Jump to content

سچل جو رسالو/مالڪوس/داستان چوٿون

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
مالڪوس
299736سچل جو رسالو — مالڪوس1958سچل سرمست

داستان چوٿون

1
ڪاغَذ لکي ڪالَ، مُڪم جو محبوبَ ڏي؛
ڳالهيون سنديون حالَ، ٿِينديون پڙهڻ مان پڌريون.
2
آيو راتِ رقمُ، مون ڏي محبوبن جو،
تہ دوستيءَ وارو دم، ڪڏهن تون نہ وسارئين.
3
لکيو موٽي مُون، ڪاغذ قريبن ڏي،
اَٿَمَ تون هِي تون، ٻئي جو ناهم آسرو.
4
حَبِيبن ڏانھُن هِيئن، اَديون لِکجي آئِيو،
تہ تون مون سان جيئن، آءٌ تيئن تو سان آهيان.
5
نَئون لِکيو آيوم، پِريان سندي پار ڏنهن؛
سو لُونءَ ڀَريو لايومِ، وٺِي حال هيانوَ سان.
6
جيڪر لِکي موڪليان، هَي خط هزارين؛
پڙهي مانَ منھنجا پِرين، هِي سگ سنڀارين؛
شَل وار نہ وسارين، اِهو اَٿَم آسرو!
7
لکي خط مُنجان، هِي پِريان سندي پارَ ڏي؛
تہ منھنجون لک هُجان توسان آهن تو جيئن.
8
پانڌي پَھچائي، ورُ عَريضو عجيبَ ڏي؛
قاصِد ڪونچائي، متان سورَ وجهين ساهَ کي.
9
چَئو ڪِيم تِکو، مون کي پارئون پرينءَ جي؛
سرتيون سڀ سِکو، جيڪر لائڻ لُونءَ ڙي.
10
ليلائيندو آئيو، پانڌي اَڄُ پَراءِ؛
ورتس دردَ ڌُراءِ، جو مَت وڃائي آئِيو.
11
اَڳيَئون مُحب مَٺِي، متان ڪا منھنجي ڪَرين؛
.وهندو ورُ وٺي، ساٿِي خبر کِيئنِ جي.
12
وڃِي ڏيھُ ڏٺو، ڪِي تو سندو سڄڻين!
چڱِيءَ طرح چِٺو، پانڌِي ڏنُئِي پِرينءَ کي؟
13
سوزَ ڀري سِٽِ جا هُئِي، سا ساٿِي ڪين سِکيو؛
تہ مٿان ڏئِي، لَھسَ لِکيو، جو پڻ مُڪو سڄڻين.
14
سندو رازَ رقعو، آيو جو عجيبَ ڏنهُن؛
سا سِٽَ پڙهندي سَرتيون، ڳالهائڻ چُڪو؛
عاشقَ جي ارواح کي، ڄڻ لڳو تِير تُڪو؛
مون ڏي مُحب مُڪو، ڄڻ ساٿِي سلامَن جو.
15
حَبيبَن هيڪارَ، آئين ورِي موٽئيين؛
ٻاٻِيھَلَ ٻيھارَ، اَچي ويھُ اَکين تي.
16
وري ڪانگ وريو، پريان سندي پارَ ڏنھن؛
لامين لڳِي لُونءَ جو، تنھن ڏاڍو سُر ڀريو؛
ڪاڪيون ڪنِ ڪريو، جو ٿو ڏئٖي سنيھو سَڄَڻان.
17
سنيھا ساري، منھنجا چَوي محبوبَ کي؛
پرين تُنھنجي پارَ جِي مدت مون ماري؛
مُنج ڏهاڙي مون مَڻين، اهو ڏاهو ڏياري؛
مَرُ سِگهَڙو سَنڀاري، ڏئي سِڪ سَنِيھڙا.
18
سنيھو سان سُورَ، چوي ٿو چھنبَ سان؛
پَون پاڙيچن پُور، ٻولِي ٻُڌي تَنھن جِي.

ڪافي 1
آءُ ڪانگا ڪا پِرين جي ڳالهہ ڪَر
وعدو ڪَيُئِي ڪالهہ سو پَرحال ڪر!

ڪِيئن ڏٺو تو دوست منھنجو ديس ۾،
خوش ڏٺو هو ئي يار ڪھڙي ويس ۾؟
سا خَبر مون سان ورِي في الحال ڪر.
ڪِي پُڇيائون خَبر منھنجي حالَ جي،
ڪي ڪَيَئي آگاھ هِن احوالَ جِي،
سو مون سان ڏاها اِهو اَحوال ڪَر.
هت فراقَ آهي ماريو، مان ٻيو ڇا چوان،
سور منھنجي ساه کي نِت نِت نوان،
آءُ ادا خاطر منھنجِي خوشحال ڪَر.
ڪِي اُڏاڻو هُئين پِرينءَ جي پارَ ڏي،
ڪِي نياپا هِي نِيا هُئٖي يار ڏي؟
ڪا مَدد مُنھنجِي ادا الحال ڪر.
دوستن جي منجهہ حضور حاضر ٿئين،
زاغ زاريءَ مَون نياپا هي نِئين،
لڳہ سائينءَ سارو، سچوءَ جو سوال ڪَر.

ڪافي 2
اي پِرين تُون پاڙ پنھنجا، قولَ جي تو ڪالهہ ڪيا!

مَنجهہ جدائِيءَ تانھنجي، هِت اَسان هِي حال ڪيا.
مون تا مِلڻَ لئہ تانھنجي، ڪوڙين ڪھڙا ٿٖي خيال ڪيا.
حالَ مُنھنجي کي ڏسي، ڪيئن ڀلا تو ڀالَ ڪيا.
سڏ سچوءَ سڪ سوزَ مون، جاني اوهان کي جالَ ڪيا.

ڪافي 3
مُنھنجو هاڻي مون وٽ اِيندو، هاريون واقف حالَ جو!

ڪينَ ڇڏيندو ڇَپَرين، نال نِماڻِي نيندو.
شالَ مقام مُئِيءَ جو، ٿَر وڃِي نِي ٿيندو.
درسن سندو دائما، ڏاڻ ڏکيءَ کي ڏيندو.
سچو پار پرينءَ جي، ورھ وارو ڪو ويندو.

ڪافي 4
هِن غريب جو حالُ، توکي مَعلوم آهي!

صدقي ڪنديَس سِر سائِن تَون، ٻيو سڀ مِلڪ ۽ مالُ.
دوستَ اَوهان ريءَ ديس ۾، جيَڻ آهي جنجالُ.
چَئي ٻُڌايان ڪيترو، آرياڻِي اَحوالُ.
مَڃ سچوءَ جو سُپرين، سائينءَ لڳ سوال.

ڪافي 5
پرديسِي گَڏيا دوستَ لَٿو هِجر هلاڪِي،
آيا اڱڻ مُنھنجي، جن ڪيو هو فراقِي.

جَن ڪاڻِ سڪيَس سالَ، ويٺي واٽڙين تٖي،
مون ساڻ اَچِي پاڻ، ٿيا محب ملاقِي.
پَرديس لَڳہ مون ٿٖي، پانڌي روز پُڇايا،
مون کي ڪانہ پَئي خَبرَ، اَچِي سي ٿيم اوطاقِي.
پيغامَ پَھرِيئون پانڌن هَٿ پاڻ مُڪائون ٿي،
هاڻي هِڪُ ٿيا مون سان، جي يارَ هئا ياڪِي.
آهي سَگ سچو دوست جي در جو اصلَ کَون،
تنھن ڏيَڻ ڏوراپو، ناهي مَستُ ميثاقِي.

ڪافي 6
تون تا وسين مُنھنجي مَن،
ميان تو کي چَئِي ٻڌايان ڇا!

هوتَ سنديَوَ آءٌ حاضرِي، ٻيون سي ڏنَڙم ٻَن.
مقصد منھنجو تون ٿِئين، ٻيا ڪَعبي نيتَ ڪَن.
آءٌ گهڻو گهورِي تَن جِي، ڪيو سِرُ صدقي جن.
عرضَ اِلاهُون عاجزن، ڪوھُ نہ ڪرين ڪَن.
اَکيُن عامُ نہ آوُڙي، تو کي جانِي ڏِٺو جَن،
آهي سچوءَ کي سدا طَلَبَ توهان جِي تَن.

ڪافي 7
يارَ اسان کي ٿيون مارين،
تنھنجيون اَلغرضايون!

انهُون دانھُن تي، سائين هِي ڪميڻيون ڪارين.
باهيُون تنھنجي بِرهَ جيون، ٻارڻَ دل ۾ ٻارين.
کِيئَن جو ڏنئون خَبران: سچو تو هُتِ سارين.

ڪافي 8
جڏهن پِريَن پاتيم جهاتِي،
تڏهن حاجَت ناهي حج جي!

اَچڻ ساڻُ اُنهن جي يارو، عشقَ ڪئِي اثباتِي.
سڀ ڪُجهہ ٿيڙم حالَون محرم، وسريَم ذڪر ذاتِي.
چوريءَ چوريءَ يار سَڄَڻ سان، ڏس سچو دل ڦاٿِي.

ڪافي 9
دوست تُنھنجي در جي، هيءَ ڳالهہ آءٌ ڪنھن سان ڪريان!

ڇڏ پِرين پَرڏيھُ تون، ميان، ڏکَ اَوهان ٻاجهون ڏريان.
دوستَ ره هِن ديس ۾، ميان، سرُ منجهُون سوُرن ڀَريان.
لَڪَ سَڀَئِي ويٺٖي لنگهيَس، ميان، پَوريم اوريان پَريان.
ساڻ چرخي چتَ جي، ميان، ورهَ جا ڌاڳا وريان.
سِرُ سَچو چَوي پانھنجو، ميان، دوست تو آڏو ڌريان.