Jump to content

سچل جو رسالو/جوڳ

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
جوڳ
299732سچل جو رسالو — جوڳ1958سچل سرمست

داستان پھريون

1
ڌوڻِيءَ منجهہ ڌيانُ، آهي آڌوتِن جو؛
گُم ٿِي گُرگم گودڙيا، ڪن گروڙي گيان؛
اَصل کان اَشنانُ، گنگا جمنا تَن جو.
2
پورب پَنڌ نہ وڃڻا، گِرنارِي گمنام؛
ويچاري ٿي واٽ تي، ڪَرن ڪين وسرام؛
سيني ۾ سَنگرامَ، سَچا سَنياسن جي.
3
پوربَ سندا پيرَ، لاهوتي لَٽي ويا؛
گِرناري گُنير، سَچا گُم گُر گيات ۾.
4
ورلو ويراڳي، گِيانِي، ڏٺم گودڙيو؛
ڀُليا ڏٺم ڀيرَ ۾، ڀوڳِي ۽ ڀاڳِي؛
طالبُ تِياڳِي، لَکن ۾ ڪو هيڪڙو.
5
جوڳين جٽائُون، جوڙي جوڙيون جان تي؛
چَمٽا ٻڌي چيلهہ سان، تُنيون تَڻيائون؛
جَنجيرن سان جھَان تي، ڪِشتا ڪَڙيائون؛
گروڙي گائون، پورب پنڌ پُڇِي ويا.
6
جوڳي ڀاتون ڀات، پَر منھنجو آڌوتِن سان؛
سَفر ويا ساجهري، رهيا رُڳِي رات؛
طلبَ تنين جِي تات، راتيان ڏينھان روح کي.
7
آهِن اَڪيچارَ، اَنتر مُک اڌوتَ؛
پورب سي نہ پُريا، نہ ڪِي ڪَن پرچارَ؛
اَٺ ئي پھر اَڇَ ۾، رهن سي گُم گار؛
سَچَل سَنسڪار، سَنسا تِن وڃائيا.
8
اَڃا آڌوتِي، آهن اڪيچارَ؛
اَوديا اَهنڪار، ڀَڃِي جن ڀورا ڪيا.
9
ڪاپَڙي ڪَن ڦاڙَ، آيل اَڄ لنگهي ويا؛
مَست ڪري ويا مَن کي، مُرلين سان مڻيارَ؛
تَن جوڳيڙن جي جاڙَ، مون کان مُئي نہ وسري.
10
ڪاپڙِي قَنديلَ، کنيو گُهمن گودڙيا؛
ڇَٻَت ڪري ڇَٻَن ۾، وتن ڪاريھرَ قتيِلَ؛
مُنڊن مُرلين سان اُهي، آڌوتي اَصيلَ؛
سچل سِڪ سَبيل، جيءَ ۾ جوڳيئڙن جِي.
11
لاتِي لاهوتِين، ڌرم جي ڌوڻِي؛
پَنبہ جي پوڻِي، ساڙي سنياسِي هليا.
12
جهونا ڳڙھ جي جوءِ ۾، جوڳين جوڳُ اَجوڳُ؛
ڀوڳين ڀوڳُ اَڀوڳُ، پاڻُ وڃائٖي پانهنجو.

ڪافي 1
محبت جي مَي ماريو، ڙي مون کي،
ڪاڪيون ڪنھن سان ورهُ وراهِيان!

عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتو سٖي، عشق ڏنو اولارو.
اکيان کول تہ ظاهر ڏيکين، سير سڄڻ جو سارو.
پُرجهي پير ايڏاهِين پايو، هوت اَٿوَ هاڪارو.
محبت مون منصُور وجهايو، ڳچيءَ جي وچ ڳارو.
سَنبرُ سچيڏنا ڇوڙ سانباها، ورهَ ڪيو جان وارو.

ڪافي 2
ياڪِي ٿيو يار اَسان کؤن، دل نماڻِيءَ جِي کَسي!

ويٺي ڏِسان واٽ اوهان جي، مانَ ڪو رهبر رسي!
اَچڻ هِن جو ايڏاهين، ڏيھ سندئِي ڪو ڏسٖي!
سِر سچوءَ جي يار سدائِين، ورهَ جو مِينھڙو وسٖي.

ڪافي 3
ڳالهيون ڳارن ٿِيون، ميان، دل کي دوستن جون، ميان!

ياد اَچن جي ڳالهيون، اُهي ڪوڪان ڪارنِ ٿيون.
هو جي ڪيائون ڳُجهہ ۾، اُهي مامان مارن ٿيون.
ڳُڻن واريون ڳالهڙيون، اُهي ٻارڻ ٻارن ٿيون.
پَسَڻَ ڪارڻ اَکڙيون، صاحب سارن ٿيون.
پاڻِيءَ گاڏون رَت جا، هنجو هارن ٿيون.
اکيون ڏسَن نہ غير ڪو، واحد وارن ٿيون.
سچو اُهي ڳالهڙيون، نِت مون کي مارن ٿيون.

ڪافي 4
تنھنجِي آهيان آءٌ، پنهنجي ڪري ڄاڻ!

جاڏي تاڏي توهين دلبر، ڪاڏي ڪاهيان آءٌ.
هونديس اوهان ساڻ.
آءٌ ڪنيزڪ تون تان سائِين، سَڱ نہ ساهيان آءٌ،
چيٽڪ ڪَيس اَڄاڻ.
سِڪن ڪيئِي تو لَئہ سانولَ هِڪ تا ڇاهيان آءٌ،
صدقي ڪيمُ پاڻ.
تو هَئون ٻاهر سُڻ سچو ري، ڪنھن دم ناهيان آءٌ،
پنھنجو جهَلج ٻاڻ.

ڪافي 5
تنھنجي ڪارڻ ڪاريو،
هوءِ هوءِ هولِيَڙو!

ڪنھن سان ڪريان سُپرين، تنھنجين ڳالهين ڳاريو.
ڪنھن در ڏيان دانهِڙي، تنھنجي محبت ماريو.
آگ عِشق جي اَندر اسان جي، ڏاڍو ٻارڻ ٻاريو.
آءٌ اوهانجڙي آهيان، والِي ڪِيم وساريو.
پاڻئون پاسي نہ ڪريو، سگ سچو پنھنجو ساريو.

ڪافي 6
سُھڻا توکي ڪيھو هاڻِي هاڻِي،
ڏواراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟

وس ويچاريءَ جو ناه اَصل کَون، تون پرين پاڻهين ڄاڻِي.
اَندر منھنجي وو آهي اوهان جِي، ڏاڍي سا سِڪ ساماڻِي.
اَوهان ٻاجهون ويٺي اوتيان، پنبڻين مان پاڻِي.
سچو اَوهان جو آهي اَصل کَؤن، پنھنجو سو سڱ سُڃاڻِي.

ڪافي 7
ڇو ٿو ڇڏين، ڇو ٿو ڇڏين، مون کي هاڻِي،
آءٌ تا تُنھنجڙِي آهيان!

پاڻُ پنھنجو پاڻهين ساڻُ غريبن گَڏين.
پکا پکن سامُهان، اوري سي دلبر اَڏين.
سچو نھاري واٽڙيون، ايندين صاحب ڪڏهين.

ڪافي 8
رهجِي اَچي منھنجِي يارَ، توسان!

آءٌ ڇا ڄاڻان عشق منجهارؤن، بِرهي والڙا بار.
طرف ٻئي ڪنھين خيال نہ ڀانيان، آهي سدائِين يار.
هوندين هميشہ گڏ اسان سان، نيڻن وهايم نار.
ٻانھن سچو جِي سُھڻا سائِين، پرتِي اَٿئي سردار.

ڪافي 9
تون تا ڪڏهن ايندين يار،
تُنھنجِي روز نھاريان راه!

سِرَ تي چاڙهيا سُپرين، بِرهَ تنهنجي جا بارَ.
راتو ڏينھان روح کي، تنهنجِي سارَ سنڀارَ.
وهَن ٿا واڪا ڪَيو، نيڻن سَندا نارَ.
آءٌ تا هڪڙو ناهيان، تنھنجا عاشقَ لکَ هزارَ.
سورَ سَندءِ ميان سُپرين، مون کي ڪوهِ هڻن قھارَ.
پِرين پارج پانھنجا، جي ڪيئِي قولَ قرارَ.
ڏوهُ ڏيان ٻئي ڪنھن کي، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.
اَندر منھنجو اَڌ ڪيو، جانِي اِنهيءَ جارَ.
اَٺ ئي پَھَر ٿِي وڄي، تُنھنجِي تَند تنوارَ.
مُئِيءَ کي ماري اِتهين، تون وئين ڏنهُن وڻڪارَ.
سچو سَگ اوهان جو، ٿو روئي زار و زار.

جهولڻو
ساٿِي ساري سَنيھا، چئج پُنهونءَ کي،
بيراگي آهييان، وو!

حالُ ڏسيو ٿو جو وڃين، سارو عرض ڪَرين، وو،
دلاسو ڪو دوست ڏنھن، وٺي جلد ورين، وو.
ڪارو ڪَج نہ ڪيچَ کي، ڇَپَر تا نہ ڇڏين، وو،
ٻانهي ڄاڻِي پانھنجِي، گولِن ساڻُ گَڏين، وو.
توسان عمر گُذاريان، جان ڪِي هِت هُئان، وو،
ڳالهين تنھنجِن ڳاري آهيان، جان ٿِي رت روئان، وو.
ڏوريندي مون ڏونگرين، گهڻا ڏينھن ٿيا، وو،
ٻڌا هوندا هوتَ تو، جٖي سچوءَ سَڏَ ڪيا، وو.