Jump to content

سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/26

From Wikisource
سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
26. فقير محمد محسن (بيڪس) (1858ع کان 1881ع تائين)
329020سنڌ جي ادبي تاريخ — 26. فقير محمد محسن (بيڪس) (1858ع کان 1881ع تائين)1954محمد صديق ميمڻ

فقير قادر بخش (بيدل) جو فرزند فقير محمد محسن (بيڪس) تاريخ 28 جمادي الثاني 1275 هجري مطابق 1858ع ۾ ڄائو هو. قرآن شريف ۽ پارسي جي شروعاتي تعليم پنهنجي والد بيدل فقير وٽ ورتي هئائين ۽ پوءِ بيدل فقير جي ڀاڻيجي آخوند عبدالله وٽ تعليم ورتائين، جنهن جو پاٽولين جي محلي (روهڙي شهر) ۾ وڏو مڪتب هوندو هو.
بيڪس فقير تي ننڍي هونديئي سندس والد صاحب جي فقيريءَ جو اثر پئجي چڪو هو ۽ ڪچيءَ ۾ ئي ستار تي راڳ ڳائڻ ۾ ڀڙ ٿي ويو هو. بيڪس فقير هڪڙي ڪافيءَ ۾ فرمائي ٿو:
ڪافي هڪ ٺپي (سر آسا)
عشق وارو آواز – واهه واهه بخش اسان کي
1- پاڻ حبيب پاڻ طبيب – الا- برهه هت بيمار.
2- بيدل بيشڪ هادي منهنجو – آهه عشاقان آڌار
3- دنيا دين نہ آهي گهريو ميان الا-درد هيڪر درڪار،.
4- ڪاٿي بيدل ڪاٿي بيڪس-الا- ڪاٿي گرم بازار.
بيڪس فقير چوڏهن ورهين کن جو هو، ته سندس والد بيدل فقير وفات ڪئي. تنهنکان پوءِ بيڪس فقير پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ ناهيت آزاد خيال فقير بڻجي پيو ۽ ڪافين ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ پنهنجي والد کان بہ ٻہ ٽي قدم اڳڀرو وڌي ويو.
مائٽن شادي بہ ترت ڪرايس، تنهن هوندي بہ هو بلڪل البيلو هلندو وتندو هو. سهڻن سهڻن ڇوڪرن جي ٽولي هميشه پاڻ سان کڻندو هو، جن ۾ ڪي مسلمان ڇوڪرا هوندا هئا، ته ڪي هندو. هر هڪ ڇوڪر تي پنهنجو خاص نالو رکندو هو، مثلاً ڪنهن کي سڏيندو هو طوطو، ڪنهن کي پپيهو، ڪنهن کي بلبل، ڪنهن کي گل گلاب، ڪنهن کي موتي، ڪنهن کي گل لاله وغيره.
بيڪس فقير هميشه ريشمي رنگين ڪپڙا ڍڪيندو هو مثلاً سٿڻ سائي، ته قميص يا پهران ڳاڙهو، ته پٽڪو پيلو وغيره. پٽڪي جو طرو فقير صاحب، ايڏو ڊگهو ڇڏيندو هو، جو هلڻ وقت کڙيءَ سان پيو لڳندو هو. فقير صاحب پاڻ بہ تمام حسين ۽ شڪيل مرد هوندو هو. بيدل فقير کي خيرپور وارو مير صاحب توڙي روهڙي شهر ۽ آسپاس جا بيٺل ماڻهو گهڻو مڃيندا هئا ۽ چڱيءَ طرح ڏيندا وٺندا هئا.
اها ساڳي مڃتا ۽ ڏيڻي وٺڻي بيڪس فقير سان بہ ٿيندي آئي تنهنڪري بيڪس فقير کي گذران جي ڪا بہ تڪليف ڪانه هئي. هو ڪو بہ ڌنڌو ۽ ڪم ڪار ڪونه ڪندو هو. فقط صبح شام ڇوڪرن جي ٽولي ساڻ ڪري بازار مان چڪر ڏيڻ، ميلن ۽ ملاکڙن تي شوق سان وڃڻ، درگاهن ۽ فقيراڻن آستانن تي پنهن جو ٺاهي ڪلام ڳائڻ اها فقير صاحب جي مشغولي هوندي هئي. تڪين ۽ اوتارن ۾ توڙي لعل بازار ۾ موالين ۽ مولائين سان فقير صاحب بي ڌڙڪ محفلون ڪندو وتندو هو. فقير صاحب ڪيڏانهن بہ گهمڻ نڪرندو هو، ته ستار پاڻ سان هوندي هيس، جتي پور پوندو هوس اتي ڳائڻ جي موج لڳائي ڏيندو هو. بعضي بعضي بيهي ڳائيندو ۽ نچندو بہ هو.
بيڪس فقير صاحب پاڪ دل حسن پرست هو، پر نفس پرست بلڪل نہ هو. هو حقاني تجلي ۾ محو ۽ حقيقي عشق ۾ ٽٻ هوندو هو.
بيڪس فقير ڦوهه جوانيءَ ۾ يعني ٽيويهن ورهين جي عمر ۾ تاريخ 5 رمضان شريف سنه 1298ع هجري مطابق 1881ع بنان اولاد وفات ڪئي.
روهڙي شهر جو هڪڙو معتبر سفيد ريش ڳالهه ٿو ڪري ته بيڪس فقير وفات کان ٻہ ٽي ڏينهن اڳ هيءَ ڪافي ٺاهي ڳائي هئي:
ڪافي
ٿل – ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا
ڪڏهن موٽي ملندين راڻا.
مصرعه –”ڪاڪ ڪهاڻي ويل وهاڻي
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا،
ڪڏهن راضي ٿيندي راڻا.“
انهي مصرعه ٻڌڻ شرط ويٺل ماڻهن مان ڪيترن ئي فقير صاحب کي چيو ته ”فقير صاحب انهي ته فال ڪڍڻ سان اوهان قهر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو سخت گفتو نہ ڪڍڻ گهرجي. اها مصرعه مٽايو.“ تنهن تي فقير صاحب فرمايو ته ”ٻولڻ وارو ٻولي چڪو آهي، منهنجو وس ڪونهي“. ائين چئي فقير سائين وري بہ ڪافي ڳائڻ ۾ لڳي ويو.
بيڪس فقير پنهنجي پيءُ بيدل فقير جي نموني تي ۽ ساڳئي فقيراڻي مضمون ۾ ڪلام چيو آهي: ڪٿي ڪٿي ته پيءُ کان بہ وڌيڪ تيز جذبا ڏيکاريا اٿس. پڻس وانگر ڪي ڪافيون سرائڪيءَ ۾ ۽ ڪي سنڌيءَ ۾ ٺاهيون اٿس.
اسين بيڪس فقير جون ٽي چار سنڌي ڪافيون هيٺ ڏيون ٿا، جن مان فقير صاحب جا جذبا ۽ خيال چڱيءَ طرح معلوم ٿي سگهندا.
(1) ڪافي هڪ ٺپي (سر کنڀات)
نت نهاريان راهه – اديون اباڻن جي
1- ٻن عمر جا باغ باغيچا
هت گلزاريون ڪيون گاهه.
2- مارئي ماندي قسمت آندي
سانگي ساري ساهه.
3- جيئري ويڙهيچن وساريو
جا وڻي سا واهه.
4- بيڪس قسمت قلم وڇوڙيو
اهڙي ڪئي ته الله.
(2) ڪافي (روپ ڪوهياري)
ڪميني ڪيچن ڏي روحاني رڙندي
رند وٺي رڙندي يار.
1- ڏاڍا ڏونگر ڏيهه جا
چاڙهيون هيءَ چڙهندي يار.
2- ڏيئي باهه ڀنڀور کي
سورن ۾ سڙندي يار.
3- رَمي هلندي راهه راهه ڏي
مرن ۾ مرندي يار.
4- بيڪس باهه برهه جي ڏسي
نار ڏرني يار.
(3) ڪافي هڪ ٺپي (سر پورب)
عشقئون ٿو عبد سڏايان – آهيان الله
1- هتڙي ٻانهون بانهن جئان
هتڙي شاهنشاهه.
2- هتڙي ماٺ ماٽ ميان الا،
هت دهشت جو درياهه.
3- ”الانسان سري و آنا سر“ الا
عاشق ٿيا آگاهه،
4- بيڪس رک تون دل ۾ بلڪل
وحدت جو ويساهه.