Jump to content

سچل جو رسالو/متفرق ڪلام/بيت سنڌي روجهن بابت

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
متفرق ڪلام
299740سچل جو رسالو — متفرق ڪلام1958سچل سرمست

بيت سنڌي روجهن بابت

1
روجهُون رڻُ يادِ ڪيون، اُڀيون رتُ رئَن؛
ھر ڪنھن ويلَ ھُئَن، اِھڙن اوراتَن ۾.
2
روجهُون رڻُ ڦِٽو ڪري، لاھِ لھِي آيون؛
ٿِين تار نہ تَرايون، جو مُند نہ اُٺَن مِينھڙا.
3
مُندين مِينھن اُٺانِ، وري روجهُنِ رڻُ ڦِٽو ڪيو؛
ڏولائيءَ جا ڏينھڙا، گهڻا گهر ڏٺانِ؛
اُنهيءَ کَؤن اَرمانِ، لحظيٖ مَنجهہ لھي ويون.
4
مُندين مينھُن پيونِ، تَرايون تارِ ٿيون؛
وڃڻُ مٿين ماٿرين، ٿاڪن تي ٿيونِ؛
وِسري ڪينَ ويونِ، سورڻُ ريجاڻِن جو.
5
ھنيَڙو ڇـڏي ھُتِ، ٿيون روانيون روجهون؛
ڏکيا اَوسَر ڏينھڙا، ٿيون گُـذارِن ھِت؛
اَٺئي پَھر چِت، وطن تَن نہ وسري.
6
رڻُ ڇڏي روجهُون، ڪا ڏس چِتائي ھَليون؛
جيلهان مُند اُٺا نہ مِينھڙا، تيلهان ٿيون ڪوجهون؛
لُڪَنِ جون لوۡجهُون، جَرين جالِڻَ ھَليون.
7
ماٿَر مينھن پِيانِ، روجهان موٽي آئيون؛
اَوسَر سَندا ڏينھڙا، وسري سڀ ويانِ؛
ٿاڻا ٿَر ٿيانِ، ڦَٽيون ڦوڙيون گَڏيون.
8
جڏھن ٿيا اَبَر، تڏھن روجهُن ڳاٽَ مٿي ڪيا؛
موليٰ وڇڙيون ميڙيون ، جن ٿي گـذاريا اوسَر؛
پھاڙيءَ جي پاندَ ۾، گڏجي ڪَن گُـذر؛
ٿيون سڀيئي سَر، لَنگهيَن ڏکيا ڏينھڙا.
9
جي ڦَٽيون جي ڦوڙيون، اُٺي اَچي گَڏ ٿيون؛
اوسَر ڪَيون ھُيون، اورَنِيون اوريون؛
لَکين ڪِروڙيون، رڻُ سڀوئي روجهيون.
10
روجهڙين اُتاءُ، لنگهيا اَوسَر ڏينھڙا؛
موليٰ آندا مِينھڙا، پنھنجي مھر مٿاءُ؛
جي ھيون ويچاريون وِڇـڙيون، ھڪڙيون ٻيَن کاءُ؛
ويُن ڏولُ وِچاءُ، اُٺي اَچي گـڏيُون.
11
آسَروند آھين، روجهون راڻيون رڻ ۾؛
اُڀيون پيون اُڀ ڏي، ٿيون وائِڙيون واجهَائين؛
رڙيون ڪيو رڻَ ۾، ٿيون بُوندون بَرسائين؛
تنھن ڪُنڊ ٿيون ڪاھِين، جنھن ڪُنڊَ وَسَن مِينھڙا.

12
سچو رک سَماءُ، ٿو ماڻهو روجهن سان گڏين؛
ھاڻي صبر مَنجِهہ ئِي آءُ، ڪمائي پوري ڪري.
13
آيون وَس ڇڏي، مُندين اُٺَن مينھڙا؛
موليٰ سندي مِھر آھ، جي وڇڙيون گـڏ گـَڏي؛
لٿيون لاھَ لڏي، روجهون ريجاڻِن تي.
14
رڻَئُون روجهيُون آيون، وين اوسَر ڏينھن؛
مندين اُٺن مينھن، ڪيئون رُخ ريجان تي.
15
رڻئُون آيون روجهون، جو سنڀاليائون ديسُ؛
مُندين اُٺَن مينھڙا، وسري وين پرديسُ؛
جي ھيون اُٺيٖ ريءَ اُديسُ، سيٖ پُڻ سرھيون ساھَ ۾.
16
جي اوسَر ڏسِي روجهيون، رڻَ چـڙھي ويئيون؛
تن کي وڃي اُتھَين، پَلڪان ڪي پيئون؛
پوءِ مُندين اُٺن مينھڙا، سَبزيون سڀ ريئيون؛
ڍوَ واري ڍيئيون، ڍليون گـاھَ گُـلن تي.
17
رڻِ چـڙھي روجهان، ويون وري ڪَٺُ ڪري؛
سَبز سِيڻيون آئون ساوڙيون، سَڀڪا چاڪُ چَري؛
پُري آئيون پِيئي تي، پَھاڙؤن پَري؛
ويَن ڏولائي ڏينھڙا، سَڀڪا ڀَلُ ڀَري؛
سچو مون نہ سَري، ريءَ ميلائيٖ سَڄَڻين.
18
جي رڻ چَـڙھيون روجهَڙيون، ڪيون ڏولاون ڏکِيون؛
جبلن سَندي جهولِئين، بِـرُ ھيون بُکيون؛
ٿيون ھاڻي سڀ سُکيون، جو مُندين اُٺَن مينھڙا.
19
ھِنيون لاھي ھَليون، روجهان رڻُ چتاءِ؛
موٽي مِھر موليٰ جي ٿين، جو اُٺن مينھن مَٿاءِ؛
ڏولائي جا ڏينھڙا، لاٿا پاڻَ خداءِ؛
وري پنھنجي ديس ڏي، وريون جاءِ بجاءِ؛
واري وسَ وساءِ، ڪا رازقَ روجهڙيَن تي.
20
روجهون وٺي واٽَ، ھليون تَرايَن تل تي؛
گولاڙن جي گَس تان، چَٽن مِٺي ماٽ؛
لاھي اُڃ اُساٽَ، راھِي ٿيون رڻَ راہَ ڏي.
21
روجهون ريجاڻن تي، لنگهي لَس ويون؛
بوندون جِـت بارانَ جون، پَھاڙين پيون؛
رڻَ ۾ سي رھيون، جن پنڌُ نہ ڪيو پھاڙ جو.
22
راھي ٿيون رڻ راہ ڏي، لاھي اوسٽَ اڃ؛
پھاڙيءَ مان پُڃَ، روجهن ڪيا رڄَ تي.
23
راھِي ٿيون رڻ راہ ڏي، لاھي اُڃ اُساٽ؛
اَچي وُٺُن اوچتو، وڏَڦـڙو ۾ واٽَ؛
رعد جي رڙين تي، ٽَھي ڏنائون ٽاٽَ؛
پُڳيون منجهہ پھاٽَ، لَٿَن سِڪَ سچو چَوي.
24
وٺِي وٽَ پَھاڙَ جي، ھليون منجهان ھيجَ؛
رِسي مَٿي ريجَ، پانڌوڙيَن پِيا ڪيا.
25
رڻَ چـڙھي روجهون ويون، ڏسي اوسَر ۽ اولا؛
اُٺا مينھن مِھر جا، مِھر ڪئي مَوليٰ؛
روجهيون ريجهيون، ڏسي ڪري ريجڪ رسيلا؛
واحد وسيلا، پٽَن تي پڌرا ڪيا.
26
روجهُن زارو زار، اُڀي رنو رڻَ ۾؛
رڙيون سُڻي رُليُن جون، سعيو ڪيو ستارَ؛
ساري ساز سُرودَ سان، سارنگ لَـڌين سارَ؛
روجهن ساڻ رھاڻ لئہ، کِنوڻين ڪَئي کيڪارَ؛
ٽھي ھليون ٽيلن تي، سُڻي گوڙ گجڪارَ؛
وسي وسَ وڏي ڪَئي، وسڻ جي وسڪارَ؛
تانگهيون تارَئون تار ٿيون، ترايون تلھارَ؛
سَچي لَـڌڙي سارَ، سِگهي سڪَ وارئين.
27
ڦوڙائي جون ڦَٽيون، ڦوڳيون ٿيون ڦولهِين؛
اَبر سندي آسَري، ٽَڪَر ٿيون ٽولهين؛
ڳوليو ٿيون ڳولهين، ترايون تَر ڀَريون.
28
مندائتا موٽيا ، روجهون چَوَن روئِي؛
قسمتَ قيدالماءِ کي، ڪونَہ جهَلي ڪوئِي؛
سائين سِگهوئي، ڪَندو وسَ ولهِن تي!
29
مندائتا موٽيا، روئِي چَون روجهون ؛
ڪميڻيون ڪوجهيون، قادرَ تنھنجيون آھيون!.
30
پانڌوڙيون پھاڙَ جون، رڻين ڪوہ رھن؛
لوچي سي لَھَن، جن سچو ٻَڌو سندرو.
31
ماٿَر مٿاھان پنڌڙا، پانڌوڙيون پُرن؛
سانگن مٿي سَرڙا، چَريو سي چَرن؛
ورِي ٿيون ورن، سچل سي ساڻيھ تي.
32
ڇڏي رڻ راھِي ٿِي، روھَن مٿي روجهہ؛
ٻيلي پَئي ٻوجهہ، چَرڻ جِي تنھن چِت ۾.
33
روھَن اَندر روجهڙيُون، ڪيون ڏکيون ڏولاون؛
سچل سي ساون، سُکيون ڪيون سُکديسَ ۾.
34
پَلر پَھاڙين پَلٽيا، واحد ڪَين وسَ؛
لنگهي ويون لَسَ، روجهون راجاڻَن تي.

دوھا
شَي آھيان ڪاڪيون ڪھڙِي، جا سمجهي نہ ڄاڻان!

بعضي ڀايان پُتلي، يا آھيان گُڏيءَ ڏور،
يا گوءِ آھيان ھٿ يارَ جي، يا وانگيءَ وانگر زور.

يا تا محل آھيان، جنھن ۾ شھنشاھ،
ٻوليون ڪري ڪيتريون، ٿو درنئون داناھ.

يا تا گهوڙو آھيان، جو ھَلائي ھَسوار،
يا تا موج درياھَ جِي، جا ٻوڙي ٿي ٻاھار.

يا مِھنديءَ گل تا آھيان، جنھن اندر لالائِي،
يا آھيان گل گلاب جو، جنھن سِر ۾ سرھائي.

يا تا چشمو آھيان، جو اَبر ڀَريو آب،
تنھن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مَھتابُ.

يا تا پاڇوئي حق جو، آءٌ اَصل کَون آھيان،
جنھن ۾ ڳالهہ ناھِ تا، سو ڀي تا ناھيان.

ڳالهہ سَچوءَ تا سَمجهِي، کَون ھاديءَ اِھائِي،
تا غير خدا جو ناھيين، آھين صاحب سدائي.

ھدايت 1
رمزان سي ھاديءَ جون، ميان،جيڪي چيائون مون کي سي سَلَڻ ناھن،
ھوءِ ھوءِ؛ ڌريون آھن دل تي!

ڳالهيون ڪري ڳُجهہ جون، ٿا صاحبَ سَمجهائِين،
لااِلهٰ کَون اڳنان ٿا ھادِي ھلائِين،
سَمجهڻ سَمع بَصَر جو ٿا فائِقَ فَرمائِين.

خوديون خاص نہ ڀائنجو ھِي نِت نِت نمازان،
ڄاڻو ڀَلي ڳالهڙِي ھِي سوز و گدازان،
اَٿَـو اَناالحق جا اِھي عِبرت آوازان.

ھَي ھَي ھِڪڙي ڏينھنڙي، ٿا ھادي اِئين چَون،
جَن نہ سمجهِي ھِـت ڳالهڙِي، سي سُڀان گهڻو رون،
جَن سُڃاتو ھتھين، سي ھُـت ڀِي اِئين ھُـون.

جيڪي ڀَليون ڳالهڙيون، اُنھن پُڄَڻ پَري آھ،
ڪوڙا قصا ڪُھ پئا يار سُڃاڻ سَواءِ،
پُرجهَڻ آھي پاڻ کي، ٻي ڀَلي بات نہ ڪاءِ.

ھاديءَ حـقيقت جي، يار، موٽِي ھيئن چيو:
آقا آھي ھيءَ ادا آھي ڪونہ ٻيو،
جي ئِي لنگهيا سَڀَ کَؤن، يارُ مقصد تن ٿيو،
سائين ساڳيو سو اَٿَو، جو وجودؤن ويو.

ھدايت 2
مرشِدَ ھادي رھنما، ٿا سَمجهائِن اِئين:

ھُو تُون ڄاڻج پاڻ کي، متان ھيءُ ٿئين،
وحدت جي چوگان ۾، اِھا گوءِ نِئين،
سچو ساڻ يقين جي، ھِي حال ڏي ھِئين.

ھدايت 3
ھادي ويڙھي آيو، ھاڻي سائينءَ ھِيئن سمجهايو،والِي ويڙھي آيو!

ڪڏھن ٿيو ڪونڪو، عاشقِن آرام، ميان،
راتو ڏينھان تن اُتي محبت جو ماتام، ميان،

خاڪَون ھَلج خاص ٿي ڪر پاڻِيءَ کَؤن پرواز، ميان،
چـڙيءَ چَنبو ماريُئي، ٿي شاھِين ۽ شھباز، ميان.

جيڪو اَصل آھي، ٿيو ھاڻي سو سلطان، ميان،
گهوڙي چڙھندِڙ گم ٿيو، پيو گهوڙو ۾ جولان، ميان.

گرد ڳجهو ڪيو طالبو، اھو گهوڙي جو ھسوار، ميان،
گهوڙي وارو گم ٿيو، اُڀريو گرد غبار، ميان.

آيو بحر جوش ۾، تڏھن موج پَئي ٻاھار، ميان،
ھَي ھَي آيو نانءُ ۾، ٿيو ساوڻ جو سينگار، ميان.

لُـڙَ منجهَون ٿيو اَڇو ڪارو، اَصل سو درياہ، ميان،
بيحد رنگ گهڻا ٿيا ٻاھر، ھرڪو ٿيو گمراہ، ميان.

سانوڻ لٿو، ھڪ ٿِي تڏھن پاڻي موٽيو پوءِ، ميان،
ڪارو اڇو لُـڙ ٿيو، اھو سارو سمونڊوءِ ، ميان.

نانءَ لَھِي ويا ٻاھريان، اھو باقي رھيو نام، ميان،
ڪوران، ڪَسيان، واھڙان، ھت ڪلي ٿيا گمنام، ميان.

ھِت سَڀيئِي درياھ ٿيو، ٻيو ڪوڙا لٿا نانءَ ، ميان،
اول آخر ھڪ ٿيو، ويا وچائون گنان ، ميان.

اصل جيڪي ھوس آءٌ آھيان ھِت ڀي سو، ميان،
آخر ٿيندس وڃي اُھوئي، ھڏ آھِيان ڪونہ ٻيو، ميان.

اکيون اکڙين ۾ رکي، تون پنھنجو پاڻ سُڃاڻ، ميان،
پوي نظر جت تانھنجي، تت پنھنجو چشم چال، ميان.

اکيون اکڙين ۾ رکين، تا ھِت ھُت تون ھين آءٌ، ميان،
جي خبر اکين جي لَھيين ، تا تون نرالو نانءُ ، ميان.

اکين مون معلوم ٿئي، اِھو صورت جو سينگار، ميان،
سچو سارو سچ ٿيو، ٻيو ناھي تفاوت وار، ميان.