Jump to content

سائو پن يا ڪارو پنو/باب اٺون

From Wikisource
سائو پن يا ڪارو پنو (1965)
by مرزا قليچ بيگ
باب اٺون: منهنجون عادتون، خواهشون، خيال ۽ رايا (ڀاڱو پهريون)
320184سائو پن يا ڪارو پنو — باب اٺون: منهنجون عادتون، خواهشون، خيال ۽ رايا (ڀاڱو پهريون)1965مرزا قليچ بيگ

هن بابت ۾ آءُ پنهنجي اولاد جي واقفيت لاءِ پنهنجي هلت چلت، پنهنجن عادتن، راين ۽ خيالن بابت ٿورو ذڪر لکندس، ڪي ته مٿئين لکئي مان به معلوم ٿيو هوندو، وڌيڪ هتي ڏجي ٿو.

محبت، ادب ۽ اخلاف
ننڍي هوندي جون عادتون مٿي به ڏنل آهن اسان سڀئي ڀائر ۽ ڀيڻن جي پنهنجي ماءُ پيءُ سان ۽ پنهنجي پاڻ ۾ گهڻي محبت رهندي هئي، جهڙو ماءُ، پيءُ جي جيتري تهڙو پوءِ اها ڳالهه آسپاس مشهور هئي ۽ سڀ ڪنهن کي معلوم هئي ۽ چوڻي ٿي ويئي هئي ته اهڙي محبت ٻئي ڪنهن گهر ۾ ٿوري هوندي مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي صبح جو ننڍ مان اٿي پهرين ماءُ ۽ پيءُ کي پيرين پوندا هئاسين ۽ هو اسان کي دعا ڪندا هئا، بابي جي وفات کانپوءِ امان کي پيرين پوندا رهندا هئاسين، اڪثر هنن جي حڪم ۾ رهندا هئاسين ۽ هنن کي راضي رکڻ ۽ رنج نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين، وري جيڪي ننڍا ڀائر هئا سي به وڏن جي ادب ۾ رهندا هئا، مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن اسان جي ماءٌ پيءُ اسان کي هٿ سان يا لڪڻ سان ماريو، بلڪه اسڪول ۾ مڪتب ۾ به مار ملڻ جي يادگيري نٿي اچي، انهي ڪري اسان کي ننڍي هوندي کان پنهنجي عزت آبرو جي ڳڻتي رهندي هئي، ايتري قدر جو اسڪول ۾ يا ٻئي هنڌ دوستن سان به حد کان وڌيڪ گستاخي نه ڪندا هئاسين ۽ نه هنن سان ڪنهن جي گستاخي دست درازي يا اجايو چرچو گهٻو يا ٽوڪ سهي سگهندا هئاسين، هنن کي انهي ڳالهه جي خاطري ٿي وئي هئي، تنهن ڪري هو به اسان سان چڱي رستي هلندا هئا، اسان سڀني ڀائرن جي پنهنجي زالن ۽ ٻارن سان گهڻي محبت رهي آهي ۽ هميشه انهن جي تعليم ۽ اخلاق جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهيون، ننڍي هوندي کان وٺي ٻارن کي آءُ زال هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ نه ڳالهائڻ ۽ گار گند يا اجائي لفظ واتان نه ڪڍڻ جو تاڪيد ڪندا آهيون، هنن کي هر روز رات جو سمهڻ مهل خدا کان دعا گهري پوءِ وڃي سمهڻ جي عادت وڌي اٿئون، اها دعا هنن کي ياد ڪرائي وئي آهي، ۽ شروع ۾ ماءِ يا وڏي ڀيڻ انهن سان گڏ دعا گهرندي آهي وڏيرڙي ٿيڻ تي نماز ۽ قرآن پڙهڻ جو تاڪيد ڪند آ آيا آهيون، ۽ ماني کائڻ جي شروع ۾ بسم الله چوڻ ۽ کائي اٿڻ تي الحمد الله يا شڪر الله چوڻ سيکاريو اٿئون، جو اسين پاڻ به ائين ڪندا ‎آهيون، ننڍي هوندي اسين سڀ ڀائر ۽ ڀيڻيون رات جو گڏجي مناجات يا دعا جا بيت سر مان ڳائيندا هئاسين ۽ اهي منهنجون ٺاهيل مناجاتون منهنجي ڪتاب ”سوداي خام“ ۾ موجود آهن، منهنجي پنهنجي اولاد سان گهڻي محبت آهي پر ٻاهر ماڻهن جي روبرو ظاهر نه ڪندو آهيان، حرڪت ڪرڻ جي ڪري هنن کي ڇينڀيندو آهيان پر هاڻي جڏهن گهڻا ٿيا آهن تڌهن البت ماريندو به آهيان، اگرچه پوءِ پيشيمان ٿيندو آهيان، وڏي پٽ کي ولايت موڪلي سگهيس، جو بئريسٽر ٿي آيو ۽ ننڍو نه وڃي سگهيو، بلڪه هتي جي مٿانهين تعليم به پوريس حاصل ڪري نه سگهيو، ٻيا ننڍا ڪي انگريزي ڪي سنڌي پيا پڙهن ڌيئرن کي به ضروري تعليم ڏني وڃي ٿي،

عزيزن سان هلت.
عزيزن، خويشن ۽ پاڙي وارن سان اسين هميشه کان چڱي هلت رکندا آيا آهيون، ڪن خانگي ڳالهين جي ڪري پنهنجي هڪڙي مامي سان اسان جي ناسازي ٿي پئي هئي جا افسوس ته اڃا تائين هلي اچي، اگرچه ظاهري ڪري اها معلوم نه ٿيندي هوندي، انهي ناسازي جي ڪري اگرچه هو اسان کي تڪليف ۽ نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهن ته به اسين (خاص طرح آءُ) آبرو بچائڻ لاءِ مناسب احتياط ۽ اپاءُ ضروري ڄاڻي وٺندا آهيون، ساڳي طرح منهنجي وڏي نيڻي ۽ وڏيپٽ جي شادي وقت ڪن خانگي ڳالهين جي ڪري منهنجي ۽ منهنجي اولاد ۽ ادي مرزا صادق علي بيگ ۽ انهن جي اولاد جي وچ ۾ ناسازي ٿي پئي هئي، پر پوءِ ڪجهه عرصي بعد وري پاڻ ۾ ٺهي وياسين، منهنجي هميشه اها عادت آهي ۽ اهڙي راءَ آهي ته اهڙي حالت ۾ حسد ۽ ڪيني رکڻ ڪري پاڻ سازي وڏي ٿي، تنهن ڪري قبر ڪري گذاريندو آهيان ۽ ڄاڻيندو آهيان ته بڇڙائي ڪندڙ کي پاڻهي آڏو ايندي، هن کي بدلو ڏيڻ يا ضد ڪرڻ مناسب نه احي، انهي مروت جي هلت ڪري امڪان آهي ته ڪي دشمن دوست به ٿي پون، نه ته به هو شرمنداته بيشڪ ٿيندا، سعدي چيو آهي ته

بنده حلقه بگوش ارننوازي برود.
لطف کن لطف که بيگانه شود حلقه بگوش.

انهي بابت منهنجا به ڪي بيت آهن.

مون برائي مان ڀلائي سدا آهي ڏٺي.
ياالهي رک تو بدخواهن کي منهنجي خوش سدا.

فيض جو تون سبق ڪڪر کان سک.
کارو وٺ، ڏي مٺو تون موٽائي.

ماڻهن کي گار جو آءُ دعا سان ڏيان جواب.
آهيان ڪڪر، جو کارو وٺان ۽ مٺو ڏيان.

ظلم ليکيو نه ڪنهن به دشمن جو.
چشتم پوشي سپر اسان جي آهه.

جيڪي غريب مائٽ آهن تن کي مدد ڏيڻ جي بلڪه ٿوري گهڻي ماهياني ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي اٿم، ۽ پنهنجي مال ملڪيت ۾ انهن جو توڙي پنهنجن ڀائرن جي ٻارن ٻچن جو حق پئي سمجهيو اٿم.

روز مره جا نيم.
جي ڏينهن کان وٺي سنڌي ايا انگريزي اسڪولن ۾ پئي پڙهيو آهيان، يا پوءِ ڪاليج ۾ پئي پڙهيو آهيان، تن ڏينهن کان وٺي منهنجي اها عادت ٿي رهي آهي ته صبح جو سوير اٿي نماز پڙهندو هوس ۽ دعا گهرندو هوس ۽ قرآن پڙهندو هوس، ٻين وقتن جون نمازون به ڪوشش ڪري پڙهندو هوس، اگرچه اسڪول جي ڪمن ڪري بعضي فرصت نه ملندي هئي پر جڏهن ڪاليج ڇڏي اچي ويٺس يا پوءِ نوڪري شروع ڪيم، تڏهن کان وٺي سڀني وقتن جي نماز برابر پڙهندو اچان ۽ صبح جو هر روز قرآن به ضرور پڙهندو اچان، ورهين کان منهنجي هر روز جي اها عادت ٿي رهي آهي، ته اسر جو ٽين چئين بجي ڌاري ضرور پاڻهي جاڳندس ۽ اٿندس ۽ هٿ منهن ڌوئي وضو ڪري تهجد جي نماز پڙهان، ان کان پوءِ اڌ ڪلاڪ کن فڪر ڪريان، يعني خدا جي قدرت ۽ حڪمت وغيره بابت محو ٿي خيال ڪريان ۽ پوءِ ويهي قرآن جو دور ڪريان، جيڪي قرآن مان پڙهندو آهيان سو اڪثر سمجهندو ويندو آهيان، جو عربي ايتري قدر پڙهيو آهيان ۽ قران هميشه معني ۽ تفسير وارا پڙهيا اٿم، جنهن جي معني سمجهندو آهيان، قرآڻ پڙهڻ کانپوءِ وظيفا پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ ڪو حديث جو يا ٻيو ڪو ديني يا تصوف جو ڪتاب پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ به جي صبح ٿيڻ ۾ اڃا وقت هوندو آهي ته ويهي ڪو ڪتاب لکندو آهيان، پوءِ فجر جي نماز پڙهي گهمڻ ويندو آهيان، نوڪري واري عرصي ۾ سرڪاري ڪم شروع ڪندو هوس ۽ هاڻي پنهنجو خانگي ڪم يعني ڪتابن لکڻ جو ڪم ڪندو آهيان، ٻنپهرن جي ماني کائي آرام وٺندو آهيان، پر سمهندو نه آهيان، ڇاڪاڻ ته ڏينهن جو اڪثر مون کي ننڍ نه ايندي آهي، ٽين بجي نماز پڙهي وري اچي سرڪاري ڪم شروع ڪندو هوس، ۽ هاڻي پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم ڪندو آهيان، اڳي وچين جي نماز پڙهي نوڪري وقت ٽپال صحيح ڪندو هوس، ۽ هاڻي اڪثر ٻاهر نڪري ويهان ۽ اخبارون پڙهان يا ڪو ٻيو ڪتاب ڏسان، سج لهڻ کانپوءِ گهر ۾ نماز پڙهي ٻارن سان ڳالهيون ڪريان يا هنن کي پڙهايان، ۽ سومهڻي جي نماز ماني کائڻ کانپوءِ پڙهي سمهي رهان، اڪثر سوير سمهندو آهيان، يعني نائين ڏهين بجي ۽ وري سوير ٽين چئين بجي اٿندو آهيان، جي ڪنهن سبب ڪري ڏهين بجي نه سمهندس يا جاڳندس ته پوءِ اڪثر ننڊ نه ايندي اٿم ۽ رات بي آرامي ۾ گذرندي اٿم.

عبادت جو رستو.
مٿي چيو اٿم ته اسر جو اٿي ذڪر ۽ فڪر ڪندو آهيان، يعني خدا کي ياد ڪندو آهيان ۽ انهي جي حڪمت تي ويچار ڪندو آهيان، حديث ۾ آهي ته

ڪرڻ ويچار سان هڪڙي ساعت.
ٿيو بهتر کان ستر ورهين جي طاعت.

پهرين ته قرآن پڙهڻ کانپوءِ وظيفا پڙهندو آهيان، جن ۾ به خدا جي تعريف ۽ قدرت جو بيان آحي، انهيڪ ڪم لاءِ ”جواهر القرآن“ ”جوشن ڪبير“ ۽ ”جوشن صغير“ پڙهندو آهيان، هر هڪ ڪتاب جا ست حصا ورهائي ڇڏيا اٿم، جن مان هفتي جي جدا جدا ڏينهن تي جدا جدا ڀاڳو پڙهندو آهيان، فڪر يا خيال ڪرڻ لاءِ ڪي فقرا مقرر ڪري ڇڏيا اٿم، جن مان هڪڙو هڪڙو واري سان زبان سان چوندو ۽ انهي جي مضمون بابت خيال ڪندو آهيان، ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪندو آهيان جو ڄاڻنو آهيان ته رڳو زباني ذڪر ڪرڻ ۽ وظيفو پڙهڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي:

خدا جو ذڪر تون ڪر دل سان، نا ته طوطو پڻ،
زبان سان خدا کي ڪريم ٿو ڪوٺي

آرسي جو رکون مذهن نه ڪريون خلق ڏي ميل،
منهن جنهين جو نه ڏسون، تنهن ڏي ڪريون ڪا نه نگاهه.

اهي فقرا هي آهن، پهرين ”سبحان الله“ جنهن جي چوڻ وقت خدا تعاليٰ جي پاڪائي ۽ ان جا مثال پيو ويچاريندس ته ڪئين پاڪ آهي ۽ ڪيئن اسان کي به پارڪ رهڻ کپي، انهي بابت ڪتابن ۾ گهڻو پڙهيو اٿم، تنهن ڪري اهڙي فڪر يا خيال ڪرڻ ۾ آساني ٿي ٿئي، وري ”الحمد لله“ زبان تي آڻيان، ۽ دل ۾ خدا جي قدت جا مثال ياد ڪريان، آسمان ۽ هوا ۾ ۽ زمين تي عالم نباتات ۽ ان جا قسم ۽ هزارين گل ڦل، ميوا وغيره عالم حيوانات ۾ هزارين نمونا، تمام باريڪ جيتن کان وٺي وڏي قد وارن جانورن تائين سرندڙ جانور، پاڻي جا جانور، هزارن قسمن جا پکي، جهنگلي جانور، انسان ۽ انهن کان مٿي عالم ارواح، جن ۽ ملڪ وغيره انهن بابت ڌار ڌار سنڌي ۾ ڪتاب به لکيا اٿم، تنهن ڪري انهي ويچار ڪرڻ ۾ به آساني ٿيندي اٿم، پنجن منٽن ۾ اکيون پوري اهي سڀ خيال سير ڪري وٺندو آهيان.

جڏهن اکيون کوليان، تماشو تڏهن دنيا جو ڪريان،
جڏهن اکيون پوريان، تڏهن آءُ سير عقبيٰ جو ڪريان.

ٽيون فقرو يا ڪلمون ”شڪر الله“ زبان تي آڻيان ۽ دل ۾ خدا تعاليٰ جون نعمتون ۽ مهربانيون ياد ڪريان ۽ انهي جو شڪرانو ڪندو وڃان، جيئن ته هن مون کي هيستائين جيئرو ۽ تندرست رکيو، ڪشادو رزق ڏنو ۽ عزت آبرو ڏنائين، عبادت جو شوق ۽ ميل ڏنائين، اسلام جي هدايت ڪيائن، ۽ ٻار ٻچا ڏنائين، ۽ عزيز خويش ڏنائين، جنهن ڪري وقت خير سان ۽ چڱي طرح پيو گذري، انهي خيال ڪندي پنهنجي هاڻوڪي ۽ گذري حالت پنهنجي ۽ ڪن ٻين گهٽ يا ضعيف حالت وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۽ مقابلو ڪري خدا جو شڪرانو ڪندو آهيان، پوءِ وري ڇوٿون ڪلمو ”استغفر الله“ جو زبان تي آڻيان، ۽ دل ۾ پنهنجا ڏوهه ۽ گناهه جي سجهن سي ياد ڪريان ۽ انهن لاءِ خدا کان معافي گهران، ۽ آئنده لاءِ توبهه ڪريان، خدا جي حڪمن جي نافرماني ۽ ماءُ پيءُ ۽ ٻين عزيزن، دوستن ۽پاڻ جهڙن انسانن جا جيڪي حق آهن سي بجا نه ڪيا اٿم يا انهن کي مدد نه ڏني اٿم يا انهن کي رنج ڪيو اٿم يا انصاف جي ڪم ڪرڻ ۾ غلطييي يا ڀل ڪئي اٿم يا پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو اٿم، يعني نفس ۽ شيطان جي چئِي تي لڳي حرڪتون ۽ خرابيون ڪيون اٿم، ۽ ٻين کي پنهنجي فائدي خاطر ايذا يا نقصان پهچايو اٿم، انهن سڀني ڳالهين کي ياد ڪري پشيمان ٿيندو آهيان، ۽ توبهه ڪندو آهيان، بلڪه انهي وقت روئي به ڏيندو آهيان.

ٿيو عبٽ تسبيح ڦيرائڻ اکين جو آب ري،
ريج ڌارا ڏس ادا ساواڪي داڻا ٿي سگهن.

منجهه جواني عمر اڪثر منهنجي ناداني ۾ وئي،
جيڪا پوءِ باقي بچي، سا پڻ پشيماني ۾ وئي.

پوءِ وري ”لاالهٰ الا الله ۽ ”الله اڪبر“ جا فقرا پڙهان ۽ ويچاريان ۽ انهن جي معني تي ويچار ڪريان ۽ خدا جي وحدت ۽ وڏائي بابت خيال ڪريان ۽ ڄاڻان ته دنيا ۾ خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود يا مقصد يا مطلوب بلڪه موجد اصل ڪونهي ۽ نه هئڻ گهرجي، پڇاڙي ۾ پنهنجي نبي جي ڪيل هدايت تي ويچار ڪريان ته هن خدا جو رستو ڏيکاريو، يعني اسلام تي آندو، جنهن ڪري بت پرستي ۽ گمراهي کان بچيس ۽ انهن لاءِ هن جي نسبت ۾ شڪر گذاري ڪريان، ۽ صلوات پڙهان، اڪثر انهي خيالي ڪم لاهڻ کانپوءِ خدا جا جدا جدا ذاتي ۽ صفاتي نالا ديا ڪري انهن جي معني سمجهان ۽ پوءِ کانئس دعا گهران، دعا به پنهنجي لاءِ ٺهرائي ڇڏي اٿم، پهرين پهنهنجي پيءُ۽ ماءُ جي، ڀائرن ۽ ڀيڻن جي ۽ پوءِ ٻين عزيزن جي حق ۾ دعا گهران، جيئرن جي لاءِ به ۽ مئن جي روحن لاءِ به ته شل خدا انهن کي بخشي ۽ بهشت نصيب ڪري، پوءِ پنهنجي حق ۾ خدا کان دعا گهران ته مون کي بڇڙن ڪمن، بڇڙن خيالن ۽ بڇڙن قولن کان بچانئجين، نفس ۽ شيطان جي پلڻ جي طاقت ڏجئين، تندرستي ڏجئين، علم ۽ حڪمت نصيب ڪجئين، هدايت جو رستو ڏيکار جئين، پنهنجو عشق ۽ محبت ڏجئين ۽ دنيا جي محنت کان پري رکجئين، اهي ڪم ڪرائجئين جن ۾ تون راضي رهين، چڱن ڪمن ڪرڻ جي همت ۽ توفيق ڏجئين، موت نزديڪ آهي، موت جي گهڙي آسان ڪجئين، عذاب قبر جي کان ۽ عذاب آخرت جي کان ۽ عذاب جهنم جي کان بچائجئين، ايمان سان مارجيئن ۽ آخرت موچاري ڪجائين، ۽ وري حشر ۾ صالحن ۽ نيڪن سان اٿارجيئن، زالن ۽ ٻآرن ٻچن جو خير ڪجئين، ۽ انهن کي تندرست رکجئين ۽ وڏي حيات ڏجيئن ۽ صالح ڪجئين، عزيزن خويشن ۽ دوستن ۽ پاڙيوارن بلڪه ساري جهان جو خير ڪجئين، صبح جي وقت چوان ته جيئن رات خير سان گذري تيئن اڄ ڏينهن به خير سان گذاري رات ڪجئين، ۽ اڄ چڱا ڪم ڪرائجين ۽ چڱي مت ڏجيئن ۽ انصاف جا ڪم ڪرائجئين ۽ خلق کي فيض پهچارائجئين، رات جو سهمڻ وقت انهي هنڌ وري چوان ته جيئن خير سان ڏينهن گذاري رات ڪيئي تئين رات به خير سان گذري ڏينهن ڪجئين، آءُ سمهان ٿو تون منهنجي سنڀال ڪجئين جي رات جي عرصي ۾ منهنجو موت لکيل هجي ته منهنجي روح توکي پرتو آهي ۽ منهنجي پونين جي سنڀال ڪجئين، اها آهي منهنجي دعا ۽ منهنجي عبادت جنهن جي موت کي ننڍي هوندي کان عادت ٿي رهي آهي، انهي جي هتي مفصل بيان جو سبب اهو هو ته مهنجي اولاد کي خبر هجي ته آءُ ڪيئن عبادت ڪندو آهيان ۽ جي پاڻ يا ڪو ٻيو پڙهندو چاهي ۽ انهي کي پسند ڪري ته اهو به ڀلي ڪري اهڙي مضمون جي مختصر دعا رات جو ٻارن کي به سيکاريندو آهيان، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، دعا ۾ ڇا گهرجي تنهن بابت پنهنجو هڪڙو قطعو يارهين باب ۾ ڏنو اٿم.

نماز ۽ روزا.
نماز کانسواءِ روزن رکڻ جو شوق به مون کي گهڻو رهندو آهي، ۽ کائيندو به هميشه پورو پنو ۽ ٿورو آهيان، پيٽ بري نه کاندو آهيان، اسين سڀ ڀائر ۽ ڀيڻون ننڍي کان ئي رمضان جا روزا رکندا آيا آهيون.

کائين جي تون گهڻو ته فيل ٿئين،
کائين ٿورو ته جبرئيل ٿئين.

ڪڏهن ڪڏهن ته آءُ رمضان کان هڪ مهينو اڳ يعني شعبان ۾ به روزا رکندو آهيان، جي ڪنهن ڏينهن مهمان هئڻ ڪري يا ٻئي طرح شادي يا ڪنهن ٻي مجلس ۾ زياده کائي ويهندو آهيان ته انهي جي ٻئي ڏينهن روزو رکندو آهيان، روزو رکڻ انهي لاءِ پسند ڪندو آهيان ۽ نفس جي خواهشن روڪڻ جي چڱي استعمالي ٿي ٿئي ۽ بک اڃ جي تڪليف جي خبر ٿي پوي ۽ جيڪي مسڪين لاچا بک ۽ اڃ ۾ ٿا رهن، تن جو قدر پوي ۽ خدا جي شڪر گذاري ادا ڪرڻ ۽ انهن مسڪينن کي خيرات ڏيڻ جو تاڪيد ٿئي، نمازون ڪوشش ڪري پوري وقت تي پڙهندو آهيان، مگر جڏهن ڪو سرڪاري نوڪري جو ڪم هوندو آهي يا ڪنهن سبب ڪري مونجهارو ي ڳڻتي رهندي آهي يا ڪو ملاقاتي يا ڪم وارو سيڙهيو ويٺو هوندو آهي ته اهو ڪم لاهي فارغ ٿي پڙِهان، صبح جي نماز ته اڪثر پوري وقت تي پڙهندو آهيان، سفر ۾ يا اگگاڏي ۾ جڏهن آساني سان نماز پڙهي نه سگهندو آهيان تڏهن نماز جي وقت تي اکيون پوري دل ۾ نماز پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ منزل پهچڻ تي رهيل نمازون قضا ڪري پڙهندو آهيان.

زڪوات ۽ خيرات.
نماز ۽ روزي کان سواءِ زڪوات به ڪوشش ڪري ڏيندو آهيان، يعني جيڪا رقم هڪ سال ۾ برابر بچندي رهندي آهي ته انهي جو چاليهو حصو سال ۾ هڪڙو ڀيرو ٺهرايل وقت تي خيرات ڪري مسڪينن کي ڏيندو آهيان، يا چڱن ڪمن ۾ لڳائيندو آهيان، جيڪي يتيم ٻار يا بيواهه زالون، عزيزن مان يا پاڙيوارن مان يا ڪي ٻيا مسڪين هوندا تهن کي ماهواري ڪجهه خيرات طور مقرر ڪري ڏيندو آهيان، جيڪي فقير پنڻ لاءِ ايندا آهن تن کي سواءِ ڇينڀڻ ي ڪرڪڻ يا ڪي چوڻ جي جيڪي بچي سگهندو آهي سو ڏئي روانو ڪندو آهيان، اگرچه ڪي حجت ۽ تڪرار به ڪندا آهن ۽ چڙهندا به آهن ته به آءُ ڪوشش ڪري انهن تي نه چڙندو آهيان، ڪو مهمان ايندو آهي ته گهڻو خوش ٿيندو آهيان، ۽ هميشه اهو انتظار رهندو اٿم ته پهرين هو سکيو ٿئي پوءِ اسان کي ٿيڻ گهرجي، گهر ۾ زال کي ۽ ٻآرن کي به هميشه اهڙو تاڪيد ڪندو آهيان جي اوچتو يا بي وقت ڪو مهمان اچي ويندو آهي ته پهرين پنهنجي ماني انهي کي ڏيئي ڇڏيان پوءِ ٻي ڪا بچيل آءُ کان دل ۾ مون کي هميشه اها خوشي رهندي آهي ته جي وسعت هجي، پورو بندوبست رکي سگهجي ته هميشه مهمان پيا اچن ۽ وڃن، ايراني يا عرب يا هندستان جي ٻين ڀاڱن جا مسافر گهڻا ايندا آهن ۽ ڪي اچي ڳچ ڏينهن مهمان رهي پوءِ خيرات وٺي ويندا آهن، انهن کي خاص طرح آبرو ڏيندو آهيان ۽ ڪوشش ڪري انهن کي خوش ڪري روانو ڪندو آهيان، بعضي ٻاهران آيلن دوستن کي سڏي مهماني ڪندو آهيان، ۽ انهن سان گڏ ٻين عزيزن کي به سڏي کارائيندو آهيان، مگر آءُ ڪوشش ڪري ڪنهن جو مهمان ٿيڻ نه گهرندو آهيان، بلڪه جي ڪٿي ماني لاءِ سڏ ٿيندو اٿم ته اتي به ڪو عذر ڏئي نه ويندو آهيان ۽ جتي وڃڻ ضروري هوندو آهي جيئن مرڻي يا پرڻي جي ماني تي ته گهڻو ڪري پنهنجي هڪڙي پٽ کي پنهنجي طرفان وڃڻ لاءِ چوندو آهيان.

مذهب ۽ فرقا.
مذهب جي خيال سان اسين ميرزا شيعا آهيون، يعني جعفري يا اثنا عشري، بابو ۽ نانو مرحوم ننڍي هوندي پنهنجي وطن مان نڪري پهرين ايران ۾ رهيا جتي شعين جي مذهب جي تعليم ملين، وري جڏهن سنڌ ۾ آيا تڏهن به مير صاحب ٽالپرن وٽ رهيا، جي پڻ شيعي مذهب جا هئا، تنهن ڪري پڇاڙي تائين انهي مذهب ۾ رهيا، يعني نبي ۽ نبي جي اولاد سان گهڻي محبت هوندي هين ۽ ٻين سڀني کان حضرت نبي ۽ علي انهن جي اولاد سان يعني پنجتن ۽ آل عباس کي زياده شرف وارو سمجهندا هئا، سنڌ ۾ رهڻ ڪري اسان جو توڙي اسان جي وڏن جو اهل سنت سان گهڻ واسطو رهيو، تنهن ڪري انهن جي اڳيان تعصب ظاهر ڪرڻ پسند نه ايندو هو، ۽ سني امام يا پيش نماز جي پٺيان به نماز پڙهندو هو ۽ اڪيلو پنهنجي منهن شيعن واري نماز به پڙهندو هو، يعني هٿ ڇوڙي جيتوڻيڪ آل نبي سان حد کان زياده محبت هيس، تڏهن به مون کي ڪڏهن کيس يارن ۽ اصحابن جي نسبت ۾ اجايو سجايو ڳالهائيندو نه ٻڌو، اسين ڀائر به ائين ڪندا اچون، اگرچه اسان مان ڪي شعي مذهب جا زياده پابند آهن ۽ ڪي سنين سان به ظاهري طرح شامل ٿيندا آهن، جيئن ته جمعي يا عيد جي نماز وقت يا ٻين وقتن تي سني جماعتن سان نماز پڙهن وقت مون کي ٻين مذهبن جي ڪتابن پڙهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو آهي، اگرچه منهنجن ڪن عزيزن کي ايندو آهي، مون کي پاڻ شوق رهندو آهي ته ٻين مذهن جا ڪتاب پڙهان ۽ انهن جي اصولن جو اسلام جي اصولن سان مقابلو ڪريان، انهي خيال سان شيعن جا مذهبي ڪتاب توڙي سنين جا ڪتاب گهڻا پڙهيا اٿم، ۽ طرفين جي ٻارن لاءِ ٻنهي مذهب جا ڪتاب به لکيا اٿم، جيئن ته توريت، انجيل، زبون، ٿياسفي وغيره انهن جدا جدا مذهبن جي اصولن ڄاڻڻ ڪري صوفين واري ڳالهه پوري طرح ثابت ٿي ٿئي ته سڀني مذهبن جو اصل اصول هڪڙو ئي آهي يعني خدا جي وحدت ۽ مخلوقات جي ڪثرت ۽ خدا جي حڪم جي تابعداري ۽ فرمانبرداري جنهن کي ”اسلام“ ٿو چئجي، ۽ مذهبن جي بانين يعني پيغمبرن ۽ اوليائن جي تعظيم پر پوءِ رفتي رفتي ظاهري رسمن ۽ قومي ڀرمن ۽ خاصيتن ڪري تفاوت پئجي ويا آهن، ۽ علحدا علحدا فرقا ٿي ويا آهن، انهي مدنظر تي تصوف وارو مذهب ”صلح ڪل“ جو سڀ کان بهتر آهي، جو نج اسلام آهي، ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا، ۽ جنهن موجب سڀ انسان فرق کانسواءِ هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا.

ويندي جنهن مذهب ۾ تون، ڏسندين اتي جهيڙو ۽ جنگ.
جي هجين آرام جو طالب ته صلح ڪل ۾ آهي.

ڪيو تعصب ڌار ٻاهر هندو ۽ مسلم جو ٿانو،
نه ته اندر ميخاني ۾ ساق به هڪ پيالو به هڪ.

انهي بابت منهنجون ٻيو شعر به آهي ته گهڻا ٻيا علحده شعر به آهن جي ٻارهين باب ۾ ڏنا اٿم.

منهنجو مذهب.
يعضي ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟ سني آهين يا شيعو آهين، يا وچون ڪو ٻيو مذهب اٿئي؟ تنهنجو پير يا مرشد ڪير آهي؟ اهڙن وقتن تي آءُ منجهي ويندو آهيان ۽ نيٺ چوندو آهيان ته آءُ سني به آهيان ۽ شيعو به آهيان، بلڪه سڀني مذهبن جو آهيان، سڀني مذهبن جا اصول ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب لکيا اٿم ۽ سڀني سان تعصب کان سواءِ گذاريندو آهيان، آءُ ڄاڻندو آهيان ته دنيا ۾.

ڪعبو، بتخانو ٻئي آهن درڪار،
جند کي ٿا کپن ٻه پهڻ ضرور.

آل انڊيا شيعا ڪانفرنس جو ميمبر آهيان، بلڪه سندن مرڪزن ڪميٽي جو به ميمبر آهيان، سنڌ جي خاص حيدرآباد جي انجمن اماميه يا شيعن جو به ميمبر آهيان، بلڪه اڳي انهن جو وائيس پريزيڊنٽ به هوس، حيدرآباد جي انجمن اسلاميه يعني شيعن ۽ سنين ٻنهي جي يعني عام مسلمانن جي جماعت جو به ميمبرآهيان ۽ اڳئي وائيس پريزيڊنٽ به هوس، مرثيا ۽ منقبت پڙهندو آهيان ۽ لکيا اٿم، نماز به شيعن توڙي سنين وانگي پڙهندو آهيان، پنجتن ۽ انهن جي اولاد سان به خاص محبت رکندو آهيان، ليڪن يارن ۽ اصحابن کي بد نه چوندو آهيان، بلڪه ٻين سڀني مذهبن جي اصلي بانين کي تعظيم ڏيندو آهيان، اوليائن ۽ صوفي درويشن کي عزت جي نگاه سان ڏسندو آهيان، ۽ انهن جو ڪلام گهڻو پڙهندو ۽ پسند ڪندو آهيان، منهنجا پير ۽ مرشد اهي ئي آهن، يعني حضرت نبي صه ۽ علي عه انهن جو اولاد ٻيا اوليا ۽ بزرگ انهي ڪري مون چيو ته نڪي سني آهيان نڪي شيعو آهيان، يا ته ٻئي آهيان انهي خيالن سان نوڪري جي وقت يا انهي کان ڳي توڙي پوءِ هتي ڪو مشهور عالم فاضل يا ڪو پير ۽ فقير يا ڪو درويش ي صوفي بزرگ ٻڌندو آهيان ته وڃي انهي کي ڏسندو آهيان ۽ انهي جي صحبت ڪندو آهيان.

منجهه تصوف ٻير وانگي، ڪاملن سان ڳنڍ رک،
ڏس ته ڪيئن پيوند سان، سنڌي به صوفي ٿيو پوي.

بلڪه جيڪي بزرگ ۽ اولياءَ فوت ٿي ويا آهن ۽ جن بابت ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم يا جن جي تعريف ٻڌي اٿم تن جي درگاهن ۽ مقبرن تي وڃي زيارت ڪئي اٿم، گهڻو ڪري سنڌ جون اهڙيون سب مشهور درگاهون ڏٺيون اٿم جڏهن ڪوٽڙي ڊويزن ۾ هوس تڏهن ڪوهستان لنگهي پٻ جبل ۽ به لنگهي لاهوت به وڃي ڏٺم، ۽ اتي جيڪا شاهه بلال جي درگاه آهي تنهن جي زيارت ڪيم، انهي بابت به منهنجو فارسي ۽ سنڌي شعر آهي جو ”سوداي خام“ ۾ ڏنل آهي نوڪري جي وقت پنهنجي حد اندر اهڙن درگاهن جا بيان لکي ڪمشنز صاحب، مسٽر جيمس جي لکڻ موجب ڏانهس موڪليا هئم، منهنجو هميشه اهو خيال آهي ته.

سڀ کان مرشد چڱو صفا سينو،
ٿو سيکاري مٺوءَ کي آئينو.

اک ۽ دل توکي ملي، آڏو کليئي عالم جو باب،
ڪهڙو ٻيو استاد گهرجي، ڪهڙو ٻيو گهرجي ڪتاب

چوي مون کي مسلم ٿو، ڪو ڪافر ٿو چوي ڪارو،
حقيقت دين منهنجو ٿيو بهتر مذهن وارو