سوکڙي ڳالهين جي/چوٿون باب/ڳالھ ٽين
۴-۳ ڳالھ ٽين؛ نيت ۽ مراد جي
پينار ھڪڙو، ڪنھن ڳوٺ ۾ پنندو ھو. سين ھيءَ ھڻندو ھو؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
ان ڳوٺ ۾ ھڪڙي بٺاري، نيت نالي، ھئي. تنھن جي ڌيءُ جو نالو مراد ھو. سا فقير جي سين ٻڌي، ڄاڻندي ھئي؛ ”فقير جيڪس ڄاڻي ٻجھي، ماءُ-ڌيءُ، ٻنھي جي نالي، گلا ٿو ڪري. اھا ڳالھ دل ۾ رکي، ڏمرجي پھ ڪيائين ته پينار کي وھَ گڏيل کاڄُ (کاڌو) کارائي مارجي.
ان ريت کاڄُ، وھَ گڏيل، جوڙي رکيائين. پر پينار جي اچڻ ۾ ويرم ٿي ۽ پاڻ ڪنھن ھاج (ڪم) لاءِ گھر کان ٻاھر نڪتي. ايتري ۾ مڙسس، بکائجي، گھر ۾ اچي کاڄ ڳولي، اھو کاڄ وھَ-گاڏڙ لھي، کائي، مئو.
بٺاري وري (موٽي) اچي، ھيءُ حال ڏسي، پينار جي سين ياد ڪري چيو؛ ”سچ جھڙي نيت، تھڙي مراد. جو پينار جي مرڻ جي نيت ڪري، مڙس جي مرڻ جي مراد ڏٺم.“
ڏسو بڇڙيءَ جو حال. جو جھڙي ٿو ڪري، سو تھڙي ٿو ڀري. جي رن بٺاري، پينار جي مارڻ جي رٿ نه ڪري ته ڇا لاءِ جڙيو ڪيو ڪوڏن جھڙو مڙس مارائي، رناپڻ جو سور سھي ۽ جيڏين سرتين ۾ پاڻ کي رن چوائي.
تنھنڪري ڄاڻُ؛ ”بڇڙي جو آڳو پيڇو، بڇڙو آھي.“
تنھن ۾ منھنجو چوڻ ڳنڍ ٻڌج؛ ”بڇڙي ڪري، چڱي ڪڏھن ڪين پائيندين.“
ڏاھن جو ٻول آھي؛ ”ڪنڊا پوکي، گل ڪو نه چُڻي، جَوَ پوکي، ڪڻڪ ڪو نه لُڻي.“
بيت
بُرو برائيءَ سان وڌائي وھنوار،
ڪوجھو ان ڪمن کان، کريو ٿئي خوار،
لعنت جو لڏي کڻي، بُغديءَ وانگي بارُ،
بدي جي بدران، مڱي موچاري مردارُ،
کريو ڏيئي کارُ، گھري کائڻ کنڊ جو.