سوکڙي ڳالهين جي/پھريون باب/ڳالھ چوٿين
۱-۴ ڳالھ چوٿين: لوڪڙي ۽ اٺ جي
لوڪڙي ھڪڙي، سھي جي شڪار لاءِ، گھڻو رُلي. پر ھٿ ڪو نه لڳس. گھمندي ڦرندي، اوچتو اٺ ھڪڙو ويٺل جھنگ ۾ پسي، پنھنجي اڄاڻائيءَ کان، سرھي ٿي ڀانيائين؛ ”شڪار وڏو آھي، منجھانئس گھڻن ڏيھاڙن جو ڍءُ ٿيندو.“ ان لالچ سان پنھنجو پڇ، اٺ جي پڇ سان ٻڌي، پنھنجي ڏر تي گھلي نِيڻ (پڄائڻ) لاءِ ڇڪيائين.
اٺ، پڇ جي ڇڪ اچڻ سان، اٿي کڙو ٿيو. لونبڙي، قد جي ننڍائيءَ کان، لڙڪڻ لڳي.
گھمندي، ٻي لونبڙيءَ، سندس حال ڏسي، پڇيو ته، ادي ڇو ٿي لڙڪين؟
جواب ڏنائينس؛ ”بس ادي! ڏاڍي سان ڳئي اڙائي اٿم.“
نيٺ، لونبڙي لالچ جي مارئي، اتي لڙڪي ساھ ڏنو.
لالچ جو ڇيئو (نقصان)، لوڪڙيءَ پاتو سو ٻڌي جي ڀڙوي اھڙي لالچ نه ڪري ته پنھنجي پراڻي جند ڇو وڃائي.
تنھنڪري سياڻن کي لالچ ڪين وڻي. لالچ کي فارسيءَ ۾ طمع چوندا آھن. جنھن ۾ (آھن) ٽي اکر؛ ط، م ۽ ع. سي ٽيئي ٺلھا، ري نقطن آھن. تنھن جو مطلب ھي آھي؛ لالچ وارو پڻ ٺلھو رھندو. تنھن ۾ تو کي جڳائي؛ ھنن سڀني ڳالھين کي ڏسي، لالچ کان ڊڄ ۽ ڀڄ.
بيت
جوفي جھڙي جوءِ کان، پري ڪر پاسو،
گھڻا رن رلايا، ورتس جن واسو،
سڙيا ساڻس ڪيترا، سمجھي سو باسو،
مٿو ھنيائون مڻ کي، ملين نه ماسو،
ڪڻو جي ڪاسو، ڀلو اٿئي ڀرم جو.