سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ٽيٽيھون
مير مراد علي خان جي مرڻ تي بلوچن جي مجلس گڏ ٿي ۽ انھن جي ٺھراءُ موجب ملڪ وراھي چار حصا ڪيائون ۽ مير مراد علي خان جي چئني پٽن کي ڏنائون، جي گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا. ڪي ماڻھو ھن کي پوئين يا ننڍي چؤياري سڏيندا آھن. ساڳيءَ طرح مير سھراب خان خيرپور واري به سن 1830ع ۾ وفات ڪئي ۽ انھيءَ جو ملڪ به سندس ٻن پٽن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان کي ورھائي ڏنو ويو. وري ميرپور واري مير ٺاري خان جو پٽ مير علي مراد خان به مري ويو ھو، تنھن جو ملڪ سندس ٽن پٽن مير شير محمد خان ۽ مير شاھ محمد خان ۽ مير خان محمد خان کي ورھائي ڏنو ويو. انھيءَ طرح ساري سنڌ ننڍن ميرن ۾ ٽڪر ٽڪر ٿي ورھائجي وئي، مگر سڀني ۾ مير نور محمد خان وڏو ھو، تنھنڪري رئيس ٺھرايو ويو.
ھنن ميرن جي ڏينھن ۾ انگريز سرڪار کي سنڌ ۾ پنھنجي وڪيل رکڻ جي اجازت ملي ۽ ڪرنل پاٽنجر پھريون وڪيل ٿي آيو. ھن راڄ جي پھرين چئن پنجن ورھن کان پوءِ شاھ شجاع الملڪ جنھن کي ڪابل کان ھڪالي ڪڍيو ھئائون، تنھن کي پنجاب جي راجا جي صلاح سان انگريز سرڪار موٽي ڪابل جي تخت تي وھارڻ جو ارادو ڪيو. ھڪڙو وڏو لشڪر بمبئيءَ کان ڪراچيءَ جي رستي سر جان ڪين جي ھٿ ھيٺ روانو ٿيو ۽ درياھ جي رستي مٿي وڃڻو ھو. ميرن پھرين اعتراض آندو، جنھنڪري انگريزي لشڪر منھڙي جو ڪوٽ ڀڃي ڪراچيءَ منجھان لنگهي اڳتي ھليو. سرڪار جو زور ڏسي نيٺ ميرن موڪل ڏني ۽ لشڪر درياھ جي رستي لنگهي ويو. شاھ شجاع کي ڪابل جي تخت تي وھاري انگريزي لشڪر وري به درياھ جي رستي موٽي ھليو ويو. سگهوئي پوءِ مير نور محمد خان سن 1841ع ۾ وفات ڪئي ۽ مير نصير محمد خان سنڌ جو رئيس يا حاڪم ٿيو. ستت ئي مير نور محمد خان جي پٽن جي وچ ۾ ورثي تي تڪرار ٿيو، جنھن جو ريزيڊنٽ ڪرنل اؤٽرم جي معرفت ٺھراءُ ٿيو. ٻئي سال ۾ سر چارلس نيپيئر وڏو ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو، جنھن ميرن سان نئون عھدنامو ڪرڻ گهريو جنھن موجب انگريز سرڪار جو سڪو حيدرآباد ۾ ھلڻو ھو ۽ ڪراچي ٺٽي سميت سرڪار کي ملڻي ھئي ۽ سبزل ڪوٽ روھڙيءَ سميت بھاولپور جي نواب کي ملڻو ھو ۽ درياھ جي ٻنھي ڀرين سان سؤ يارڊن جيتري زمين ڪاٺين وڍڻ لاءِ سرڪار کي ملڻي ھئي. اھو عھدنامو ميرن پھرين قبول نه ٿي ڪيو پر پوءِ نيٺ لاچار ٿي قبول ڪيائون، ڇا لاءِ جو انھيءَ وقت ڌاري خيرپور جي پاسي ٻن ڀائن مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان جو تڪرار ٿي پيو ۽ حيدرآباد ۾ مير صوبدار جو ٻين سان تڪرار ٿي پيو ۽ انھن انگريز سرڪار کان مدد ٿي گهري. مگر گهڻا بلوچ انھي عھدنامي تي ناراض ٿي ريزيڊنٽ جي بنگلي تي ڪاھي آيا. اؤٽرم صاحب لاچار ٿي پنھنجو سڄو عملو وٺي ٻن آڳبوٽن ۾ چڙھي روانو ٿيو ۽ وڃي سيوھڻ ڌاري سر چارلس نيپئر کي گڏيو.