سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ارڙھون
مرزا محمد باقي جي پٽن مان مرزا جاني بيگ کي ماڻھو پسند ڪندا ھئا تنھنڪري انھيءَ کي تخت تي وھاريائون. ھن جو به سلطان محمود سان جھيڙو ھليو آيو. محمد باقي وانگي سلطان محمود به پنھنجي ڌيءُ جو سڱ اڪبر بادشاھ کي ڏنو ھو، سو ھاڻ جڏھن ھو پاڻ مئو ۽ وارث ڪونه ھوس تڏھن بکر اڪبر بادشاھ جي ھٿ آيو. اڪبر بادشاھ پنھنجي نائب نواب خان خانان کي مرزا جاني بيگ سان وڙھڻ لاءِ موڪليو، جنھن اچي ھن کي شڪستون ڏنيون. نيٺ اڪبر بادشاھ ھن کي روبرو گهرائي مٿس گهڻي مھرباني ڪئي ۽ پنھنجي طرفان ھن کي سنڌ جو نواب مقرر ڪيائين. پر مرزا جاني بيگ پاڻ اُتي رھي پيو ۽ سندس پٽ غازي بيگ نواب ٿي سنڌ ۾ آيو. اٺن ورھن کان جاني بيگ اُتي مري ويو ۽ سندس لاش ٺٽي ۾ آئي.
مرزا غازي بيگ پھرين ته صغير ھو ۽ ٻه امير کيس سنڀاليندا ھئا ۽ سندس طرفان حڪمراني به ڪندا ھئا. جڏھن وڏو ٿيو تڏھن اڳوڻا عملدار برطرف ڪري نوان رکيائين، تنھنڪري ملڪ ۾ فساد پکڙي پيو، پر ھن ھمت سان سڀني کي ماري مڃايو ۽ پوءِ آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو. ٿورن ورھن کان پوءِ اڪبر بادشاھ ھن کي دھليءَ ۾ سلام لاءِ گهرايو. سگهوئي اڪبر بادشاھ مري ويو ۽ جھانگير تخت تي ويٺو. انھيءَ مرزا غازي بيگ کي قندھار ڏي فساد بند ڪرڻ لاءِ موڪليو. ھن اتي ڏاڍي بھادي ڏيکاري، تنھنڪري ھو قندھار جو نواب يا صوبه دار مقرر ٿيو، حڪم موجب مرزا غازي خسرو خان چرڪس کي ملڪ ھلائڻ لاءِ ٺٽي ۾ ڇڏي پاڻ قندھار ڏي ويو. ھن کي پڇاڙيءَ جي ڏينھن ۾ زبردست ۽ زور وارو ڏسي سندس مائٽ توڙي ٻيا ماڻھو سندس دشمن ٿي پيا. انھن جي چورت تي قندھار ۾ سندس ھڪڙي نوڪر کيس ھڻي ماري وڌو. مرزا غازي بيگ بھادر، سخي ۽ پڙھيل ماڻھو ھو. شعر به چوندو ھو ۽ راڳ جو به شوقين ھو.
جڏھن خسرو خان، مرزا غازي جي مرڻ جو ٻڌو تڏھن زور وٺي ٺٽي جو مالڪ ٿي ويھي رھيو. ھيءَ خبر ٻڌي جھانگير بادشاھ ٺھراءُ ڪيو ته اڳتي سنڌ جي سنڀال لاءِ به ٻين صوبن وانگي وقت بوقت صوبه دار يا نواب مقرر ڪري موڪلجي، مگر ملڪ ڪنھن ھڪڙي حاڪم جي حوالي نه ڪجي.
انھيءَ طرح ترخان گهراڻي جي حڪومت ڇٽيھن ورھين کان پوءِ سن 1590ع ۾ پوري ٿي ۽ دھليءَ جي بادشاھن جي صوبه داري يا نوابي شروع ٿي.