سچل جو رسالو/مالڪوس/داستان ستون
داستان ستون
1
چڙهيو سَر ڇانڀين، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
تہ سنيھا سانڀين، جي ٿا مُڪَئي سَڄڻان.
2
ٽڪيو تي ٽارِيءَ، لَنوين جي لاتيون ڪري؛
ڏئي سان زاريءَ، اُڀي سنيھا سَڄڻان.
3
پارانڀا پويون، وجهي ڳوري ڳچيءَ ڪانگ جي؛
ڪڍي آبُ اکين مان، نيھين نِچويون؛
لڙڪن سان لويون، ٿي هئين لائيس هٿڙا.
4
چڙهيو ڏار ڏئي، سنيھا جي سڄڻان؛
ٿو ڄَڻ روح رڳُن مَون، نياپن ساڻ نِئي؛
جثو جاءِ ٿئي، سڻين پارانڀا پِرينءَ جا.
5
اَڄ ڪانگل آيو، ماٺ ڪندي مونجهہ مَون؛
سو تا منھنجي ساهَ کي، سرتيون سيبايو؛
هيڏي هَلايو، اڄُ محبوبن مِھر سان.
6
اَڄ ڪانگا چئُہ ڪِيئن، سَرها ڏٺئِي سُپرين؟
حالَ اسان هِت هِھڙا، ڪي هُت ڀي هُئا هِئين!
جهامَ ڏئٖي جهُڙ جِئين، تِيئن ٿِي اوتَ اکين جِي.
7
ڏاها ٿيءُ نہ ڏورِ، ويھُ مون کي ٿي ويجهڙو؛
ڪر ڪالهوڪِي ڳالهڙِي، جان هُئين رات حضور؛
دوستَ اڳين دستور، ڪِي تعِظيمان توکي ڏنيون؟
8
زاغ زبانون ڪڍي، اِهائِي وائِي؛
پِريان سندي پار جِي، آھِ تو کي واڌائي؛
پڇي حقيقت حالَ جِي، هُت ساجن سَڀائِي؛
تہ ڪِي عاشق خوش اسان جو، ڪَل ڏئين ڪائِي!
مون سان بيحد ڀلائِي، ڪَئي پرينءَ پارؤن تانھنجي.
9
الله لڳ اُڏام، تون موٽي محبوبن ڏي؛
وڃِي ڏيج پِرينءَ کي، اِهو پاڄِيءَ جو پيغام؛
ڪري قدمن تي پَئي، سَوَ لَک ڏيج سلامَ؛
آهي اوهان ريءَ سپرين، هِت مِڙيوئِي ماتام؛
اچڻ جو اَنجام، ڪَر سِگهو طرف سچوءَ جي.
10
نا تہ مرِي ويندو هيءُ، الله لڳ اَچيج تون؛
تو توَن آهي هن جو، جانِي، صدقي جيءَ؛
لاھِ فراق فقير کَون، والِي ويجهو ٿيءُ؛
تون پڻ ان جو ٿيءُ، جو نوڪر تنهنجي نانوَ جو.
11
سَڀئِي ڏيج ساري، سنيھا کي سَڄَڻان؛
اوهان ٻاجهون سُپرين، هُت گوندرَ گذاري؛
گهَڙِي نا گهاري، ميان محبوبن ري.
12
پَکِي سوئي پَرَ، اَڄ اُڏاڻو اوڏهين؛
رسيو وڃي اُتھين، سو پانڌي منجهہ پَھَر؛
آڏو عجيبن جي، ڪيائين سڀ خَبَر؛
هُت عاشِقَ کي اَوهان بنا، هِينئَڙي منجهہ حَشَر؛
ٿو اوتي اکڙين مَون، باراني بَحَر؛
هاڻي ڏيو دلاسو دلبر، متان عاشق اُت مَري وڃي.
13
ڏار چڙهيو ڏاهو، ٿو ڏئيم دلاسان دل کي؛
تہ صبح سانباهو، هو اَچڻ جو عجيبَ کي.
14
پکيڙا پُويانءِ، لَڙهان موتين سَنديُون؛
آءُ اُڏامِي اوڏڙو، تا جهوليءَ ۾ جهوليانءِ؛
سَڀَئي کنڀ کٿوريءَ ۾، لاکيڻان لويانءِ؛
پوءِ سارو سَمهويانءِ، هِڪ هِڪ ڪري هَٿَن سان.
ڪافي 1
آيا ڏٺوَ، آيا ڏٺوَ، چئہ ڪي پانڌِي آيا!
پرينءَ کي هِن پارَ ڏي، سَلِ ڪي ساٿِي، سَعيا!
طرف اسان جي ڪَھُ ڙي ڪانگلَ، ها روح سندن جا رايا!
وري سگهو ميان ونءُ اوڏاهين، جو سُورن اَسين ستايا.
سچو ساري مِيان گهڻو سنڀارَ، سَڄَڻ ڀِي ڪي ئي سِڪايا.
ڪافي 2
چَشمن يارَ جي مون تي، چئہ جا چوٽَ چلائِي!
درد مندن جِي دل اَچانڪ، آڻي عشق آڙائِي.
اَسان نماڻن تي روز ازل کَون، چَؤ، تَنھن جي حُسن هلائِي.
ٻنِهي اکڙين سيف ستم جِي. چَو جا آڻي چمڪائِي.
بَڙڇِي بِرهَ جِي سِيني اَندر، سچو هِن خيالُ کُپائِي؛
ڪافي 3
منھنجي زاري زاري، سُھڻا سائين تو سان!
معلوم تو کي ڳالهہ اسان جي
يارَ سڄَڻ سا ساري ساري.
هِيءَ تا هيڻِي واءُ وهيڻِي،
بِره اوهان جو باري باري.
دوستَ هِئين ۾ يار سمائين،
گهوٽَ نہ وجهج گهارِي گهاري.
اَصلَ لاڪون آهي اوهان سان،
يار اسان جِي ياري ياري.
طرفون تنھنجي يارَ سچوءَ کي،
آھِ ڳچيءَ ۾ ڳاري ڳاري.
ڪافي 4
يارَ تو سان، ڪي تا ڏينھڙا لَنگهايَم!
راتيان ڏينھان سِر تي ڪيئي، ڏکَ جا مينھڙا وسايَم.
پُڄاڻا اوهان جي ڏاها، ڏاڍا سي پور پِرايَم.
سِڪ تنھنجي سُپرين، سارا ئِي سورَ سَلايَم.
پِرين تنھنجي پارَ جا، ڏيھاڙي سي پنڌڙا پُڇايَم.
سچو سي ئي آيا جَن لئہ، فالان ٿي روز وجهايَم.
ڪافي 5
ساٿِي منھنجي يارَ کي،
ساري ڏيج سلام!
پِرت منھنجي روز اَزل کان، تو سان مُحب مُدام.
چئِي مَڪا هُئوَ يارَ سَڄڻ، ميان، اَچڻ جا اَنجامَ.
اَوهان جي نِي يارَ اَچڻ جا، هُلَ پَون هَنگامَ.
سچوءَ جيھا ڪيترا، تنھنجي در غُلامَ.
ڪافي 6
تو سان يارَ سڄڻَ، منھنجي پِرت اَصل کَون پيئي.
اَصل اسان جو عشق توئي سان،
ڪوڙيين آهن ڳالهيون ڪيئِي.
ڪڏهن مُڪو ڪونہ اسان ڏي،
ڏکين نياپو ڏيئي.
اَسين توئِي سان هِڪ ٿينداسين،
وچون وائِي هِجر جِي ويئي.
سي ئِي سانڀِج ڳالهيون اَسان جون،
جانِي ڪيڙم تو سان جي ئِي.
جي ئِي ڪَيا هَم قولَ توئِي سان،
سچو پاڙيندس سي ئِي.
ڪافي 7
ويهي هِت ڪِيئن وسارين؟
پِرين تو کي پاڻَ پُڇَڻ ٿا!
جيھو تيھو آھِ اسان جو، چئہ جو دوستَ چون ٿا.
ڪڏهن ماندو متان ٿئين تون، تنھنجي اڱَڻ اَچَن ٿا.
جڏهين ٿين ٿيون هُت پچاران، تڏهن هِت پورَ پَون ٿا.
پِرين تو کَون پَري نہ آهن، ويڙهي ڄَڻُ تہ وسَن ٿا.
ماندو مَتان ٿين، خوش ٿِي سچو، هو اَڄُ گوش گذارن ٿا.
ڪافي 8
مانَ پِريَن کي پوي، ڪنِ فرياد اَسان جِي!
عشقَ جو ماريون سُڻو سَڀيئِي،
اديون ڙِي ناهِيو اوي.
هن نماڻِيءُ جو يارَ سَڄڻَ کي،
حالُ وڃي ڪو چوَي.
هِيءَ تا تَنِ رِيءَ راتو ڏينھان،
راند روئڻ جي روي.
در دوسَن جي ڪيئي آهن،
سچوءَ جيھا سَوي.
ڪافي 9
ساٿِي تون يارَ مُنھنجي کي،
نيئِي پَھچاءِ سَنيھو هي!
تہ قيد الماء جي قسمت، وڌِي، دوري تو کَون مون کي.
سي پاڙج واعدا پنھنجا، ڪيا هُيئي يارَ جانِي جي.
ڪتابَن ۾ وڌم مُنھن ٿي، تہ ٿي خورسَندگي حاصل،
لڳي دل اوچتِي تو سان، وساري بِره بي تي ثي.
مون کي تو تا فراقِي ڪيو، اِها فرياد ڪنھن کي ڏيان؟
هو جي ڳالهيون ڪِيُئي سانولَ، سچوءَ کي ياد آهن سي.