Jump to content

سچل جو رسالو/سسئي/داستان ستون

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
سسئي
298853سچل جو رسالو — سسئي1958سچل سرمست

داستان ستون

1
توڙي ماڙِ نہ مُون، سُڻ منھنجا سُپرم؛
مون کي گُهرجين تون، لوڪُ رُٺو ئِي گهوريو.
2
عُمر اجائِي گذري، وھِي آيَم ھِيءَ؛
آءُ سَٻاجها سُپرين، پَروَرَ ڪارڻ پِي؛
جِيئڻُ ڪونهي جِي، ڪا وَرَ ويچاريءَ وَرِ ڪيو.
3
عُمر اَجائِي گُذري، اَڇا ٿيا اِظھار؛
زاريون ڪَيو سُپرم، رُئان زارو زار؛
مَٿِم آھي مَيارَ، ھوتَنِ حَرَف نہ ھيڪڙو.
4
عُمر اَجائِي گُذري، ڪارن مَٽيو رنگُ؛
مون نھارِڻُ نہ ٿئي، سانوَلَ سارو سَنگُ؛
ھِن نِماڻِيءَ جو نَنگُ، آھِ اوھان تي سُپرين.
5
عمراَجائي گذري، ڪَئِي جوڀَنَ جاڙَ؛
بالا ھِنِ بِلورَ جا، چَئنِي طرفين چاڙَ؛
ٻاروچَل جي ٻاڙَ، مون کي روھين روليو.
6
عمر اَجائِي گُذري، ھوتَ نہ گَڏيَس آن؛
اَھڙي ئِي احوال جي، ووءِ ووءِ آھي مان؛
ٿئي نہ ميلو جان، تان ساھُ نہ وڃي سَرَتيون.
7
عمر اَجائي گذري، ھھڙو ٿِيَڙُم حالُ؛
ڪَنھن سُڻايان سرتيون، اندر جو اَحوالُ؛
آرياڻِي الحالُ، ڪندو غور غريبِ جو.
8
مَٿي راھَہ رَنجُور، ويچاري واڪا ڪَري؛
سِگهِي ويندي نِڪري، ھوتِياڻين حضور؛
موٽي ھَڏِ نہ مُور، پَسَڻ ريءَ پِرينءَ جي.
9
جان مون مِلان ھوتَ، تيسين تائين نہ مَران؛
مادر تائين موتَ، اِھو اَٿمَ آسرو.
10
وندر جي وڻَن ۾، ڪَري واڪا ويچاري؛
جا مَحبوبن مارِي، تَنھِنجو موٽَڻ مَسَ ٿئي.
11
وندر جي ئِي وڻَن ۾، زور ڪَري زاري؛
ڇڏي ويا ڇَپَرين، ڌوٻِڻ ھيءَ ڌاري؛
ھِڪ واچوڙا واٽَ تي، ٻي وسي ٿِي واري؛
بِرھُ آھي باري، ھَي ھَي ھوتياڻِنِ جو.
12
وندر جي ئي وڻن ۾، زور ڪَري زاريُون؛
نِيلا نيرَ اکين مان، ھاڙھي ويس ھاريُون؛
اديون آريءَ ڄام جا، ويا روڏا رئاريون؛
ھِنَ مُئِيءَ کي ماريون، ھوت وڃن ٿا نِڪريا.
13
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، ٿئين ڪوھيارَل قَرارِ؛
يا کڻِي مُئيءَ کي مارِ، يا پِرين ني تون پاڻ سان.
14
وڃِي ڪيچ وڻَن ۾، ٿِئين سانوَل سُک؛
ھِيءَ ڏکوئي ڏک، وجهِي گوندر ۾ وَئين.
15
وڃِي ڪيچ وڻن ۾، تون خاصا ٿِئين خوشحالُ؛
ھِتِ ھِيءُ نِماڻيءَ حالُ، مانَ وَري ڪو وَڙُ ڪَرين.
16
وڃِي ڪيچَ وڻن ۾، ڪامل ٿِئين قَرارِ؛
ويچارِي مَ وسار، جا اَجهي آھي اَنھِنجي.
17
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ٿِئين جانب جاءِ؛
ھُو جي اوري ڪيچَ کَـئُون، سي مون لَڪَ لنگهاءِ؛
پنھنجو پاڻ پساءِ، نا تہ ٿي دوست دمُ ڏيان.
18
ڪاڪيون ڪيچ وڻن مَئُون، ھِيرَ اچي جا ھِي؛
پاڙيچون! سا پِي، ھِنَ مونکي اَڄ ملائيو.
19
ڪاڪيون ڪيچ وَڻن ڏنھُن، ھي جو واءُ وريو؛
سندو ساھَ سَريو، مطلب سارو مَنَ جو.
20
ڪاڪيون ڪيچ وڻن ڏنھُن، وري واءُ وريوم؛
سارو ڪاڄُ سَريوم، ڄڻ ھاڻي گڏيَس ھوت کي.
21
ھو جا ڪيچ وڻن کي، وڃي لڳي واءِ؛
سا وري شھر ڀنڀور ۾، اچي سرد ھواءِ؛
جانب تنھين جاءِ، سا جيءَ اُنهيءَ سان ھلي.
22
ھو جو ڪيچَ وڻن مَئُون، اَچِي واءُ ورِي؛
سو مونکي محبوبن جِي، ڏئي خبر کَرِي؛
وڃان تا مَ مَرِي، جان ٻاروچي مُنھُن ڏسان.
23
ھو جو ڪيچ وڻن مَئُون، وَريو اَچِي واءُ؛
ماريون تَنھن مٿاءُ، ھِيءُ سِرُ ڪيان صدقي.
24
ھو جو ڪيچ وَڻَن مَئُون، واءُ تہ آڻي واسُ؛
ھِيءُ سِرُ سارو ساسُ، ڪوڙين قرباني ڪَريان.
25
ھُو جا ڪيچ وڻن مَئُون، ھاريون اَچي ھيرَ؛
ٿئي صحت مَنجهہ سَريرَ، ڏور وڃن مون ڏکَڙا.
26
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، ھاريون ھِير اَچي؛
تَنھِن سان مَنُ مَچي، محبت ۾ محبوب جي.
27
ھو جا ڪيچ وَڻن مَئُون، اَچي ھِيرَ ھَلِي؛
سا ڀينر آھي ڀَلِي، جنھن سان ساھُ سُڌير ٿئي.
28
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، ٿي ھِير اَچي ھاڻي؛
تَنھِن آرياڻي آڻي، ڄَڻُ مون سان اَڄ ملائيو.
29
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، اَچي ھِيرَ ھلِي؛
تَنھِن ساري ڳالهہ سَلِي، پِريان سندي پارَ جي.
30
ھو جا ڪيچ وڻن مَئُون، لڳي تيز تَنوارَ؛
سندي پِريان پارَ، تَنھن ڏنا دلاسا دل کي.

ڪافي 1
نِينھَن نِھوڙي آھيان، ھاڻي جيڏيون ڪاڏي وڃان!

پنڌ پري ٿيو پِرينءَ جو، عشق اُلارو اڃان.
ڪَتڻ وٽڻ نہ ٿئي، چرخو ڦيرائي ڀڃان.
پِريَن نايُون پَٽ ۾، عشق سنديون سي ڄڃان.
موٽڻ واري ڪڏھين، ”سچو“ نہ مَصلحت مَڃان.

ڪافي 2
ھئان ٻاروچي نال، وو نال، پَلڪُ نہ پري پِرينءَ کَـئُون!

وَرھيہ وِيَڙم گذري، ھَي ھَي ھھڙي حال، وو حال.
ساڄنَ تنھنجي سوز جي، ڪريان ڪنھن سان ڳالهہ، وو ڳالهہ.
ٿي گذاريان ڏينھڙا، تنھنجي خاص خيال، وو خيال.
پُٺيءَ لڳل پانھنجي، پنهون سائي پال، وو پال.
ساھ ”سچوءَ“ جو صدقي، آھي اُتون آل، وو آل.

ڪافي 3
گوليءَ جي گفتار، ٻُڌيَوَ ٻاروچَن ۾ ڪا!

کُتا ڪانَ قريب جا، ھِنيَڙي منجهہ ھزار.
آءٌ پيادي نا پُڄان، سارو ساٿ سُوار.
اُنهن ڪارڻ آئيو، رئڻ زارو زار.
لڌم پير پنهونءَ جو، منجهئُون گرد غبار.
اچي شال ڀنڀور ۾، ٻاروچو ٻيھار.
پاڻؤن ٻانهي پانھنجي، دوست نہ ڪجو ڌار.
ڪَن ”سچوءَ“ ڏي سچَ جي، مَنجَهئُون، نِينھَن نھار.

ڪافي 4
يار لڳي آءٌ ھَلندي توسان، وو،
رھنديس ڪِيئن ڀنڀور ۾.

پاءِ رڪاب پرينءَ جي، ھَي ھَي ھاريون ھوسان.
پائي مَنڊڙا پورَ مَئُون، راھن تي روسان.
اَوھان ٻاجهون سپرين، ڇاھي مُنھنجو لوءِ سان.
سورن سھرا سِرَ تي، پارئون تنھنجي پوسان.
”سچو“ ساعَتَ نہ رھي، دم ٻَاجهون دوسان.

ڪافي 5
گولَن جي آءٌ گولي، ٻاروچاڻي ذات جي!

سمجهي سگهان ڪينڪي، ٻاروچي جي ٻولِي.
عبث آءٌ ڀي ناھيان، ڳالهہ ڪَيَس ڪنھن ڳولي.
ڪري ڪوھيارل ويو، ھِنيَڙي اندر ھولي.
روئي اُنهن واسطي، چِڪَ ڪيم ھيءَ چولي.
”سچو“ صدقي تَن تَـئُون، جِندُ جَنھِين ھِت گهولي.

ڪافي 6
اڙي اَلو اَلو، منھنجي يار سَڄَڻ جو، ساٿ سلامت آئيو!

اَڄُ سي اڱڻ آئِيا، مون جن لءِ وِرھ وسايو.
اُھي گَڏ مسافر ھِنِ گڏيا، مون جن لءِ پَنڌِ پُڇايو.
ڏيئي دلاسا دل کي، تن ريھي روح رچايو.
حال ڀائي اَچي سي ٿيا، جن تان چيٽڪ لايو.
وريتيون وصالَ جو، ھاڻ واليءَ ورق ورايو.
”سچوءَ“ کي ڙي سرتيون، اھو مولىٰ مُحِب مِلايو.

ڪافي 7
سنديوَ سار سنڀال، يار مون کي آھي، منھنجا ميان!

مون ھُون ڏورڻ نہ ٿيا، الا، آھن ڪاف ڪَشال.
اَوھان ٻاجهون سُپرين، جيڻ منجهہ جنجال.
ڪريو فنا فراق کي، وجهان واجهہ وصال.
ٻاجهہ ٻاروچا تو پوي، ھھڙا ٿيڙم حال.
راتو ڏينھان روح ۾، جَکان لاءِ جمال.
سِڪ ”سچوءَ“ کي سُپرين، آھي جِي ۾ تنھنجي جال.

ڪافي 8
تون آءُ ڙي قاصد آءُ، ميان،
ڪا خبر ڏيھؤن کِيئن جي!

پرين سندي پار جو، ڪو لھي اَڄ سماءُ، ميان.
منھنجو ٿئي ھِت ڪينڪي، ٻاجهؤن ھوت ھلاءُ، ميان.
ملڻ ٻاجهون دوست جي، ڪندو ورھ وڌاءُ، ميان.
”سچو“ سمجهين ڪينڪي، اھو اَٿئي ڪو لقاءُ، ميان.

ڪافي 9
آءٌ تان صدقي اُن تئُون، جي آيا پُنهل جي پار!

مُڪم نياپا نينھن جا، ھوتن ڏنھن ھزارَ.
محبت محبوبن جِي ڪئي، هِنيَڙي ۾ ھُشڪار.
وڃي ڏسنديس اکڙين سان، وڻ سندا وڻڪار.
سِڪ ”سچوءَ“ کي سرتيون، ڪيا اندر ۾ الغار.

ڪافي 10
اوڏانھن آئين ڪانگل اَدا، لنؤ تون چَڱي اَڄ لات ڪا،
ڪِي ھُت ھئي محبوبن کي، مشتاق جي مصلحات ڪا؟

ھيڏي اَچڻ جي ڪا ھُين، ڏي تون مون کي تسلات ڪا،
مون ھن نماڻيءَ وٽ اُتي، رھندا اَچي ھِت رات ڪا؟

ٻي تان ھوندي ھيڻي ادا، ظاھر نہ جھڙيم ذات ڪا،
پيغام مون ڏنھن پرت جا، ساٿي آندوَ سوغات ڪا!

شب روز عاشق رئڻ ۾، ڄاڻن نہ ھَڏ ٻي بات ڪا،
جاني جدائيءَ جيھڙي، آھي نہ ٻي آفات ڪا!

ھيڪند ھئڻ جي ھوت سان، سائين ڪندم ساعات ڪا،
دلبر ٻاجهون ھڪدم ”سچو“، بيھي اُھا برسات ڪا؟

ڪافي 11
عشق اَول آزمائي، ڪاڪيون ڪيچن جو ميان!

سِر تي سھج، وو، سور سٽاڻا، ٻاروچو ٻولائي.
صحيح ملندم ھوت حقاني، رانولُ مون رولائي.
عاشق صادق سڻ ”سچيڏنا“، ڀول نہ ڪنھن ڀولائي.

ڪافي 12
سانول، سوين ڳُڻَ تنھنجا ٿي ساريان!

ھُيا منھنجي ھِينئَڙي اندر، سي تان ڪيئن وساريان.
واٽان اچڻ جون، وو، تانھنجون ويٺي سي نت نھاريان.
اوھان ٻاجهون سُپرين، گوندر ڏينھن گذاريان.
جهُري جهوريءَ ۾ پيو، ھِنيَڙو ني ھاڪاريان.
”سچو“ سگ در تنھنجي جو، تنھنجي ڪڍَ قطاريان.

ڪافي 13
ڪنھن کي ھي حال چوان اَديون ڙي، واءِ ويلا جو!

ڏيرن ڏيئي ڇڏيا، موٽي سور نوان، ھي حال چوان!
مھڻا محبوبن، ڏنا پاڻ اوھان، ھي حال چوان!
”سچو“ سِرواڻن کي، وڃي پيرين پوان، ھي حال چوان!

ڪافي 14
عشق تنھنجي ماري آھيان، آءُ اَچي ڏي دوست دلاسو دل کي!

سگهہ نہ ساريان پنڌ ڪرڻ جي، ڀلو ميان، ڪيچ وڻن ڏي ڪيئن ڪاھيان!
آءٌ تان ٻانهي تون تان سائين، سَڱ نہ ٻيو ڪو ساھيان!
ڪم اچي جي ھي سر تنھنجي، ميان، تان ڀي نابِر ناھيان!
آءٌ اَڻ سونھين سونھين ناھيان، ڪاڏي ڪرھَل ڪاھيان!
ھوت ڪرين ٿو ھھڙيون، ميان، اَسَر ھَڏ نہ لاھيان!
اڱڻ آءُ تون يار پيارا، سڀ ڀلايون ٿي ڀانيان!
ورھ اوھان جي ڪيئي ولوٽيا، ”سچو“ چوي آءٌ ڇاھيان!

ڪافي 15
دل ناھي سا منھنجي وس، ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!

انھن اَکڙين کي، ناھي ڏسڻ کَـئُون بس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
اصل لاڪون آھيان، پاڙيچون پروس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ڪاڪيون آھي نہ عام سان، روح ھنھنجڙو رس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!
ٻاجهون ويڙھي دوست جي، ٻي ڳالهہ نہ لڳي ڪس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان،
ساھ ”سچوءَ“ جو سرتيون، دوست وٺي ڪيو وس،
ڙي جيڏيون، ڪيئن ڪريان!