ ڪري اوندهه ٽري ٿي، پر سج اُڀرڻ کان ئي اڳ جيڪا ديوي پنهنجو درشن ڪرائي ٿي، سا ”اُشا“ يعني پرڀات (Dawn) آهي. رات ڪَٽُ ڇڏي، پلئه کڻي ٿي ته هن ديويءَ جي جلوه ۽ جمال ڪري صاف صفائي ٿئي ٿي، ۽ سڄو آسمان نهايت نزاڪت ڀريو لڳي ٿو. آڳاٽن رشين اهو نرمل نظارو ڏٺو ته اندر ۾ اُمنگ اُٿين. پر ڀات بابت جيڪا شاعراڻي پلٽ پلٽي اٿن، تنهن جي پڙهندي روح کي راحت پيئي اچي. اُشا ديويءَ بابت جيڪي چيو اٿن، تنهن مان ٿوري مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏجي ٿو:
هيءَ آڪاس جي نياڻي، ڏورانهين عالم مان پنهنجي ٻهڪندڙ رٿ (گاڏيءَ) تي چڙهي اچي ٿي – سندس رٿ ۾ ڳاڙهي رنگ جا گهوڙا ٻڌل آهن (جن جي لعلاڻ آسمان کي رڱيو ڇڏي)، ۽ جيئن ويجهو اچي ٿي تيئن سدائين ٻهڪي ٿي. هن ديويءَ جي شڪل سهڻي ۽ مرڪَ مٺي آهي، ۽ پنهنجي جوڀن جي سموري نزاڪت ڏيکاري ٿي. اي ديوي، تنهنجي ڇاتي روشن آهي، تنهنجو منهن ٻهڪندڙ آهي ۽ تنهنجا سون ورنا وار تجلي وارا آهن جيئن ڪا سندري پنهنجي پتيءَ کي پاڻ تي موهت ڪرڻ لاءِ پنهنجي بدن تي ٻهڪندڙ ويس وڳا ڪري ٿي، ۽ سندس اکين اڳيان پنهنجي حُسن جو اظهار ڪري ٿي، تيئن هيءَ ديوي ٻهڪندي اچي ٿي.س ورج ديوتا عاشقن وانگر سندس پٺيان ڊوڙي ٿو، ۽ ڊوڙ ۾ کانئس شرط کٽي وڃي ٿو، ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي ٻک ۾ اچي هڪ ٿيو وڃن. سڀاڳي اُشا، اڄ اسان تي هن هنڌ پنهنجو پرڪاش ڪر!
”جيڪي صبح گذري ويا آهن، ۽ بيشمار صبح جي هن کان پوءِ ٿيڻا آهن، تن جي واٽ وٺي، هيءَ روشن اُشا اچي ٿي، ته اوندهه ٽاري ٿي، ۽ جيڪي ماڻهو ننڊ ۾ مئل مثل پيل آهن، تن ۾ سجاڳي پيدا ڪري ٿي.
”سهڻي اُشا، تون جيتوڻيڪ بيشمار ورهين کان جيئري رندي آئي آهين، ته به هر ڪنهن صبح جو تون نئون جنم وٺين ٿي، تنهنڪري تون ٻڍي به آهين، ته جوان به آهين.
”اڄوڪو صبح اها واٽ وٺي ويندو، جا کانئس اڳي هر ڪنهن صبح ورتي. هن کانپوءِ جيڪو صبح ٿيندو، سو به اُشا جي پٺ وٺي ويندو. قديم زماني ۾ جن ماڻهن اُشا جي واٽ نهاري ٿي، سي گذاري ويا. اڄ سندس اچڻ تي اها اسين پيا ڏسون، ۽ اسان کان پوءِ جيڪي ٻيا پيدا ٿيندا، سي آئيندي انهيءَ ديوي جا ترورا پسندا.“ (رگ ويد، منڊل پهريون، 113، 7-11).
"Fair Ushas, though through years untold
Thou hast lived on, Yet thou art born
A new on each succeeding morn,
And so thou art both young and old."
"All those who watched for thee of old
Re gone, and now, tis we who gaze
On they approach: in future days
Shall other men they beams behold,"
Muir: Original Sanskrit Text, Vol. V.p. 196
هيءَ نسوري شاعراڻي پلٽ آهي. انهيءَ جو جيڪو مزو اصلوڪي مضمون مان ايندو، سو ترجمي مان اچي ڪين سگهندو. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته رگ ويد جي هن مضمون کي جيتوڻيڪ هزارها ورهيه گذري ويا آهن، ته به اڄ به اهڙو ئي تازو پيو لڳي، جهڙو انهيءَ زماني ۾ آڳاٽن ماڻهن کي لڳو ٿي.
ٻيا مکيه ديوتائون: رگ ويد ۾ جن ديوتائن جو ذڪر آهي، تن مان هرهڪ جو مٿينءَ ريت وستار ڪجي، ته هڪ چڱو خاصو ڪتاب ٺهي پوي. انهيءَ سبب هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد ۾ ٻيا مکيه ديوتائون پرجا پتي (برهما)، اشوني ڪمار (شايد شفق ۽ صبح جا تارا)، يم ديوتا ۽ منو ڀڳوان آهن، جيئن عيسائي، يهودي ۽ مسلمان وغيره مڃين ٿا ته پهريون انسان آدم هو، جنهن مان انسان ذات پيدا ٿي، تيئن هندو وسهن ٿا ته اول منو ڀڳوان هو، جنهن مان ٻيا ماڻهو پيدا ٿيا. ”ماڻهو“ لفظ اصل ۾ آهي ”منشيه“ يعني ”منوءَ جو اولاد“. ساڳيءَ ريت ”آدمي“ معنيٰ ”آدم جو اولاد“.
آڳاٽا آريه لوڪ سوم نالي هڪ ٻوٽي جي رس پيئندا هئا، جا چنڊ جهڙي اڇي ۽ روشن هوندي هئي. اها نهايت گڻاڪاري هئي، تنهنڪري انهيءَ ٻوٽيءَ جي اُڀرائيندڙ ديوتا کي به ”سوم“ سڏيندا هئا. گ ويد، جو سڄو نائون منڊل سوم جي ساراهه سان ڀريل آهي. جيئن سج جو روپ اگني آهي، تيئن سوم جو روپ چندرما (چنڊ) آهي، ۽ اهو به ”سوم“ سڏجي ٿو. ”سومر – سومار“ معنيٰ ”سوم يا چندرما (چنڊ) جو ڏينهن“ (Monday: Moon-day) ويدن جي براهمڻن ۾ سوم (چنڊ) کي امرت جو نياڻ سڏيو اٿن. چنڊ جي سهائي پکَ ۾ ديوتائون اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي، ۽ اونداهي پک ۾ پتر اهو امرت پيئن ٿا ته چنڊ جي ڪلا وڃي گهٽبي. هي ڳالهيون پراڻن ۾ به لکيل آهن.
آڳاٽا لوڪ سنڌونديءَ کي هڪ مکيه ندي ڪري سمجهندا هئا، تنهنڪري ان جي گهڻي اُستتي ڪئي اٿن، پر سرسوتي نديءَ کي هڪ پوتر ندي ڪري ليکيندا هئا، تنهنڪري ان کي ديوي ڪوٺيو اٿن. سرسوتي ندي جي ڪناري تي گهڻا يگيه ڪندا هئا ۽ ويدن جا منتر اُچاريندا هئا. انهيءَ سبب سرسوتي نديءَ کي ڪٿي پوتر ندي ته ڪٿي وديا جي ديوي سڏيو اٿن، ۽ ان کي گهڻو واکاڻيو اٿن. انهيءَ قديم رواج پٽاندر اڄ تائين سرسوتي وديا جي ديوي ليکي وڃي ٿي.
آڳاٽا لوڪ وسهندا هئا ته حورون يا پريون به آهن – انهن کي ”اَپسرائون“ (اپڇرائون) سڏيندا هئا. اپسرائن بابت وسهندا هئا ته انهن کي پاڻيءَ ۾ تڙڳڻ وڻندو آهي، تنهنڪري مٿن اهو نالو رکيائون. ”اپ“ معنيٰ پاڻي ۽ ”سر“ معنيٰ سرڻ يا چرڻ، جنهنڪري اپسرا معنيٰ پاڻيءَ ۾ سرندڙ يا تڙڳندڙ.
ديوتائن جو تعداد: رگ ويد جي منڊل پهريون (139، 11) موجب، توڙي اٿرو ويد ۽ براهمڻن موجب مکيه ديوتائون ٽيٽيهه آهن: يارهن ڌرتيءَ جا جهڙوڪ پرٿوي، اگني، برهسپتي ۽ سوم وغيره، يارهن ديوتائون ”مڌيم. اسٿاني“ (Intermediate or aerial) يعني آڪاس يا پولار جا جهڙوڪ اندر، رُدر (گجگوڙ ڪندڙ وڄ)، مروت وايُو وغيره، يارهن ”دَيُو اسٿاني (Celestial) جهڙوڪ ديوس پتر (ابو آڪاس، ورڻ ديوتا، اُشا (پرڀات)، اشوني ڪمار ديوتائون ۽ سورج، جنهن کي جدا جدا ڪري متر، پُوشڻ، سَوتِر ۽ وشنو سڏيو اٿن. (ڏسو پاسڪ منيءَ جو ”نرڪت“ 7، 5).
شتپٿ براهمڻ ۾ ديوتائن جا نالا ٻيءَ ترتيب سان بيهاري ڄاڻايو اٿن ته ٽيٽيهه ديوتائون جي مکيه آهن، تن مان يارهن رُدر، ٻارهن آدتيه، اَٺ وِسو، هڪ اندر ديوتا ۽ هڪ پرجا پتي (برهما) آهن. رُدرن ۾ مکيه آهي شنڪر. آدتين ۾ سورج (وشنو) ۽ وسن ۾ اگني. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ به ائين ڄاڻايل آهي. اهي ٽيٽيهه ديوتائون پوءِ وڀوتين جو وستار ڪري، وڌي ٽيٽيهه ڪروڙ ٿيا آهن. انهيءَ سبب هندن تان ڪي کلندا آهن. حقيقت هن ريت آهي ته ڌڻي هڪڙو ئي آهي، پر سندس صفاتي نالا بيشمار آهن ۽ آڳاٽن آرين هرهڪ کي مجسم (Personify) ڪيو آهي. انهيءَ ريت ٽيٽيهن ڪروڙن کي اڃا به وڌائجي ته وڌائي سگهجي ٿو، آڳاٽن لوڪن اها ڳالهه پاڻ ڪئي آهي، جيئن هيٺ ڄاڻائجي ٿو.
ڪثرت ۾ وحدت: رگ ويد جي منڊل ڏهين (82، 1-3) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سڀڪجهه خلقڻهار وڏو آهي. اهو ئي سڀني کي خلقي ٿو، اهو ئي سڀني کي سنڀالي ٿو ۽ اهو ئي سڀني جي مٿان آهي... جنهن پتا (پيءُ) اسان کي پيدا ڪيو آهي، جنهن کي سڀني قومن ۽ سڀني شين جي ڄاڻ آهي، سو هڪڙو ئي آهي، پر مٿس نالا گهڻا رکيل آهن.“ هن مان چٽيءَ ريت ظهار آهي ته رگ ويد واري قديم زماني ۾ جيتوڻيڪ عناصرن يا تتون کي ملائيندڙ طاقتن کي ديوتائون ڪري پوڄيائون ٿي، ته به ائين ڄاتائون ٿي ته ساري جهان جو خلقيندڙ هڪڙو ئي قادر مطلق ڌڻي آهي. رگ ويد جي منڊل پهرين (164، 46) ۾ به ائين ئي چيل آهي ته جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجن پروڙين ٿا.
ويدڪ ڌرم ڪهڙي دفعي ۾ ليکجي؟ ويدڪ ڌرم بابت جيڪي مٿيون حقيقتون رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن، تن تي ويچار ڪرڻ سان سڀاويڪ طرح هيءُ سوال اُٿي ٿو ته ويدڪ ڌرم جو لڇڻ (Character) ڪهڙو آهي؟ ان کي ڪهڙي دفعي ۾ ليکڻ گهرجي؟ رگ ويد ۾ جملي 1028 سُوڪت آهن. جيڪو به سوُڪت پڙهجي ٿو، تنهن ۾ هڪ نه ئي ديوتا جي اُستتي آهي. ائين گهڻن ئي ديوتائن جا نالا ڄاڻايل آهن، ۽ انهن جي پوڄا جو به ذڪر اهي، تنهنڪري هرڪو جيڪر ائين چوي، ته آڳاٽن آرين جو ڌرم ”ٻهون ديو مت“ (Polytheism) هو. انهن ساڳين ديوتائن جي شڪل شبيهه وغيره جو ائين ورنن ڪيو اٿن جو ڄڻ ته انهن ديوتائن جي صورت وغيره ماڻهن جهڙي هئي، تنهنڪري اهو ”منک روپ ديومت“(Anthropomorphism) به چئبو. رگ ويد ۾ پِترن جي پوڄا جو ذڪر به آهي، تنهنڪري چئبو ته ”هرهڪ ماڻهوءَ جي روحاني هستي علحدي ليکڻ جومت“ (Animism) به وتن عام هو. ساڳئي وقت رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ائين به ڄاڻايل آهي ته ڌڻي سڀ شيءِ (جاندار توڙي بي جان) ۾ محيط يا وياپڪ آهي. ”سمنڊ جنهن جا لڪ (Loins) آهن، سو پاڻيءَ جي ڦڙي ۾ به سمايل آهي“ – اهڙا جملا چٽيءَ ريت ظهار ڪن ٿا ته ”ويدانت مت“ (Pantheism) تن ڏينهن ۾ ئي ڦهليل هو. هيئن به چيل آي ته ”ڌڻي هڪڙو ئي آهي، ۽ مٿس نالا گهڻا رکيل آهن، ۽ جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجهن پروڙين ٿا“. هيءُ چٽو اشارو ”ايڪ ايشور واڌ“ (Monotheism) جو آهي. اهڙيءَ طرح باريڪ ريت جاچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گهڻن متن جو ٻج ڇٽيل هو. ساڳئي وقت هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته رگ ويد جا منڊل جدا جدا زمانن جا جڙيل آهن، پر رگ ويد واري آڳاٽن، وچولي توڙي پوئين زماني ۾ نڪي هيون مڙهيون نڪي مندر، نڪي ٺاڪر دوارا يا شوالا نڪي ٽڪاڻا. جهوني ۾ جهونا منڊل ائين ئي ڄاڻائين ٿا ته هي قدرت جو ڪارخانو آڳاٽن آرين جو مندر هو، ۽ آڪاس، پرٿوي، سج، پون (هوا)، ۽ ٻيا عناصر جي آد کان هليا اچن، سي سندن ٺاڪر هئا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته سندن اوائلي ڌرم هو ”پرڪرتي پوڄا“ يعني الاهي طاقتن جي پوڄا (Nature Worship or Naturalism) انهن جدا جدا طاقتن کي پوءِ ديوتائون ڪري ليکيائون ته سندن ڌرم ”ٻهون ديومت“ (Polythesim) پيو ڀاسي. انهيءَ ڪثرت منجهان ئي وحدت لوچي لڌائون، تنهنڪري اهو ”ايڪ ايشور واد“ (Monotheism) چئجي ٿو. انهيءَ هڪڙي ڌڻيءَ جي ڌيان ڌاريندي کين هرهڪ گل مان سندس ئي واس آيو، ۽ سڀ ۾ اهو هڪڙو پسڻ لڳا. جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن صاحب سامهون“. حاصل مطلب قدرت منجهان ئي قادر سان ملڻ جي واٽ ملي ٿي، ۽ اهو ئي آڳاٽن آرين جو اوائلي ڌرم هو.
ٺاڪرن جي مورتي: پروفيسر مئڪس ملر رگ ويد جو اڀياس ڪري ڄاڻايو آهي ته ويدڪ ڌرم ۾ ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن پوڄڻ جي ڳالهه ناهي ئي ڪانه. ٻين به ڪيترن يوروپي توڙي ڏيهي عالمن جو چوڻ آهي ته ويدن واري زماني ۾ بت پرستي هئي ڪانه. انهيءَ هوندي به رگ ويد منجهان ڪيترن عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ٺاڪرن جي مورتن يا پتلن ٺاهڻ جو رواج رگ ويد واري ڪنهن عرصي ۾ ئي جاري ٿيو هو. منڊل چوٿين ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته ”ڏهه گايون ڏيئي، منهنجو هيءُ اِندر ڪو وٺندو؟ جڏهن اِندر ديوتا سندس دشمن دفع ڪري، تڏهن منهنجو اِندر مون کي موٽائي ڏي!“*
* Macdonell and keith: Vedic Index, I, 390.
* * ”سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگ، مينهون،
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين“.
شاهه
* The two pieces of fuely by the attrition of whichfire is produced, and which are represented as husband and wife.
* Z.A Ragozin, Vedic India, p. 149.
* Prof. Max Muller: Chips from a German Workshop, 1-38
رگ ويد جي منڊل اٺين (1، 5) ۾ چيل آهي ته ”اي وجر هلائيندڙ (اندر ديوتا) مان توکي ڪيتري به ناڻي تي ڏيئي نه ڇڏيندس. ڀلي ته ڪو مون کي هزار، ڏهه هزار بلڪ وڌيڪ ناڻو ڏئي“. رگ ويد جي منڊل ٻئي (33، 9) ۾ رُدر (شو مهراج) جي مورتيءَ جو ذڪر آهي. هن منجهان ائين سمجهجي ٿو ته ٺاڪرن جي مورتن ٺاهڻ ۽ انهن جي وڪري ڪرڻ جو رواج به هو. عام طرح ماڻهو جيڪڏهن ٺاڪرن جي پتلن کي نه پوڄيندا هئا، ته به انهن ڏي عزت جي نگاهه سان نهاريندا هئا، ۽ ججهو ڌن ڏيئي اهي پتلا پنهنجي گهرن ۾ رکندا هئا.
يگيه، پوڄا ۽ ڏکڻا: دنيا جا ڪيترا قديم لوڪ ائين وسهندا هئا ته جيڪڏهن ديوتائون اسان تي راضي ٿيندا، تڏهن اهي اسان جي من جون سڀ مرادون پڄائيندا. ديوتائن جي راضي هٿ ڪرڻ لاءِ قديم مصر ملڪ جي ماڻهن نهايت عمدا منارا ٺاهيا، جي دنهيا جي عجائبات ۾ شمار ٿيل آهن. قديم هندن پنهنجن ديوتائن کي پرسن ڪرڻ لاءِ يتين ڪرڻ تي زور رکيو.
يگين ڪرڻ جو رواج آڳاٽن آرين ۽ پارسين کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾ نه هو، تنهنڪري ”يگيه لاءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پورو لفظ آهي ئي ڪونه. يگين ڪرڻ جو خيال آڳاٽن آرين کي قدرت منجهان آيو. قدرت جي ڳالهين بنسبت هنن جنهن نموني خيال ڊوڙايا ٿي، سو نمونو ئي نرالو هو، ۽ اهو اڄ به سمجهڻ سولو آهي.
آڪاس ڏي نظر ڦيرائيندي، آڳاٽن آرين کي ائين سمجهڻ آيو ته سورج ۽ بجلي (وڄ) يگيه جي اگنيءَ جو روپ آهن. برساتي موسم ۾ آسمان ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي، ۽ مينهن وسڻ مهل اهڙا آواز ٿين ٿا، جو ڄڻ ته آسمان ۾ ساز، سارنگيون، سُرندا پيا وڄن، ۽ گويا ويدن جي منترن جو گاين پيو ٿئي! برسات ۾ وهندڙ ندين ۽ نين جو پاڻي ڄڻ ته جل انجلي آي، ۽ ديوتائون ڄڻ ته اهو يگيه پاڻ ڪرائين ٿا. خود ديوتائن بابت ائين وسهندا هئا ته وڏا يگيه ڪيا اٿن، جنهنڪري اهڙي پدوي ملي اٿن. نه فقط ديوتائون، پر سارو جهان يگيه مان پيدا ٿيل ڄاتائون ٿي. هن کي ڀلي ته ڪو ڳوڙهي فيلسوفي ڪري ليکي، يا فقط شاعراڻي خيال جي ڊوڙ ڪوٺي، ته به ايترو چئبو ته ڌرم شاسترن جي سکيا آهي ”قرباني“. سڀ کان وڏي شڪستي آهي ئي قرباني. عاشق پنهنجي معشوق لاءِ پنهنجو سر قربان ڪيو ڇڏي، ۽ اهو هڪ وڏو يگيه آهي. وطن دوست پنهنجي ديس لاءِ سوين سختيون سر تي سهي ٿو، بلڪ پنهنجو پاڻ قربان ڪيو ڇڏي، ۽ اهو به هڪ وڏو يگيه آهي. اسان پارو رواجي ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي جي ڀلي لاءِ پاڻ کي ٿوروئي کڻي پتوڙيندو، يا ڪجهه خرچ ڪندو ته چئبو ته اهو به يگيه ڪيائين. ائين يگيه ۾ قربانيءَ جو خيال سمايل آهي. يگيه جي اگني دکائي، پوريءَ وڌيءَ سان ويدن جا منتر اُچارڻ، ۽ ايشور جي پوڄا ۾ مگن ٿي، پنهنجو پاڻ وساري ڇڏڻ، اهو ئي ديوتائن جي راضپي هٿ ڪرڻ جو رستو آڳاٽن هندن کي سجهي آيو، تنهنڪري يگيه جو دستور هندن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾ ڪونهي. پارسي به اصل ۾ هندو هئا.*
آڳاٽا آريه لوڪ باهه ٻارڻ جو هنر سکيا، ۽ آڪاس جي اِٿر بجليءَ ڄڻ ته سندن گهرن جي چلهين ۾ اچي ٿِرُ پاتو، تنهن کانپوءِ اهو يگين جو دستور جاري ٿيو، ۽ اگني پوڄا عام ٿي. اگني پوڄا ۽ يگين جو رواج ڀرڳو رشيءَ جي ڪُل وارن ۾ عام هو. ڀرت آريه لوڪ به اگنيءَ جي اوائلي پوڄارين مان هئا، جنهنڪري خود اگني ”ڀارت“ سڏي وئي آهي (رگ ويد، منڊل ٻيو، 7، 1، ۽ منڊل چوٿون 25، 4) اٿرو ويد تي اٿرون رشيءَ جو نالو پيل آهي. انهيءَ رشيءَ ”اٿرون“ يعني باهه ٻارڻ جو هنر جاري ڪيو هو، تنهنڪري انهيءَ نالي سڏجڻ ۾ آيو. پارسي به اصل هندو آريه هئا، ۽ اهي پنهنجي پروهتن کي ”اٿرون“ سڏيندا هئا، ۽ اِهي اٿرون کين اگني پوڄا ڪرائيندا هئا.
رگ ويد مان ظاهر آهي ته آڳاٽن آرين ائين ٿي سمجهيو ته يگيه جي اگني دکائي، ان ۾ آهوتي وجهجي ٿي، ته اگني ڄڀي ڪڍي عرشين وڃي لڳي ٿي، ۽ آهوتيءَ جو واس اگن ديوتا اڪاس ۽ ٻين ديوتائن تائين پهچائي ٿو، ته ديوتائون پرسن ٿي اسان جن چلهين وٽ اچي مِڙن ٿا، ۽ جيڪو ڀوڄن وغيره اگنيءَ ۾ وجهجي ٿو، تنهن جو واس وٺن ٿا. کين حاضر ناظر ڄاڻي، اسين جيڪي ويدن جا منتر اُچارين ٿا، سي ٻڌي هو پرسن ٿين ٿا ۽ اسان جي من جون مرادون پوريون ڪن ٿا. هيءُ اگنيءَ بابت مضمون انگريزي شعر ۾ ميوئر صاحب آندو آهي، جنهن مان ٿورو ٽڪر نموني لا3 هتي ڏجي ٿو.
A swift winged messenger, thou calles down
From heaven, tocrowd our hearths, the race divine
To taste our food, our hymns to hear, benign
And all our fondest aspirations crown.
(J. Muir, Original Sanskrit Texts, Vol. V. Page 221)
آڳاٽن آرين ائين ڄاتو ته يگيه ڪرڻ ڪري ئي مندائتا مينهن وسن ٿا، فصل ڀلا ٿين ٿا، جنهنڪري سڀني ساهوارن جي جيوت سکي نبري ٿي، نه ته ساري سنسار جو چرخو جيڪر اُلٽ پلٽ ٿي وڃي. ان وقت جا راجائون ته ائين به وسهندا هئا ته جنگين ۾ سوڀ به يگين ڪرڻ ڪري ٿئي ٿي، ۽ من جون ٻيون سڀ مرادون پڄن ٿيون. هو پراوا ملڪ جيتي اشو ميڌ يگيه ۽ راجسو يگيه ڪندا هئا، ۽ ڪٿان ڪٿان جا راجائون انهن يگين ۾ اچي شامل ٿيندا ها، ۽ يگيه ڪندڙ راجا کي پنهنجي پنهنجي ملڪ جون قيمتي سوغاتون آڻي ڏيندا هئا، جنهنڪري راجائن کي يگين ڪرائيندي هيڪاري گهڻي خوشي ٿيندي هئي. اهي يگيه براهمڻ ڪرائيندا هئا، جنهنڪري براهمڻن جو نهايت گهڻو مان هوندو هو.
”يگيه“ بدران ”يجنيه“ به چئبو آهي، جنهن جو اُچار سنڌي ۾ آهي ”جُڃُ“. جُڃ“ لفظ ۾ ئي خوشيءَ جو خيال سمايل آهي ته بجنسي جُڃ ڪندڙن کي ڪيترن خوشي ٿيندي هئي، تنهن جو تصور هرڪو پاڻيهي ڪري سگهي ٿو.
رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته ديوتائن کي پرسن ڪرڻ لاءِ قديم آريه لوڪ قسمين قسمين يگيه ڪندا هئا. اٿرو ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته اُماس، چنڊ ۽ پورڻماسي تي ٻَليون چاڙهيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ستون، 79، 80، 81). ٻه ساليانه يگيه ڪندا هئا، جن جو واسطو يٽ ۽ ڪتيءَ جي فصلن سان هو (اٿرو ويد، منڊل ٽيون).
رگ ويد واري زماني ۾ ”ستر“ (Sattra) ڪندا هئا، ۽ اهو هڪ وڏو يگيه هو. اهو تيرهن ڏينهن کان وٺي هڪ سؤ ڏينهن تائين ساندهه هلندو هو. اهو يگيه اڪثر سانوڻيءَ ۾ ڪندا هئا ته مندائتا مينهن پون، چوماسو چڱو ٿئي ته فصل ڀلا ٿين. اٿرو ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪي يگيه نو ڏهه مهينا ته ڪي ٻارهن مهينا ساندهه ڪندا هئا (اٿرو ويد، منڊل پهريون، 3، 4).
يگيه ودوان پندت ڪرائيندا هئا، جي ويدن جا منتر نهايت پوريءَ وڌي سان اُچاريندا هئا.
پوڄا مهل هڪ ويڏي (Attar) ٺاهيندا هئا، جنهن ۾ يگيه جي اگني دکائيندا هئا. جيڪو پروهت پوڄا ڪرائيندو هو، تنهن کي اهو ڀوڄن کارائيندا هئا، جو ”دڪشڻاگني“ (دڪشڻ + اگني) يعني ويڏيءَ جي ڏکڻ طرف واري اگنيءَ (باهه) تي تيار ٿيل هوندو هو. انهيءَ ”دڪشڻاگنيءَ لفظ مان ”ڏکڻا“ لفظ ٺهيو آهي. مطلب ته اصل ”ڏکڻا“ (ڀيٽا يا ارداس؛ اها هئي، جو پروهتن کي ”دڪشڻاگنيءَ“ تي تيار ٿيل ڀوڄن کارائيندا هئا. اهڙن وقتن تي پروهتن کي گئودان ڪندا هئا، جا پوڄا مهل ڏکڻ طرف بيهاريندا هئا، تنهنڪري ”ڏکڻا“ لفظ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”اها کير ڏيندڙ گانءِ جا پروهت کي پوچا ڪرائڻ مهل ڀيٽا طور ڏجي“. ڪي گانءِ بجنسي ڏيندا هئا، تنهنڪري پوءِ ڏکڻا لفظ جي معنيٰ ٿي اهو روڪ ناڻو جو پروهت کي پوڄا ڪرائڻ مهل ڀيٽا طور ڏجي“. ڪي گانءِ بجنسي ڏيندا هئا، ته ڏکڻا لفظ جي معنيٰ ٿي اهو روڪ ناڻو جو پروهت کي پوڄا ڪرڻ لاءِ ڏجي. ائين ”ڏکڻا“ لفظ جي معنيٰ ٿي ڀيٽا يا ارداس. اهڙن وقتن تي راجائون وڏيءَ دل سان پروهتن کي موتي به دان ڪندا هئا. سنسڪرت ساهت ۾ ڪيترا اهڙا مثال آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ساهميءَ جي هڪ پُڙ ۾ راجا پاڻ وهندو هو، ۽ ٻئي پڙ ۾ پنهنجي تور جيترو سون وجهائيندو هو، ۽ اهو سڀ سون پروهت کي ملندو هو. هيءَ ڳالهه ڄاڻائي ٿي ته ملڪ نهايت ڀريو ڀاڳيو هوندو هو. راجائن وٽ چوپايو مال به اپار هوندو هو، ۽ هو وڏيءَ دل سان رشين کي چوپايو مال ۽ سون دان ڪندا هئا، جنهنڪري رشي به نهايت ڀريا ڀاڳيا هوندا هئا. *
پرش ميڌ يا نر ٻلي Human Sacrifice : قديم زماني ۾ جيئري تي جيئري پرڻجڻ جي بند رسم کان سواءِ ٻيو هڪ وڌيڪ هيبتناڪ رواج عام هو، جنهن جو يگين سان واسطو آهي. قديم هندو جڏهن ڪنهن جنگ ۾ سوڀارا ٿيندا هئا، تڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻل چاڙهيندا هئا. اها پُرش ميڌ“ يعني ماڻهوءَ جي قرباني ڪوٺبي هئي. پراڻن ۾ انهيءَ کي ”نَرَ ٻَلي“ يعني ”نر يا مرد جي ٻل“ به سڏيو اٿن. جنگ ۾ مخالف ڌر جا جيڪي ماڻهو گرفتار ڪندا هئا، تن کي پنهنجو داس يا ٻانهون بنائيندا هئا، ۽ انهن مان هڪڙو ڄڻو بَک ڪڍندا هئا. *انهيءَ رواج پوءِ هڪ عجيب ڦيرو کاڌو. يگيه ۾ قرباني اها ڪڍجي، جا پاڻ کي پياري لڳندي هجي. انهيءَ سبب شايد ائين سمجهڻ لڳا ته ڪو ڌاريو ماڻهو قربان ڪجي، تنهن کان پنهنجو ڪو ويجهو عزيز ٻل چاڙهجي، ته ديوتائن وڌيڪ پرسن ٿين، ۽ ان جو ڪو چڱو ڦل ڏين. هو پوءِ پنهنجي گهر جو ڪو ڀاتي قربان ڪرڻ لڳا!
قديم زماني ۾پيءُ کي پنهنجي اولا ۽ ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جي مٿان ڪلي اختيار هوندو هو. پيءُ پنهنجي پٽ کي ٻل چاڙهي ڇڏيندو هو، يا ڪو اولاد ناڻي تي نيڪال ڪري ڇڏيندو هو ته ساڻس چان چون ڪرڻ جي ڪنهن کي به اختياري ڪانه هوندي هئي. هن بابت ائتريه براهمڻه ۾ ڄاڻايل اهي ته ستوادي راجا هرشچندر سکا ڪئي هئي ته ”مون کي جيڪو پهريون نپٽ ڄمندو، سو ورڻ ديوتا تي ٻل چاڙهيندس“. کيس پوءِ روهت نالي پٽ ڄائو، پر پنهنجي سڪليڌي پٽ کي ٻل چاڙهڻ تي دل نه وريس، تنهنڪري پرش ميڌ ڪرڻ کان نٽائڻ لڳو. روهت پوءِ وڏو ٿيوته پڻس پنهنجي ڪيل سکا بابت ٻڌايس. روهت کي پنهنجيءَ جان جو خوف لڳو، سو جهنگ منهن ڏيئي ڀڄي ويو، ۽ ڇهه ورهيه ساندهه ڪنهن بن ۾ لڪي پئي گذاريائين.ائين ٻاويهه ورهيه لنگهي ويا. ڪنهن وقت راجا هرشچندر کي ڪوڙهه ٿيو. کيس وهم اچي دل تي ويٺو ته ورڻ ديوتا سان سکا نه پاڙي اٿم، تنهنڪري هيءَ ڀوڳنا ٿو ڀوڳيان. روهت کي ڪنهن طرح انهيءَ ڳاله جي سڌ پئجي ويئي. هيءُ صالح پٽ چوڻ لڳو ته ”منهنجوپيءُ نوبنو ٿئي، پو3 منهنجو سر ويو ته صدقي ٿيو!“ انهيءَ اعليٰ خيال اچڻ سان هو جهنگ ڇڏي شهر ويو، ۽ پنهنجي سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. واٽ تي آجيگرت نالي هڪ براهمڻ گڏيس، جو ڀارگو رشيءَ جي ڪُل مان هو. هو بک ۾ پاهه ٿي ٿيو. روهت چيس ته ”اي برهمڻ جيڪڏهن پنهنجن پٽن مان هڪڙو منهنجي بدران ٻل چاڙهڻ لاءِ ڏيندين ته مان توکي هڪ سؤ ڳئون ڏيندس“. انهيءَ آڇ تي براهمڻ هرکجي ويو. انهيءَ براهمڻ کي ٽي پٽ هئا، جن مان وڏي پٽ ڏيڻ تي سندس دل نه وري. ۽ ننڍي پٽ ڏيڻ تي جوڻس جي دل نه وري انهيءَ سبب وچون پٽ شنهه شيپ نالي روهت کي ڏنائين، جنهن پنهنجي پيءُ راجا هرشچندر کان هڪ سؤ گايون وٺي ڏنيس. تن ڏينهن ۾ دستور هوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي ٻلچاڙهيندا ها، تنهنکي اول ”يوُپ“ يعني ٻل واري ٿنڀي سان قابو ڪري ٻڌندا هئا، ۽ پوءِ سندس سنڌ سنڌ ڪپي، يگيه جي اگنيءَ ۾ وجهندا هئا. اجا هرشچندر جي ماڻهن مان ڪنهن جي به دل نه وري ته ڪو براهمڻ جي پٽ کي يوپ سان ٻڌي. انهيءَ ڇوڪري جي لوڀي پيءُ چيو ته ”مون کي جيڪڏهن ٻيون هڪ سؤ گايون ملنديون ته مان پنهنجي پٽ کي يوپ سان ٻڌندس“. راجا هرشچندر اها ڳالهه قبولي، ته هن پنهنجي پٽ کي يوپ سان ٻڌو، پر ٻالڪ کي ڪهڻ ڪنهن به نه قبوليو. انهيءَ تي هن نردئي براهمڻ اجيگرت چيو ته ”مون کي جيڪڏهن ٽيون هڪ سؤ گايون ملنديون، ته مان پنهنجن ٿٿن سان پنهنجوپٽ ڪهندس“ راجا هيءَ ڳالهه به قبولي ۽ هو پوءِ پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لا3 ڪاتي تکي ڪرڻ لڳو. شنهه سيپ ڏٺو ته هاڻ اجهو ٿو ڳترا ڳترا ٿيان. پنهنجو ڪوبه اوهي واهي نه ڏسي، هن سچيءَ دل سان ديوتائن کي پڪاريو، سندس هيءَ جگر ڏاريندڙ حالت ڏسي، شايد ديوتائن کي به دک ٿيو، جو ڏسو ڪرتار جي قدرت جو جن زنجيرن سان هو جڪڙيو پيو ٿهو، سو پاڻ مرادو لهي پيس، ۽ هيءُ آزاد ٿيو. پوءِ ته راجا جو مرض به ڇٽي ويو. جنهنڪري پرش ميڌ جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿي. شنهه شيپ کي پڻس کتري راجا (هرشچندر) کان وڪڻي ڇڏيو هو، تنهنڪري هو براهمڻ جي دفعي مان نڪري ويو. هن کانپوءِ وشوامتر پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪيو، ۽ ديوراٿ نالو رکيائينس. هيءَ ڪٿا شريمد ڀاڳوت (اسڪنڌ نائين) ۽ وشنو پراڻ چوٿين ۾ به ڄاڻايل آهي. هن ڪٿا مان ٻه مکيهٿ ڳالهيون ظاهر آهن:
(1) پرش ميڌ جورواج ٿوري ڪي گهڻي قدر هو.
(2) پيءُ کي ايڏي اختياري هوندي هئي، جو ڪهڙو به پٽ ٻل چاڙهي سگهندو هو. پيءُ کي پنهنجن پٽن تي ايڏي اختياري قديم رومن لوڪن ۾ به هوندي هئي، جنهن کي (Patria Potestas) چوندا هئا. اڄ تائين مائٽ پنهنجي اولاد تي ڪي اختياريون هلائين ٿا، پر اهي ٻين قسمن جون آهن. مثلاً ڪي ماڻهو پنهنجون نياڻيون جن سان پرڻائين ٿا، تن کان اول چڱي خاصي رقم وٺن ٿا. ائين ڪي نياڻين جو وڪرو ڪن ٿا. اهو رواج رگ ويد واري زماني ۾ به ڪن ڪن ماڻهن ۾ هوندو هو (منڊل پهريون، 109، 2)، نه ته عام طرح ڪنيادان ڪندا هئا. سڄي هندستان جا ماڻهو هن وقت ٻي اختياري هيءَ هلائين ٿا، جو پنهنجو ٻار ٻئي کي گود ۾ ڏيئي سگهن ٿا. ائين ڪرڻ ۾ ٻار کي ڪوبه نقصان ڪونه ٿو پهچي، هو ته پاڻ وڃي ٻئي جي ملڪيت جو وارث بنجي ٿو، ته به ايترو چئبو ته مائٽ اها اختياري هلائين ٿا. انهيءَ اختياريءَ هلائڻ تي به هڪ بندش آهي. سڄي هندو جاتيءَ لاءِ هيءُ عام قاعدو آهي ته ڪوبه هندو پنهنجو هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ ٻئي ڪنهن کي گود ۾ ڏيئي نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو گود ۾ وٺندو، ته به اهو ڌرم جو پٽ کانئس پوءِ سنديس ملڪيت جو وارث ٿي ڪين سگهندو، ڇاڪاڻ ته پٽ وري پنهنجن اصلوڪن مائٽن جو ليکبو. اڄ ڪالهه اهو ئي قاعدو ڪورٽن ۾ جاري آهي..
آڳاٽا لوڪ پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻل چارڻ بدران ڪو جانور ٻل چاڙهيندا هئا. پوءِ اها رسم به بند ڪري چانورن جي لولي بَک طور ڪڍندا هئا. *
پرش ميڌ جو رواج ڪن صدين کان بند ٿي ويو آهي، ته به ڪي ڪي قومون اڄ تائين ڪو ماڻهو بک ڪڍن ٿيون. اهڙا مثال بعضي بعضي اخبارن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيندا آهن. اهڙو هڪ مثال سنڌ ۾ به ٿيو هو، جو سنڌ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي. اها حقيقت هن ريت آهي:
ننگر پارڪر شهر کان ٻه ڪوهه کن پري اتر الهندي طرف ڪارونجهر ٽڪريءَ جي هنج ۾ هڪ مڪان ”ڀوڏيسر“ نالي آهي. ڀوڏو نالي هڪ پرمار راجپوت عيسوي ڇهين صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو جيسو پرمار هو. هن هتي هڪ تلاءُ تيار ڪرايو هو، جو ويڪر ۾ ٻه سو فوٽ ۽ ڊيگهه ۾ انهيءَ کان ٻيڻو آهي. انهيءَ تلاءَ سبب اڄ تائين اهو هنڌ ”ڀوڏيسر“ يعني ڀوڏي جو تلاءُ سڏجي ٿو. اتي جو حاڪم به پاڻ هو.
ڀوڏي پرمار وڏا خرچ ڪري تڪليفون وٺي، پنهنجي رعيت جي سک لاءِ هيءُ تلاءُ جوڙيو، تيئن برسات جي بوند به ڪانه پيئي، جنهنڪري ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه ڀريو. هو پوءِ پنهنجي ڇٽي کڻي ڪنهن پنڊت وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”مون کي ڇٽي ڏسي ڏيو ته ڪهڙو گرهه اچي ويٺو اٿم، جو تلاءُ ڀرجي ئي نٿو“. پنڊت چيس ته ”پنهنجو پٽ ديويءَ تي ٻل چاڙهيو ته اڻپڇو اوهان جو ڪاريه سڌ“. پنڊت جي اها ڳالهه ڳنڍ ٻڌي، ڀوڏي پرمار پنهنجو پٽ وڃي ٻل چاڙهيو! ڌڻيءَ جي قدرت جو انهيءَ پرش ميڌ کانپوءِ برسات پيئي، ۽ تلاءُ ڀريو! هيءَ ڳالهه سنڌ گزيٽيئر جي جلد (ب) ڀاڱي ڇهين ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي احوال ڏيندي ڄاڻائي اٿن. ڪئپٽن ريڪس پنهنجي ڪتاب ٿر جي احوال ۾ به ان جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪڏهن هيءَ ڳالهه سچي آهي ته پوءِ چئبو ته ”سنه 544ع ڌاري جڏهن ڀوڏو پرمار جيئرو هو، تڏهن به پرش ميڌ جو رواج هو، جنهنڪري پنڊت اهڙي صلاح ڏني، ۽ ڀوڏي ان جي پيروي ڪئي.
ٻليون چاڙهڻ: سنڌو ماٿري جي رهاڪن وٽ ڪو ڪارج منگل ٿيندو هو ته ويهه ڏاند يا ٽي سو مينهون اندر ديوتا تي ٻل چاڙهيندا هئا (رگ ويد، منڊل پنجون، 29، 7، ۽ منڊل ڏهون، (86، 14). اشوميڌ يعني گهوڙن جي قربانيءَ جون يگيه راجائون ڪندا هئا (منڊل پهريون، 162، 12). سمي پئي ڪيترن مڇي ماس کائڻ صفا بند ڪري ڇڏيو، ۽ ڪوس به بند ڪيائون. ڪي گوشت کائڻ ۽ ٻلين چارهڻ جو رواج پوءِ به قائم رکندا آيا. ڪاليءَ يا ديويءَ جا پوڄاري ڪاليءَ جي مندرن ۾ وڃي ٻل چاڙهيندا هئا. 1894ع تائين سنڌ جي عاملن توڙي ڀائيبندن ۾ عام رواج هو ته وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار جي مٿان ٻرو گهوري اهو وڃي ٻل چاڙهيندا هئا. سنه 1895-1896ع ڌاري حيدراباد جي شهر ۾ ڀائي ڪلاچند صوفيءَ اهو رواج بند ڪرايو، پر ٻهراڙين ۾ ڪي ڀائيبند اهو قديم رواج اڄ تائين هلائيندا اچن ڪيترين قديم قومن ۾ رواج هو ته جيڪو جانور ٻل چاڙهيندا هئا، تنهن جي سسي هڪڙي ئي ڌڪ سان ڌار ڪندا هئا. ڪيترا سک ”جهاٽڪو“ ڪن ٿا، سو قديم رواج جو نشان آهي.
هندو سڀيتا جا بانيڪار: هندو سڀيتا جا بانيڪار ”رشي“ آهن. ”رشي“ انهن کي چئبو آهي، جن ويدن جون رچائون (Hymns) چيون آهن. مطلب ته رشي ”ڪوي“ يعني شاعر هئا. اڄ جيڪو علم عروض جي قاعدن پتاندر شعر جوڙي ٿو، سو شاعر سڏجي ٿو. ائين ڪيترن کي شوق کڻي شاعر ڪيو آهي، نه ته سچ پچ ته اهي فقط .سگهڙ“ (Poetasters) آهن. شاعري ٻي شي آهي. شاعر يا ڪويءَ جي اصل معنيٰ هئي ”ڄاڻو“. دنيا ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، تنهن جي سڌ جيتري شاعر کي آهي، تيتري ٻئي ڪنهن کي ٿي ڪين سگهندي. ڀلي ته ڪو ڪيترو به علم پرائي عالم ۽ فاضل ٿئي، ۽ ويد پڙهي وڏو پنڊت ٿئي. پر ڪويءَ يا شاعر کي ئي اندرين سوجهيءَ جو ورثو عطا ٿيل آهي. اها اندرين سوجهي هڪ الاهي ڏات آهي، جنهن جو ذات پات سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي. رشين مان ڪي براهمڻ، ته ڪي کتري ته ڪي داسين يا ٻانهين جا ٻار (شودر) هئا. مثلاً وسشٽ مني براهمڻ هو، ۽ ڪاڪشون رشي اُشيج نالي هڪ داسي يا ٻانهيءَ جو ٻار هو.
”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.“
شاهه
رشين جو ڪو ڌار فرقو ڪونه هو. رواجي ماڻهن وانگر اهي به مڱيا پرڻبا هئا، ۽ ٻارن ٻچن وارا هوندا هئا. اهي چوپايو مال ڌاريندا هئا، کيتي ڪندا هئا، هٿيارن پنوهارن هلائڻ ۾ ڀڙ هوندا هئا، يگيه ڪندا هئا، ٻلين چاڙهيندا هئا، ۽ ديوتائن جو پوڄن ۽ ايشور جي اُستتي ڪندا هئا. رواجي ماڻهن ۽ رشين ۾ مکيه تفاوت هيءُ هو ته انهن رشين کي جيئن جيئن الهام ٿيندو هو، يا سرسوتي ٻولائيندي هئي، تيئن ويدن جون رچائون چوندا هئا. اهي وڏي دماغ وارا هوندا هئا، ۽ انڀو کُليل هون. هو ڌرتيءَ کان وٺي آسمان تائين پنهنجي شاعراڻي نظر سان نهاري، پوءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، قسمين قسمين ڪاميابيون پائيندا هئا. اهي رشي هئا، جن اول ڌڻ ڌارڻ ۽ کيتي ڪرڻ جارواج وڌا، ۽ باهه ٻارڻ جو هنر ۽ بيا هنر ۽ ڪاريگريون ڳولي لڌائون. ماڻهن جي جان ۽ مال جي بچاءَ خاطر گوتر به اول انهن ٺاهيا. گوترن ۾ ڀائپيءَ جي انگ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڳئي گوتر مان پرڻجڻ جي منع ڪيائون، ته سڀ گوتري هڪ ٻئي جي زالن ۽ نياڻين کي پنهنجن مائن ۽ ڀينرن جهڙو ڪري سمجهن. انهيءَ رستي اختيار ڪرڻ سان ماڻهن ۾ غيرت جو انگ جاڳايائون.
چراگاهن ۽ ٻنين جي حدن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تان ڳوٺاڻن جو هڪ ٻئي سان تڪرار نه ٿئي ۽ صلح سانت ۾ گذارين، تنهن لاءِ گهڻن ڳوٺن جون گڏيل پنچاتيون ٺاهيائون. ائين راڄنيتي جوڙجڪ اهڙي ڪيائون جو رعيتي راڄ برپا ٿيا، ۽ آخر جدا جدا هنڌن لاءِ راجائون مقرر ٿيا، جن تي ماڻهن جي جان ۽ مال ملڪيت جي سلامتيءَ جو بار وڌائون. راجائن کي ڪيئن راڄ ڪرڻ کپي، ۽ رعيت کي پنهنجي راجا سان ڪيئن ورتڻ گهرجي، سي قاعدا به جوڙيائون، ته هرڪو نيڪ ديسواسي ٿي رهي، ۽ بڇڙن بدڪارن کي به جرئت نه ٿئي، جو پاڻ کان هيئن کي هيسائين يا هنن جو ڌن مال ڦرين.
ماڻهن کي ڌرم ۽ نيتيءَ جون واٽون به سيکاريائون. سڀني ماڻهن جي جيوت سکي نبري، ۽ مندائتا مينهن وسن، ته ڏيهه ۾ ڏڪار نه پوي، تنهن لاءِ اندر ديوتا، ورڻ ديوتا، ۽ ٻين ديوتائن جي پوڄائن، يگين ۽ هون هوم ۽ ٻين ڪريائن ڪرمن جا رواج وڌائون. ائين شروع کان وٺي سڀيتا جو گاڏو سوڌيءَ راهه تي هلائي، سڄي هندو جاتيءَ کي وڏي اوج تي رسايائون. ان وقت جي سڀني هندو ماڻهن، راءَ توڙي رنڪ ائين ٿي ڄاتو ته اهي رشي ۽ براهمڻ ئي آهن، جي ويدن جا منتر پوريءَ وڌيءَ سان اُچارين ٿا، ته ديوتائون پرسن ٿين ٿا، جنهنڪري ماڻهنجي من جون سڀ مرادون پوريون ٿين ٿيون، ۽ جنگين ۾ سوڀ، ۽ ٻين سڀني ڳالهين ۾ فتح ٿئي ٿي. انهيءَ سبب سڀ ماڻهو رشين ۽ براهمڻن کي پوڄڻ لڳا، ۽ کين پنهنجي ڪل جو پروهت ڪيائون. خود راجائون سندن اڳيان سر جهڪائيندا هئا، ۽ سندن چرن ڌئندا هئا. اشوميڌ يگيه، راجسويه يگيه ۽ ٻيا يگيه کانئن ڪرائيندا هئا، ۽ کين موتي، سون، وستر، رٿ ۽ چوپايو مال وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا، جنهنڪري رشيءَ وڏيءَ هوند وارا هوندا هئا هلندي به ايتري هين، جو راجائن کي راج گديءَ تي وهارڻ توڙي گاديءَ تان لاهڻ سندن وس جي ڳالهه هوندي هئي. راجائون ٻڌل هوندا هئا عام خلق جي رائي سان، ۽ عام خلق ٻڌل هوندي هئي رشين ۽ براهمڻن سان تنهنڪري حڪومت جو سارو ڪاروبار رشين ۽ براهمڻن جي صلاح سان هلندو هو. ائين ڪئين صديون ساندهه هو راجائن جا وزير ٿي رهيا ته حڪومت جو چرخو چڱيءَ طرح هلندو رهي. وقتي ڪن رشين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿيندي هئي، جيئن وسشٽ مني ۽ وشوامتر جي ٿي هئي، پر عام طرح اهي ساڙ وير کان آجا هوندا هئا. ڪي ته ميلو متو ئي ڇڏڻ واجب سمجهي، دنيا ترڪ ڪري، بن ۾ وڃي گذاريندا هئا. اهي ايڪانت ۾ ويهي، جيڪي فيلسوفي ۽ ايشوري گيان جون ڳالهيون سوچيائون، سي آرڻيڪن ۽ اُپنشدن ۾ ڄاڻايل آهن، جن جون ساکون يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن جا رهاڪو اڄ تائين پيا ڪن. اهي رشي فصاحت ۽ بلاغت جا صاحب هئا. بلاغت جو مکيه اصول هيءُ آهي ته ڳالهائجي ٿورو پر انهيءَ ۾ معنيٰ وڏي هجي. هن ڳالهه جي ثابتي سؤترن مان ملي ٿي، جن ۾ لفظ ٿورا، پر نهايت مائيدار آهن. گهڻي ڳالهائڻ مان هو ڄاڻندا ئي ڪين هئا، تنهنڪري سندن بليغ نڪتا نهايت گهڻا آهن. هن باري ۾ هڪ ڳالهه مثال طور هتي ڄاڻائجي ٿي.
هڪ لڱا باهوَ رشيءَ کي راجا واشڪليءَ وينتي ڪئي ته ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌايو ته آتما ڇا آهي؟“ رشيءَ کڻي سانت ڪئي. انهيءَ تي راجا وري وينتي ڪيس ته ”ڀلائي ڪري مون کي سمجهايو“. رشي چيس ته ”ٻچا مان توکي سمجهايان ويٺو، پر تون نٿو سمجهين“. ”شانتويم آتما“ يعني هيءَ آتما سانت آهي (شانتي سروپ آهي). ڏسو سندس گفتگو! سهڻي لعل لطيف به اهڙو فيلسوفانو گفتو ٻوليو آهي ته:
”جني ڏٺي سٿ، تني ڪڇيو ڪينڪي.“
شاهه
اوپنشدن ۾ جيڪو گيان آهي، سو رڳو پڳو رشين جو ڪونهي. آڳاٽن رشين جي وقت ۾ جيڪي راجائون هئا، تن مان به ڪي وڏا فيلسوف هئا جن جي فيلسوفي اُپنشدن مان معلوم ٿئي ٿي: مثلاً ڪيڪيه پرڳڻي جو راجا آشوپتي جو ساوتريءَ جو پيءُ هو، سو هڪ وڏو فيلسوف هو، جيئن ڇاندوگيه اُپنشد ۾ ڄاڻايل آهي. ائين فيلسوفيءَ جون پلٽون راجائن به پلٽيون، ته به ايترو چئبو ته هندو سڀيتا جا مکيه بانيڪار آڳاٽا رشي هئا. جي پوءِ سڀ براهمڻن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. هاڻوڪا سڀ براهمڻ سندن ڪلن مان پيدا ٿيل آهن. پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر هو اڄ تائين پوڄائون ڪرائين ٿا، ۽ سندن ججمان سندن چرن ڌوئن ٿا، ۽ کين ڏکڻائون ڏين ٿا. ايترو چئبو ته جيڪا شرڌا اڳوڻن جججمانن ۾ هئي، سا هاڻ گهڻو گهٽ آهي، ۽ اها به گهڻي قدر وڏيءَ ڄمار وارين هندو زالن ۾ آهي. رشين ۽ براهمڻن جو مان مرتبو ڪيتري قدر هو، ۽ هو ڪيتري قدر زور هئا، سي ڳالهيون مٿي اڳي ئي ڄاڻايون ويون آهن.
آڳاٽي ۽ هاڻوڪي سڀيتا جي ڀيٽ: رگ ويد واري زماني جي سڀيتا جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سا سنڌو ماٿر جي سڀيتا آهي، ۽ اها اڄ به ساڳي آهي. پرش ميڌ، ايشو ميڌ ۽ ٻين اهڙين ڪن جزوي ڳالهين کان سواءِ ريتون رسمون ساڳيون ته کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ جا نمونا به ساڳيا مطلب ته نار ۽ ڪنگريون اهي ئي اڄ تائين هليون اچن.
* Barth: The Religion of India, page 37.
* ”ڏکڻ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”اُڀرندو“ يا ”ساڄي هٿ وارو پاسو“ پوءِ معنيٰ ۾ ڦير پيو. ائين گهڻن لفظن جون معنائون ڦريون آهن. مثلاً ”اُشٽري“ لفظ جي معنيٰ هئي ”مينهن“ (Buffalo) ۽ هاڻ معنيٰ اٿس ”اُٺُ“ (She-Camel).
* آسٽريليا جا قديم رهاڪو به ائين ڪندا هئا. ڪولن سنٿانن بابت عالمن جو ڇوڻ آهي ته اهي آسٽريليا طرفان آيا هئا، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته هندستان ۾ ڪولن ۽ سنٿالن اهو ”پرش ميڌ“ جو رواج هلايو هو، جو پوءِ آرين اختيار ڪيو هو. – مصنف.
* Upendra Nath Ball, Ancient India, p. 50.